’بند اکين ۾ آسمان‘

'مقالا' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    محمد ابراهيم جويو
    جڏهن ڪا ماءُ پنهنجيءُ ڌيءَ کي يا پنهنجي پٽ کي، پنهنجيءَ ماءُ کان مليل ٻوليءَ ۾ لولي ڏئي ٿي؛ جڏهن رستي ويندي، ڪو پيءُ پنهنجيءَ ڌيءَ يا پنهنجي پٽ کي، پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ پنهنجا وڏڙن جا قصا ۽ سندن ڪهاڻيون ٻڌائي ٿو؛ جڏهن ڪا ڀيڻ، پنهنجي مُنهن ويهي، خيال ئي خيال ۾، پنهنجي ڀاءُ جي ٿيندڙ وهانءُ لاءِ، ڀرت ڀرندي، پنهنجيءَ ماءُ جي ٻوليءَ ۾ لاڏا ۽ سهرا ڳائي ٿي؛ جڏهن ڪو ڀاءُ، پنهنجي مڱيل ڀيڻ کي سندس وهانءَ جا ڏينهن ياد ڏياري، پنهنجي ٻوليءَ ۾ چيڙائي ٿو؛ جڏهن لاڙ، وچولي يا سري جي ڪنهن ڳوٺ ۾ مچ ڪچهريءَ ۾، ڳوٺاڻا هڪٻئي کي، پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ ۾ ڳجهارتون / پروليون ڏين ٿا، بيت پڙهن ٿا، راڳ ڳائن ٿا؛ جڏهن ڪو استاد ڪاري بورڊ تي، اڇي چاڪ سان، پنهنجي ءَ ٻوليءَ ۾ سهڻا ۽ سُٺا لفظ ۽ جملا لکي ٿو؛ جڏهن ڪلاسن ۾ ننڍڙا ٻار، وڏي ۽ اوچي آواز ۾، گڏجي، پنهنجيءَ مادريءَ ٻوليءَ ۾ سبق پڙهن ٿا؛ جڏهن ڪو ننڍڙو ٻالڪڙو، اسڪول ۾، ابتدائي ڪتاب جا لفظ اکر اکر ڪري هجي ڪري پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾، پڙهي ٿو ۽ ساڳيو ئي ٻارڙو، سليٽ تي يا بُڪ / ڪاپيءَ تي، ڏنگا ڦنگا پنهنجي مادريءَ ٻوليءَ ۾ لفظ لکي ٿو، جڏهن ڪو نوجوان پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾، ڪو ناول، ڪو ڪهاڻي- ڪتاب شاعريءَ جو گٽڪو، يا ڪو تاريخي ۽ فلسفي تي لکيل ڪتاب پڙهي ٿو؛ جڏهن ڪو نوجوان شاگرد لطيف جا يا اياز يا اسان جي ٻين ناميارن، ڳاڻ ڳڻين شاعرن جا شعر ياد ڪري ٿو؛ جڏهن ڪو اڻپڙهيل پيءَ پنهنجي پڙهيل پٽ کان، پنهنجي ٻوليءَ ۾، اخبار پڙهائي، ملڪ جي حالتن کان واقفيت ماڻي ٿو ؛جڏهن ريڊيو تان يا ٽي – وي تان ماڻهو پنهنجي مادريءَ ٻوليءَ ۾ راڳ ٻڌن ٿا، ۽ گڏوگڏ پاڻ به جهونگارين ٿا؛ جڏهن پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪتاب ڇپجن ٿا ۽ گهڻا گهڻا وڪامجن ٿا؛ جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ سوچي ٿو، خواب ڏسي ٿو؛ جڏهن ڪي تبديليءَ کي چاهيندڙ ماڻهو، پنهنجي ٻوليءَ ۾ گڏجي سڏجي ، پنهنجن وطن واسين سان ۽ وطن سان ڪو وچن ورجائين ٿا، ۽ جڏهن ڪو شاعر يا شاعرا پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ پنهنجي من جي جذبن ۽ احساسن کي ڪاغذ تي لاهي ٿو/ ٿي - ته اهي ۽ انهن جهڙا ٻيا انيڪ منظر/لقاءَ ڪيڏا نه من موهيندڙ، اتساهيندڙ، فرحت ارپيندڙ ۽ اطمينان بخشيندڙ هوندا آهن.

    اسان جي پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ اسان جي ڀيڻ، اسان جي شاعرا پشپا ولڀ جو هيءُ ڪتاب پڻ اسان لاءِ هڪ سهڻي سوکڙي آهي، جنهن ۾ پاڻ اسان سان پنهنجي من – اندر جون ڳالهيون ڪيون اٿائين – اهي ڳالهيون آهن: بنهه نفيس، من تي چٽ چٽيندڙ، ڪٿي ڪٿي ڳنڀير ڪري ڇڏيندڙ، ڪٿي ڪٿي درد جي سٽ اُڀاريندڙ ۽ ڪٿي ڪٿي خوشي ۽ مسرت ڏيندڙ.

    سندن شاعريءَ جو هيءَ ڪتاب نثري نظمن جو مجموعو آهي، نثري نظم، فني لحاظ کان، پابند شاعريءَ جي دائري ۾ نٿا اچن، انهن ۾ رديف يا قافيي جي ڪابه بندش ناهي، ۽ نه ئي اهي علم عروض يا ڇند - وديا تي آڌاريل هوندا آهن. نثري نظم، آزاد نظم کان به مختلف شاعراڻي صنف آهي، آزاد نظم ۾ رديف ۽ قافيي جي ڪابه پابندي ناهي هوندي، پر تڏهن به انهيءَ ۾ علم عروض ۽ ڇند وديا ڪتب آڻڻي پوندي آهي ته جيئن شعر ۾ موسيقيت يا ردم پيدا ٿي سگهي، انهيءَ کي روانيءَ سان پڙهي سگهجي ۽ پڙهندي ڪابه اٽڪ يا رنڊڪ پيدا نه ٿئي؛ اهو ئي سبب آهي جو جڏهن، اسين، اياز جا يا پنهنجن ٻين جديد شاعرن جا آزاد نظم پڙهون ٿا ته انهن ۾ اسان کي رواني ۽ ردم محسوس ٿئي ٿو. نثري نظم جي معاملي ۾، اسان وٽ گهڻو لاڀائتو بحث ٿي چڪو آهي، ڪي دوست ۽ ساٿي ان راءِ جا آهن ته نثري نظم، شاعريءَ جي صنفن جي معيار ۽ ان جي لازمي گهرجن تي پورا نٿا لهن، انهيءَ ڪري انهن کي نثر جي دائري ۾ آڻيندي ”نظماڻو نثر“ قرار ڏنو وڃي ؛ ۽ اسان ڏٺو به آهي ته اسان جا گهڻا شاعر نثري نظمن کي ”نظماڻو نثر“ ڪري پيش ڪن ٿا. پر، نثري نظم جي صنف، جيئن ته، عالمي سطح تي هڪ مڃيل صنف آهي، ۽ دنيا جي لڳ ڀڳ سمورن ملڪن جي مختلف ٻولين ۾ لکجي به پئي، انهيءَ ڪري، ان کان شاعريءَ جي هڪ صنف هئڻ واري حيثيت نه کسجي ته بهتر آهي. هونءَ به نثر ۽ نظم جي سمورين صنفن جي سڃاڻپ هيئت (Form) ۽ مواد (Content) جي حوالي کان ٿيندي آهي. نثري نظم پنهنجي هيئت جي لحاظ کان نثر کي ويجهو آهن، جڏهن ته مواد جي سلسلي ۾ اهي نظم جهڙا آهن، جيڪڏهن اسين مڃيون ٿا ته اصل ترجيح مواد کي ڏيڻ کپي ته پوءِ اسان کي اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته نثري نظم جي صنف ”نظم“ جي دائري ۾ اچڻ گهرجي. هونءَ به جيڪڏهن اسين ڪنهن شاعراڻي تخليقي خيال کي نثر جي دائري ۾ رکنداسين ته اِها اُن خيال سان ناانصافي چئبي.

    اسان جا اهي شاعر جيڪي پابند شعر لکي ڄاڻن ٿا ۽ اهي تنقيد نگار جيڪي پابند شاعريءَ کي ئي شاعري مڃين ٿا، انهن جي نثري نظم جي صنف جي سلسلي ۾ راءِ ڪجهه ان قسم جي آهي ته ڪجهه لکندڙ، پاڻ کي شاعر جي حيثيت ڏيڻ لاءِ، اهو سولو ۽ آسان رستو ڳولي لڌو آهي، ۽ اهي شاعريءَ جي گهرجن جي پورائي کان ڀڄڻ يا انهن کان لنوائڻ لاءِ انهيءِ صنف جو سهارو وٺن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته ڪي لکندڙ ائين به سوچيندا ۽ ڪندا هجن، پن هيءُ سارو مامرو ”سهولت“ کان وڌيڪ ”طبع“ جو آهي، ڪجهه شاعرن ۾ شاعرائن جي طبع، قدرتي طرح، نثري نظم واري هوندي آهي، ۽ اهي انهيءَ کي سهڻي نموني نڀائي به سگهندا آهن، منجهن رديف ۽ قافيي ۽ وزن بحر کي ڇڏي باقي سڀ شاعراڻيون خصوصيتون ۽ لازمي صلاحيتون هونديون آهن. هن معاملي کي اسين هيئن به سلجهائي ۽ سگهون ٿا، ته اسان جا ڪيترائي شاعر اهڙا هوندا آهن، جن جي شاعريءَ ۾ رديف ۽ قافيا يا وزن بحر ته موجود هوندو آهي، پر ان هوندي به سندن شعر ۾ نظميت جي کوٽ هوندي آهي ۽ باقاعدي محسوس به ڪئي ويندي آهي. ان کان سواءِ، اسين اِهو به ڏسون ٿا ته تاريخ ۾ ڪي اهڙا به زمانا هئا، جڏهن حڪيم ۽ ايتري تائين جو ڪي سائنسدان به، پنهنجا نسخا يا ٻيا اهڙا ڏَس يا فارمولا رديف قافين جي سهاري لکندا هئا، پر اسين سندن اهڙي ڪم کي شاعريءَ جي دائري ۾ نٿا آڻيون، انهن اهڙو ڪم انهيءَ ڪري ڪيو هو، جو سندن نسخا يا هدايتون يا فارمولا آسانيءَ سان ياد ڪري سگهجن.

