ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد سال 1985 86 جون يادگيريون (6)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ گذاريل هڪ سال 1985-86 جون يادگيريون. (6)
    تحرير : عبدالله جروار

    هي ادارو سنڌ جي تعليم لاء هڪ روشن منارو رهيو آهي. جتان جي روشني پوري سنڌ کي منور ڪندي رهي آهي. جهڙا قابل شخصيتن استادن جي حيثيت سان شخصيتن جي تربيت ڪئي. اهي به قابليت ۽ علم ۾ گهٽ ڪون نڪتا. پوري سنڌ جي هر علائقي جي قابل استادن جو شمار ڪجي ته هزارين ناليوارا استاد نڪري پوندا جن هتان ورتل علم جي روشني پنهنجي علائقي ۾ پکيڙي پنهنجو نالو ڪمايو. هي سمورو عمل تاريخ جو حصو آهي. اسان تعلقي وار، ضلعي وار ۽ ڊويزن وار استاد جي تاريخ سندن پروفائيل گڏ ڪريون ته هر علائقي مان وڏا وڏا نالا ظاهر ٿيندا. جن سنڌي ٻولي توڙي علم جي ترويج توڙي ڀلائي جي ڪمن ۾ سندن نالو هوندو. هن اداري پنهنجي هنج ۾ تربيت وٺندڙ استادن کي پناه ڏيئي سندن تعليم و تربيت ڪئي. اسان جي دور ۾ سوين ٽريننگ وٺندڙ استاد هاسٽلن ۾ رهيل هئا. ڪجھ انهن فيمليز کي به رهائش ڏني وئي جن تعليم جي واڌاري لاء ڪوشش ڪندي جان پڻ ڏني انهن ۾ هڪ سائين مشتاق کوکر صاحب به هو جيڪو شايد 1980ع ڌاري نئين شروع ٿيندڙ اسڪولن جي پراجيڪٽ مسجد اسڪول سسٽم جو سنڌ جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر هو. جيڪو هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو هو . ان جي ڏکويل فيملي کي هن اداري ۾ جاء ملي، ٻي شايد آخوند فيملي هئي. جيڪي پڻ هتي رهندا هئا. هي هن اداري جي آفيسرن جو به گڻ هو. جو پنهنجي ادارن جي ڏکويل خاندانن لاء ڏڍ بڻيا.
    جنوري 1986 تائين اسان جو پهريون سيميستر پڄائي تي پهچي چڪو هو. جنهن جون ٽيسٽ توڙي ليسن پلان هلائي پورا ٿيا. نئين سيميستر جي شروعات ٿي رهي هئي. ان دوران سڀني سبيجيڪتن جا ڪتاب به سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ وارن موڪليا جيڪي ورتا سين. نئين سيميسٽر ۾ اسڪول جو انتظام ڪلاس ٽيچر سائين لطف الله قريشي صاحب جن پڙهائيندا هئا. آرٽ ۽ ڊرائينگ سائين الهورايو ڪلوڙ صاحب ۽ سائين آندل خان پنڙ صاحب به انهن ڏينهن بدلي ٿي آيو هو. ساڳيو ئي روزمره جو سلسلو رهيو. اسيمبلي ان کان پوء ڪلاس پڙهائي جو ڪم هلندو رهيو هو. ان دوران پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف به استادن جي حقن جي حاصلات لاء تحريڪ جو آغاز ڪرڻ وڃي رهي هئي. ٻئي طرف ايم آر ڊي جي تحريڪ جو به چوٻول هليو پئي.
    استادن جي تنظيم جا پرائمري پريڪٽسنگ اسڪول جان محمد جمالي ۾ ايندا هئا. اهي سمورا استاد ڪاليج ۾ ٽريننگ وٺڻ وارن استادن کي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جو چيو ڪافي استادن نالا لکايا. شروعات ۾ استاد پنهنجا مطالبا کڻي جلوس جي صورت ۾ ڊائريڪٽر اسڪول ايڊيوڪيشن حيدرآباد ريجن آفيس کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين ويندا . پريس وسيلي پنهنجا مطالبا حڪومت آڏو رکندا. ان وقت سنڌ جي تعليم جو وزير سيد غوث علي شاھ صاحب هو. ٻي مرحلي ۾ ڊائريڪٽر اسڪول ايڊيوڪيشن حيدرآباد ريجن جي آفيس اڳيان بک هڙتال ڪئي ويندي. جنهن لاء پ ٽ الف حيدرآباد ضلع جو صدر سائين بچل سومرو صاحب ۽ سٽي صدر سائين پير محمد مرزا ۽ ٻيا استاد ڪافي سرگرم هئا. ان حوالي سان هڪ به جلوس ڪڍيو ويو. جنرل ضيا جو دور هو. جوڻيجو صاحب تازو وزير اعظم ٿيو هو. استاد بهادري سان اتحاد جو مظاهرو ڪري سامهون ٿيا. جنهن کان پوء بک هڙتال جو آغاز ٿيو. جنهن ۾ مختلف تعلقن جا استاد نمبر وار ويهندا هئا. ٽنڊي الهيار مان ڪافي استاد آيا. ٽريننگ ڪاليج مان ڪافي استادن پنهنجا نالا لکايا واري جو انتظار ڪيو. واري اچڻ تي ويٺا. سچ پچ ته استاد جا حوصلا بلند هئا. وڏي ڳالھ اڳواڻ به اسان سان گڏ هئا. ان دور ۾ اڳواڻ استادن جا باقائدگي سان چونڊيل هوندا هئا ايتري هيرا ڦيري جو رواج ڪون نه هو. نه ئي استادن جا اڳواڻ وڏيرا يا زميندار طبقي سان تعلق رکندڙ هئا. عام استاد اليڪشن کٽي ايندا هئا. ڪم به ڪندا هئا. آفيسرن کان جائز ڪم لاء سختي سان گهر ڪندا هئا. ڪنهن جي دٻاء ۾ نه ايندا هئا . ان وقت ايليٽ ڪلاس جا وڏيرا هن تنظيم ۾ شامل نه ٿيا هئا.
