ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ گذاريل هڪ سال 1985-86 جون يادگيريون (4) تحرير :عبدالله جروار هاڻ ڪاليج ۽ هاسٽل ۾ ڪجھ وقت گذري ويو ماحول سان سيٽ ٿي وياسين. پڙهائي به چڱي نموني هلي رهي هئي. هفتيوار موڪل تي ڳوٺ ۽ ٻئي ڏينهن شام جو ڪاليج واپسي هوندي هئي. منهنجو ساٿي سائين خير محمد هو. جيڪو منهنجي مامي جو پٽ آهي. سائين عبدالحڪيم جروار ۽ اسين دوستي ۽ ڀائپي ۾ ايندي ويندي گڏ. جڏهن حيدرآباد ڪاليج ڏانهن واپسي ٿيندي هئي ته پنڌ بڪيرا شريف ريگيوليٽر واري موري تي پهچبو هو. ادا عبدالحڪيم جروار به اسان گڏ ڳچ پنڌ گڏ ايندو هو. ڪچهري ڪندا ايندا هئاسين. اهو سلسلو ائين هلندو هو. ڳوٺ وارو روڊ اڃا نه ٺهيو هو. نه ئي ايتريون سواريون عام هيون. هاسٽل تي رهڻ دوران پڙهائي جو روز جو ڪم مڪمل ڪري. چانھ پيئڻ ٽاور مارڪيٽ وٽ هوٽل تي ويندا هئاسين. چينڪ چانھ گهرائي گڏجي پيئندا هئاسين. خاص طور مون سان سائين خير محمد ۽ سائين رمضان ملاح گڏ هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مشهور کدڙا گلي ( ڦول گلي) ۾ چانھ پيئڻ ويندا هئاسين. ڦول گلي واري چانھ جي خوشبو پنهنجي هوندي هئي. مولوين جو جلسو ۽ قومي گيت جلاوطن جي گونج. انهن ڏينهن رات جو چڪر تي نڪتاسين. ڪجھ گهمي ڦري اچڻ جي خيال کان. ان وقت حيدرآباد جو شهر پرامن هوندو هو. دير سوير گهٽين وغيره مان اچڻ تي ڪو خوف خطرو نه هوندو هو. ٽريننگ ڪاليج کي سامهون وڏي بلڊنگ بابت چيو ويندو هو. ته اها بلڊنگ حمزي خان پليجي جي ملڪيت آهي. ان ۾ ڪيتري صداقت هئي اها خبر ناهي. ان بلڊنگ وچان نڪرندڙ گهٽي اڳئين رستي ۾ پوندي هئي اسان گهڻو اچڻ وڃڻ اتان هوندو هو. انهن ڏينهن هڪ رات اٺين ڌاري نڪتاسين مارڪيٽ روڊ تي ماڻهن جو انبوه هو. خبر پئي ته مولوي فضل الرحمان جو جلسو آهي. انهن ڏينهن مولوي فضل الرحمان واري پارٽي ۽ پيپلزپارٽي ۾ ايم آر ڊي تحريڪ بابت اتحاد ٿي چڪو هو. هي جلسي سندن پارٽي جو هو. جلسي م ڪيل تقريرون ته ياد نه آهن. جنرل ضيا جي آمريت جي ڏينهن اسٽيج تان بهترين آواز ۾ ترنم سان پڙهيل انقلابي گيت "جلاوطن" ياد اٿم. جنهن بابت خبر پئي ته اها آڪاش انصاري جي شاعري آهي. پوء اهو ڪتاب بازار مان خريد ڪيم. آهي ئي ڏينهن هئا جڏهن غلام مصطفي ا جتوئي نيشنل پيپلز پارٽي ٺاهي هئي. هر ننڍي وڏي وڏيري جي گادي تي جتوئي صاحب جا وڏا فوٽو ۽ پوسٽر لڳل هوندا هئا. هونئن به حيدرآباد سنڌ جي سياست جو بئراميتر آهي. جتي ننڍين وڏين سرگرمين جو پتو پوي ٿو. هاسٽل ۾ هڪ استاد جي مشهور شربت جي چوري ۽ سائين لطف الله وٽ پيشي ۽ ڀريل ڏنڊ هاسٽل جي زندگي پڙهڻ سان گڏ کل ڦوڳ ۽ مذاق کان سواء اڌوري هوندي آهي. اصل ۾ ٿيو ھيئن جو سائين غازي غلام رسول وارن جي روم تي ساڻن گڏ هڪ استاد نبي بخش وئينس صاحب رهندو هو. جيڪو دادو جي پاسي جو هو. جيڪو استاد سان گڏ ڊراما آرٽسٽ به هو. مشهور ٽي وي ڊرامي راڻي جي ڪهاڻي ۾ به ڪم ڪيو هئائين. سائين نبي بخش وئينس صاحب کي معدي جي تڪليف هئي. حيدرآباد شهر ۾ ڪنهن حڪيم جو ڏس مليس. تنهن کان دوا وٺي آيو. دوا سان هڪ وڏو شربت جو شيشو به مليس. شربت جي شيشي رکڻ لاء حڪيم صاحب جي هدايت هڪ ڪورو ٺڪر جو مٽ آندو ويو. شربت کي ان مٽڪي جي پاڻي ۾ رکڻو هو. ههڙي اهتمام سان جو شربت آئي هر ڪنهن جو ڌيان شربت ڏانهن ٿي ويو. هاڻ سنگت کي انتظار هو ته سائين نبي بخش ڪنهن ڪم سان نڪري ته شربت جو ذائقو چکجي. ٿيو به سائين نبي بخش جو ٻاهر ڪم سان وڃڻ سنگت مان پهرين سائين غازي غلام رسول ٿوري شربت پيتي ته واه جو مزو ڏنائين صفا هينئان ٺار شربت هئي. اهڙي طرح شربت جي مشهوري عام هر ڪنهن دوست ٿوري ٿوري پيتي ته بوتل ۾ شربت وڃي باقي بچي. سائين نبي بخش واپس اچي ڏسي ته شربت وڃي باقي بچي هئي. هاڻ سائين نبي بخش هڪ اداڪار مٿان ساڻس هي وارتا ٿي ته اصل ملڪ مٿي تي کنيائين. ٻئي ڏينهن صبح جو پهرين فرصت ۾ سائين لطف الله قريشي صاحب کي دانهن ڏنائين. سائين اسان ٽن چئن ڄڻن چڱي جٺ ڪئي. فيصلو ٿيو معافي تلافي ڪريو شربت جا پئسا ڀري ڏيو. سائين نبي بخش وئينس صاحب يار ويس ماڻهو هو. اسان به کيس تنگ ڪيو ان نتيجي ۾ شڪايت ڪيائين. اهڙا واقعا کل ڀوڳ ٿيندا رهندا هئا. استادن جي تنظيم خاص طور تي پ ٽ الف جا ضلعي توڙي سٽي جا اڳواڻ توڙي مرڪزي اڳواڻ اڪثر ڪري ڪاليج ايندا رهندا هئا. جو پ ٽ الف جو بنياد ئي هن ڪاليج جي پرائمري اسڪول ۾ پيو. ان ڪري پ ٽ الف جي باني اڳواڻ مرحوم جان محمد جمالي جي نالي پرائمري پرئڪٽسنگ اسڪول منسوب ڪيو ويو. انهن ڏينهن به پ ٽ الف پنهنجي حقن لاء هڪ تحريڪ جي تياري ۾ هئي. ان ڪري ان وقت جو ضلع حيدرآباد جو صدر سائين محمد بچل سومرو صاحب، عبدالحليم لغاري، سائين پير محمد مرزا صاحب پرائمري اسڪول جي توڙي هاسٽل ۾ اسان وٽ ايندا هئا. سنڌ جو وزير تعليم سيد غوث علي شاهه صاحب هو. تحريڪ جي شروعاتي مرحلي ۾ جلوس ٽريننگ ڪاليج کان پرائمري استاد جو جلوس ڪڍيو ويو. جنهن جي پڄاڻي پريس ڪلب تي ٿي. جنهن وڏي تعداد ۾ استاد شريڪ ٿيا هئا. ان وقت تنظيمن جا اڳواڻ غريبي حال ۾ هئا. پ ٽ الف استادن جي چندي تي هلندي هئي. سائين بچل سومرو اصل ٽنڊي محمد خان جو هو. ان سڀ حيدرآباد سان شامل هئا. تنظيم ۾ وڏيرڪو ڪلچر شامل نه ٿيو. سائين پير محمد مرزا به مرزا پاڙي جو حيدرآباد جو هو. اهو دور اڳواڻن ۾ سچائي جو هو. جنهن ڪري تنظيم به بيحد مضبوط هئي. ڌڙابندي جو وجود ڪون هو. ان وقت مرڪزي صدر عبدالرحيم جتوئي صاحب هو. (باقي آئندہ)