• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد سال 1985 86 جون يادگيريون (3)

عبدﷲ جروار

سينيئر رڪن
ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ گذاريل هڪ سال جون يادگيريون (3)
تحرير : عبدالله جروار

ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ ٽريننگ جو عرصو به شاندار رهيو. ڪلاسن ۾ استاد ناهي ته گوڙ گهمسان ڪچهريون ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ ٻاروتڻ جي دنيا ۾ هليا ويا آهيون . سائين محمد عمر عمراڻي صاحب جن هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ چيو ته "توهان جو ڏوھ ناهي، جيڪي بئنچن تي ويهندا آهن. اهي پاڻ کي ٻار محسوس ڪندا آهن. اهو توهان جو ڏوھ ناهي بئنچن جو آهي جنهن تي توهين ويٺا آهيو" اهڙيون دلچسپ ڳالهيون ٿينديون رهنديون هيون. علم نفسيات جو استاد پيشي سان گهٽو تعلق آهي. جنهن سان ٻار جي رجحان، مزاج، حرڪتن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي. ان بابت هڪ ڪتاب به ڏنو ويو هو. سبجيڪٽ ٽيچر بهتر انداز ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ٽريننگ ڪاليج ۾ استاد پيشي کي سکڻ سمجهڻ جا وڏا موقعا آهن. سال جي ٽريننگ استاد جي مزاج توڙي ڊيوٽي، وقت جي پابندي ڪلاس يا اسڪول کي بهتر نموني هلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي.
ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد کي علم ۽ ادب جو ڳڙھ چئجي ته وڌاء نه ٿيندو. ڪيتريون علمي ادبي شخصيتون هن اداري ۾ موجود هيون. جن ۾ سائين حيدر علي لغاري، سائين لائق سنڌي، سائين فتاح هاليپوٽو، سائين محمد شريف طالب، سائين ڊاڪٽر عبدالجبار مغل صاحب. سائين قمر سومرو صاحب جن شامل هئا. جڏهن ته آفيس جي ڪمن ڪارين يا هونئن سائين غلام حسين رنگريز صاحب جن ٺڪاڻو به هي اداري جي هاسٽل هوندي هئي
انهن ئي ڏينهن ۾ ٽريننگ ڪاليج جي ڊماستريشن هال ۾ ناليواري ليکڪ سائين محمود مغل صاحب جي ڪتاب جي مهورت ٿي هئي. ان ڪتاب جو نالو هو "تو بن تو سنگ ڏينهڙا" ان بابت اسان کي تڪڙي خبر ته پئجي سگهي هئي پر دمانسٽريسن هال ۾ ڪتاب جا لڳل ٽائيٽل وارا پوسٽر پڙهي اندازو ٿيو هو. ڪجھ ڏينھن پوء نصير مرزا وارن هڪ پروگرام ڪيو هو. جنهن ۾ ٿر جي نوجوان نون فنڪارن کي ڳائڻ جو موقعو ڏنو ويو هو. اهو پروگرام به شاندار ٿيو هو.