    خير اهو الڳ موضوع آهي ڪنهن مهل تفصيل اڳتي لکبو. سائين بچل سومرو ضلع صدر هوندي نه کيس ڪا گاڏي نه ئي ڪٿي ڪا سٺي رهائش. ڪڏهن اسان وٽ هاسٽل تي به رهندو هو. ڪڏهن ٻئي ڪنهن دوست وٽ. اڄ جي دور ۾ اسان جي استادن جي تنظيم جا اڳواڻ ڪٿي بيٺل آهن. مرڪز وارن جي ڳالھ جدا آهي پر ضلع صدر جي طرز زندگي مان توهان کي اندازو ٿي ويندو. اڄ استادن کي چڱو پگهار سٺو گذر اوقات آهي ته اهو استادن جي تنظيم ۽ استادن جي قائد استاد جان محمد جمالي صاحب کان ويندي. هن وقت تائين جي استادن جي مسلسل ڪيل جدوجهد جو ثمر آهي. بهرحال اهو ڏينهن آيو جنهن ڏينهن اسان کي بک هڙتال تي ويهڻو هو. ڪافي دوستن سان ٽريننگ ڪاليج مان گڏجي نڪتاسين. بک هڙتال ڪئمپ تي پهتاسين. هتي سينئر استادن اسان جو آڌر ڀاء ڪيو. اهڙي نموني بک هڙتال تي ويٺاسين. انهن ۾ سائين عبدالحلیم لغاري صاحب به هو . مون سان بک هڙتال ويهندڙ دوست سائين مير نثار ٽالپر هو. جيڪو ٽنڊي غلام علي سائيڊ جو هو. باقي ٻيا استاد اتي موجود هئا. سائين خير محمد، غازي غلام رسول ڪنڀار. خاص طور سائين شير محمد جروار ڳوٺان آيو هو. سائين شير محمد جروار جي جي جاء حيدر آباد ۾ به هئي. هن ڪئمپ تي ڪافي استاد موجود هوندا هئا. هڪ ڏينهن جي علامتي بک هڙتال هڙتال هئي. روزانو واري واري سان استاد بک هڙتال تي ويهندا هئا. مرڪزي صدر عبدالرحيم جتوئي صاحب هو. اهو به گهڻو ڪري روزانو ايندو هو. ڪافي ڏينھن اهو سلسلو هليو. حڪومت طرفان ڪجھ مطالبن جي مڃتا ٿي. انهن ڏينهن ايم آر ڊي تحريڪ 2 جو آغاز ٿيڻ وڃي رهيو هو. حڪومت طرفان سختي وڌندي وئي. هن تحريڪ ۾ استادن جي ٽريننگ ڪاليج جا استاد به پوئتي نه هٽيا پنهنجن استادن سان ملهايائون. اهي تصويرون دوستن سان شيئر ڪجن ٿيون. اڄ اها تنظيم جنهن جي جدوجهد جي تاريخ مني صدي تي مشتمل آهي. اها تنظيم ان مريض جيان آهي جنهن کي مختلف بيماريون وڪوڙي ويون هجن. حڪيمن طبيبن کيس لا علاج قرار ڏنو هجي. هن تنظيم ۾ عام استاد جي شراڪت نالي ماتر وڃي رهي آهي. آئين تبديل ٿي چڪو آهي. ڌڙابندي هن تنظيم کي ان مقام تي پهچايو آهي. جو ڪنهن جو ڪنهن تي اعتماد نه رهيو آهي. هاڻ استادن جي ماهوار في تنظيم جو مسئلو نه رهي آهي. عهديدار خود پئسي وارا آهن. وري وڌيڪ نٿو لکجي سڀ ڪجھ دوستن اڳيان آهي. اڄ استادن کي سٺو پگهار ۽ گذر سفر چڱو ٿي رهيو آهي. اهو استادن جي تنظيم جي مسلسل جدوجهد جو نتيجو آهي. استادن هر دور ٻڌي اتحاد ۽ جدوجهد سان پنهنجا مطالبا مڃرايا آهن. خير اڄ جي قسط جي پڄاڻي ڪريون ٿا.

    ايندڙ قسط تي هن سلسلي جي پڄاڻي ڪبي. مهربانيون دوستن جون.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو