ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ گذاريل هڪ سال 1985-86 يادگيريون (5) تحرير :عبدالله جروار ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ پي ٽي سي ٽريننگ لاء پهتل هئاسين. 1982 ع ۾ نوڪري ملي. باقائده استاد پيشي سان وابسطہ ٿيڻ لاء ٽريننگ جو هجڻ ضروري هوندو آهي. ڪنهن زماني ۾ جونيئر ورنيڪيولر جو ڪورس هڪ سال ۽ سينئر ورنيڪيولر جو ٻن سالن جو ڪورس هوندو هو. ان ٽريننگ جي سالياني فائنل نتيجي اچڻ تائين استاد کي رننگ اسڪيل نه ملندو هو ۽ استاد ساڳي پگهار تي ڪم ڪندو هو. سالياني انڪريمينٽ به نه لڳندي هئي. بعد ۾ خبر ناهي ته ڪهڙي سال کان هن ڪورس کي پي ٽي سي. (پرائمري ٽيچنگ ڪورس) جو نالو ڏنو ويو. هي هڪ سال جو ڪورس آهي. ڪجھ ڏينھن اڳ مون سانگهڙ جي استاد مرحوم سائين الهورائي بهڻ صاحب جو ڪتاب پڙهيو پئي. جيئن ته سائين الهورايو به ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج سانگهڙ سان وابسته هئا. سائين لکي ٿو ته هنن ڪورسن ۾ سيميسٽر سسٽم ان وقت جي انسپيڪٽر ٽريننگ انسٽيٽيوشنس سائين بقا محمد قريشي صاحب لاڳو ڪيو هو. جنهن ۾ اسائنميٽ ۽ ٽيسٽ وغيره شامل ڪيون ويون. هاڻ ته هن ڪورس جي جاء تي رڳو 15 ڏينهن جي ٽريننگ ڪري ڇڏي اٿن. ان سان ئي استادن کي رننگ اسڪيل ملي وڃي ٿو. سائين لطف الله قريشي صاحب جن اسان کي مذاق ۾ چوندا هئا ته ٽريننگ ڪري وڃڻ کان پوء توهان به هيڊماستر کي چوندا ته " مون ٽريننگ ڪري ورتي آهي هاڻ تو واري ڪرسي خالي ڪر ته آئون ويهان" سو هاڻ سڀ ڪم آسان ٿي پيو آهي. هي وڏا ادارا ڪهڙي مقصد لاء ٺهيا ۽ هاڻوڪي دور ۾ ڇا مان ڇا ٿي ويو آهي. هي ادارا جن ۾ ڪيترن ناليوارن اهل علم هستين مخدوم امير احمد، مخدوم شبير احمد، مولانا غلام محمد گرامي، ع ق شيخ، محمد صديق ميمڻ، محمد صديق مسافر اڃا ڪيترائي نالا هوندا جن نور نچوئي استادن کي هڪ ڪامل استاد ڪري اسڪولن تي موڪليندا هئا. جن استادن جي محنت سان سنڌ جي هر شعبي ۾ ڪامياب ماڻهن پنهنجن شعبن ۾ نالو ڪمايو ناليوارا ڊاڪٽر هجن يا انجنيئر، اهي استادن جي محنت سان اعلي مقام تي پهتا. اهي انهن سرڪاري اسڪولن ۾ انهن استادن وٽ پڙهيا جن جي تربيت هن ۽ هن جهڙن تربيتي ادارن ۾ ٿي. بهرحال اسان جي ٽريننگ هلندي ئي حڪم مليو ته 19 نومبر 1985 کان 23 نومبر 1985 ع تائين توهان جي اسڪائوٽ ٽريننگ آهي. جنهن جي تياري پڪڙيو. سو اها ڳالھ ٻڌندي ئي وري نئون ٽينشن شروع ٿي ويو. هي وري ڪهڙو نئون خفو آهي. خير نيٺ اهو ڏينهن اچي پهتو. سڄي سنگت پنهنجا سامان سهيڙيا . گاڏين جو انتظام ٿيو هاڻ منزل هئي ڊويزنل هيڊڪواٽر اسڪائوٽ لطيف آباد. ڊويزنل هيڊڪواٽر لطيف ۾ پهچي پنهنجا سامان لاهي رکياسين. اتي ڊويزنل هيڊڪوارٽر جو ان وقت چيف اسڪائوٽ سائين ولي محمد سيال صاحب هو. ان کان پوء سائين عبدالڪريم راجپوت صاحب جن هئا. ڪجھ ٻيو اسٽاف به هو. اسان کان پهرين اسيمبلي وانگر لائنون ٺهرايون ويو. جنهن بعد گروپ ترتيب ڏنا ويا. هر گروپ ۾ تقريبن 10 ٽريني استاد شامل هئا. تنبو لڳائڻ، تنبوء ۾ سامان جي سيٽنگ سميت ڪافي ڪم سمجهايو ويو. رات جو چوڪيداري تائين به ڊيوٽيون لڳايون ويون. هي سمورو ڪم