وفاقي وزير تعليم سائين شفقت شاھ ڄاموٽ صاحب جن جو ڪاليج اچڻ.
انهن ڏينهن جنرل ضيا جو دور هو. جوڻيجي صاحب جي حڪومت ٺهي چڪي هئي. تعليم جو قلمدان سائين شفقت شاھ ڄاموٽ صاحب کي مليو هو انهن ڏينهن پاڻ ڪاليج جي دوري تي آيا. اڄ جو دور ۽ ان دور ۾ وڏو فرق اهو هو. ته وفاقي وزير هوندي نه ايترو پروٽوڪول نه پوليس جي نفري هئي. سائين شفقت شاھ جي وزٽ موڪل کان پوء هئي. پر ان وقت ڪلاس هلندڙ نه هئا سڀ دوست هاسٽل تي موجود هئا. مون کي ڪنهن دوست سندس اچڻ جو ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايائين ته شاھ صاحب ڊرائينگ واري هال ۾ ويا آهن. مون تڙ تڪڙ ۾ منهجي ڀاء سائين عبدالحڪيم جروار جي پرائمري ماستري جي درخواست ڳولي جيڪا مون لکيل موجود هئي. اها درخواست کڻي ٻاهر ڊوڙيس ته سائين شفقت شاھ ڄاموٽ صاحب جن هاڻوڪي ع ق شيخ گئلري جي وزٽ ڪري واپس آيا پئي ته مون ڏاڪڻ تي ئي کين درخواست ڏني. جنهن پاڻ پڇيائون ته عبدالحڪيم جي ٽريننگ ڪيل آهي؟ جنهن تي مون چيو ها سائين. پاڻ درخواست وٺي رکيائون. ڪجھ مهينن ۾ ئي ايس ڊي او تعليم ٽنڊو الهيار سائين الهڏني شيخ صاحب سائين عبدالحڪيم کي گهرائي نوڪري جو آرڊر ڏنو. ٻهرحال ان وقت جا وزير به اهڙا هئا جن سان عام ماڻهو ملي سگهندو هو.
ڪتابن سان شغف رکندڙ شخصيت سائين عبدالوارٿ دل صاحب.
ٽريننگ ڪاليج ۾ هڪ پيرسن ململ جو پٽڪو ٻڌل ۽ مٿي تي ڪتابن جي هڙ هوندي هئي. سٺي صاف سنجيده ٿڌي مزاج سان ڳالهائيندڙ شانائتي شخصيت جنهنجي ڪاليج ۾ گهڻي ويجهڙائي سائين عبدالحليم نظاماڻي صاحب سان هئي. ايندي ويندي منهنجي به ساڻن دعا سلام ٿي. اها شخصيت سائين عبدالوارٿ دل صاحب پاڻ سعيد آباد جا هئا. رٽائرڊ پرائمري استاد. ۽ حضرت مولانا عبيد الله سنڌي رح جن جا شاگرد ۽ صحبتي هئا. گهٽ پينشن وغيره ۽ ڪجھ گذر سفر ڪتاب وڪڻندا هئا. سائين اڪثر اسان جي هاسٽل جي ڪمري تي ايندا هئا. مون کانئس ڪافي ڪتاب خريد ڪيا هئا. گهڻو ڪري سائين وٽ اسلامي ڪتاب هوندا هئا. سائين سان مولانا عبيد الله سنڌي جن جي فڪر ۽ زندگي بابت ڪافي ڪچهريون ٿيون. مولانا جي گنگا جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي جا احوال توڙي ٻيون ڳالهيون ٿيون. پنهنجي محنت مزدور پورهيو ڪري پنهنجي فرزند ولي الله دل صاحب پڙهايو. جنهن سنڌ پوليس ۾ وڏا عهدا ماڻيا. اها وڏڙن جو پورهيو ۽ محنت هئي.
سو ذڪر ڪيوسين پئي سائين عبدالحليم نظاماڻي صاحب جن ان وقت وائيس پرنسپال جي عهدي تي هئا. بهترين شخصيت. ڪتابن سان چاه رکندا هئا. پاڻ وٽ موجود ڪتاب شاگردن توڙي استادن کي به ڏيندا هئا. مون کي به سائين پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي صاحب جن جا ٻه ڪتاب "جن چيو الله اسان جو رب آهي" ڏنا هئائون. اهي ڪتاب مون بابا سائين جن کي ڏيکاريا ته ڏاڍو خوش ٿيا. جو بابا سائين پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي صاحب وٽ پڙهيا هئا.
هاسٽل جي دوستن ۾ غازي غلام رسول ڪنڀار جو تعلق چمبڙ شهر سان هئڻ ڪري . چمبڙ هاري تحريڪ جو مرڪز هو. ڪافي هاري ڪميٽي جا دوست پڻ ملن ايندا هئا. ان وقت سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڄڻ تحريڪ هلي رهي آهي. سائين نبي بخش همدرد ذات جو زونر هو. جيڪو چمبڙ ويجهو زئونرن جي ڳوٺ جو رهواسي هو هاري ڪميٽي ۾ گهڻو سرگرم هو. سٺو قومي شاعر هئڻ سان ان شاعري کي وڏن پروگرامن ۾ ترنم سان ڳائڻ سندن سڃاڻپ هئي. سائين نبي بخش همدرد جڏهن به هاسٽل تي ايندو هو سائين غازي غلام رسول واري هاسٽل جي ڪمري تي ميلو مچي پوندو هو هاڻ ته آهي ڪامريڊ رهيا نه آهي تحريڪون رهيون. سب ڪجھ ذاتي مفادن جي ور چڙهي ويو. قومي مفاد ڇڏي ڏناسون. ذات تائين محدود ٿياسين. اهڙن جاکوڙي انسانن جي پورهئي جو قدر نه ٿيو. پنهنجو وارو وڄائي. هاڻ عام خلق فحاشي، منشيات، ٻي انڪم سپورٽ پروگرام جي مفت جي پئسن پويان لڳل آهي.
(هلندڙ)

تصويرون سائين الطاف صديق صاحب جن جي وال تان ورتل آهن.
Ali Imran Samo
Ghulam Qadir Wassan
Ghazi GhulamRasool Kunbhar
#TeachersTraningCollegeForMenHyderabad
Jarwar Abdul Hakeem
lcvg5qt.jpeg
 
Back
Top