اسان پارن لاء نئون هو. سڀني گروپن کي تنبوء لڳائڻ جي تربيت ڏني وئي. پوء تنبو لڳائڻ جو مرحلو ڪلا وغيره تنبو مٿي ڪري رسا ٻڌي ڇڏياسون. هڪ تنبوء ۾ 10 ڄڻا ڪيئن رهندا اهو به هڪ مسئلو پر جڏهن سائين ولي محمد سيال صاحب جن جي مقرر ڪيل انسپيڪشن ٽيم چڪاس تي پهتي ته سڀني کي سيٽنگ درست ڪرايائون. ويندي ٿانو ٺڪر ۽ مٽڪو، جتين رکڻ جي جاء به ترتيت سان درست ڪرايائون. ماني جو هتي به ميس سسٽم هو. پاڻي ليٽرين وغيره جو انتظام هو. هتي صبح جو 8:00 وڳي اسيمبلي تلاوت ۽ دعا "لب پہ آتي ھے دعا بن کے تمنا میری" جهنڊي جي سلامي بعد ۾ نمبر وار ليڪچر ٿيندا هئا. شروعاتي ليڪچرن ۾ لارڊ پيڊن پاول جي زندگي جو مختصر احوال اسڪائوٽنگ جي شروعات. ڏکين حالتن ۾ اسڪائوٽ جو ڪردار اهڙا موضوع هوندا هئا ڪجھ عملي ڪم جو هدايتون. اسڪائوٽ جي هن ٽريننگ جي باقائدي ڪاپي ٺهرائي وئي هئي. رات جو مختصر پروگرام ٿيندو هو پر جيڪا اصل ۾ آخري رات واري ڪئمپ فائر واري پروگرام جي تياري هوندي هئي. بعد ۾ هر ڪو پنهنجي تنبوء تي واپس پهچي ڪچهريون هونديون هيون. سمهڻ واري وقت واري سان دوستن جي چوڪي جي ذميواري پڻ لڳائي ويئي هئي. ان وقت حيدرآباد شهر ۾ هٿوڙا گروپ جو خوف هو. جو اهڙا ڪجھ واقعا شهر ۾ ٿيا هئا. باقي شهر پرامن هوندو هو. هن اسڪائوٽ جي پروگرام کي سڀني دوستن خوب انجواء ڪيو. اسان جي گروپ ۾ آئون (بقلم خود) غلام رسول غازي، سائين خير محمد ، سائين رمضان ملاح ، سائين شريف بوزدار ، فقير عبدالڪريم ، عبدالرزاق عمراڻي، سائين ممتاز ڏيرو، سائين بهادر ميرجت، سائين مٺو بوزدار ، شامل هئاسين. هن سڄي اسڪائوٽ پروگرام کي سڀ کان گهڻو ڪم حيدرآباد شهر جي ناليواري آرٽسٽ ۽ استاد سائين گل حسن عباسي المعروف گل حسن گل پنهنجي سموري ٽيم سان موسيقي جي سامان سميت ڪافي گيت ڪلام ٻڌائي خوش ڪري ڇڏيندو آهي. ڪمال جو آرٽسٽ هو. آخري رات ڪئمپ فائر هئي. جنهن ۾ هڪ باھ جو چڱو مچ ٻاري سمورا دوست ۽ استاد ويٺا جنهن ۾ هر گروپ يا هر اسڪائوٽ کي ڪا نه پرفارمينس ڏيکارڻي هئي. ڪئمپ فائر جو پروگرام به رات جو دير تائين هلندو رهيو. هن پروگرام ۾ اسڪائوٽ جو ڪم ڪردار عمل بابت ڄاڻ سان گڏ ڪافي ڪم عملي طور ڪري به ڏيکاريو ويو. جيئن ڏکين هنگامي حالتن ۾ اسڪائوٽ گهڻي قدر ڪار آمد ڪردار ادا ڪري سگهي. سائين ولي محمد سيال صاحب جن جي عمر ان وٽ هٽيل هئي تنهن هوندي به سندس پرسنلٽي زبردست هئي. سائين ولي محمد سيال صاحب جن جو سنڌ اسڪائوٽ ۾ به وڏو ڪردار هو. سائين بابت مڪمل معلومات ڪنهن دوست وٽ هجي ته شيئر ڪري . آخري ڏينهن اسيمبلي بعد ليڪچر وغيره کان پوء مختصر سرگرميون ٿيون. جنهن بعد پروگرام پڄاڻي تي پهتو. هن اسڪائوٽ جي ٽريننگ جون خوبصورت يادون کڻي واپس ٽريننگ ڪاليج پهتاسين. اهي يادون چاليهن سالن کان پوء توهان دوستن سان شيئر ڪجن ٿيون. هن اسڪائوٽ ٽريننگ جو ڪافي تصويرون هيون پر وقت جي وهڪري ۾ وڃائجي ويون. جيڪي دستياب ٿي سگهيون توهان دوستن سان شيئر ڪجن ٿيون. ايندڙ قسط ۾ وڌيڪ احوال اوربو (هلندڙ) Ali Imran Samo Ghazi GhulamRasool Kunbhar #teacherstraningcollegeformenhyderabad #TeachersTrainingCollegeForMenHyderabad