    اسان جي هيءَ شاعرا به اسان کي پنهنجا ”نظميت“ سان ڀرپور نظم آڇي رهي آهي- وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان، گهڻي سڪ ۽ اُڪير منجهان. هن هيءُ پورهيو، اسان ۽ اوهان سان پنهنجا هي ويچارَ ۽ نج نبار هي خيال، نفيس ۽ سڀاويڪ انداز ۾ ونڊيا آهن، ۽ واقعي به، آهن به، سانڍڻ جهڙا، حوالي ڏيڻ جهڙا ۽ هڪٻئي کي پڙهي ٻڌائڻ جهڙا، جيئن؛

    هيءُ منهنجو وطن، ارض چمن،

    هيءَ منهنجي ڌرتي: سون ورني،

    هيءُ منهنجي دريا: دولهه دريا،

    ۽ چانڊوڪي راتيون،

    جيڪي مون تارو تارو ٽاڪيون،

    سڀ سونهري شامون،

    سمنڊ جون ڪناري سان ڀاڪيون.

    کيس پنهنجو وطن، چمن ٿو لڳي، جتي ڦول ٽڙندا ۽ کڙندا آهن ۽ ايئن ٽڙي ۽ کِڙي واس وکيريندا آهن- فضائن ۾، پري پري تائين. جتي ڀونئر ڀرندا آهن، جتي ڪويلون ڪوڪنديون آهن، جتي وڏا ۽ سهڻا وڻ پنهنجا ڇانورا آڇيندا آهن. کيس پنهنجي ڌرتي سون ورني به لڳي ٿي، سون – جنهن تي ڪس يا زنگ نه لڳندو آهي، اهو اهُڙي ۽ اهڙو ئي رهندو آهي. کيس پنهنجي درياههُ – سنڌو درياههُ، دولهه دريا خان ٿو ڀاسي، ارڏو، اورچ ۽ جهونجان ان کان سواءِ کيس پنهنجي ديس جون چانڊوڪيون راتيون، سانجهيون ۽ سمنڊ ۽ انهيءَ جو ساحل به آئڙي ٿو.

    پر اهڙي حسين ديس جي ڪنڊ ۾ کيس هيٺيان منظر به ڏسڻ لاءِ ملن ٿا:

    مشعلِ علم به جلائي رکي آهي،

    ۽ ان هيٺ،

    جهِلَ جي تعليم به جاري آهي،

    ڏيکارڻ لاءِ شارع فيصل به آهي،

    آرٽ جا نمونا

    ميوزم به آهن،

    ڪٿي فينسي ڦوهارا،

    اڏامندڙ پکين جا نظارا ۾ آهن،

    پر، ڪيتريون ئي لياريون به آهن،

    ۽ گند جي ڍير جي ڀرسان،

    آباد ڪيتريون ئي وسنديون به آهن.

    مٿيان منظر، اسان جي شهر ڪراچي - سنڌ جي راڄڌانيءَ سان تعلق رکن ٿا، ۽ويجهڙ ۾، ڪراچيءَ ۾ ترقيءَ جي حوالي سان، جيڪي ڪمُ ٿيا آهن، انهن تي هيءَ هڪ ڪڙي تنقيد پڻ آهي، گذريل ڏهاڪي کان وٺي، ڪراچي جن غير سنڌي هٿن ۾ رهي ۽ خاص طرح ڪراچي شهري حڪومت جي ٻئي عرصي ۾ هڪ لساني ڌر جهڙي نموني، سڀني ترقياتي ڪمن جو مرڪز، ڪن خاص علائقن کي بڻايو، جتي سندن سياسي ۽ لساني مفاد هو، هيءُ نظم انهيءَ جي چٽي تصوير آهي، لياري ۽ ٻين علائقن- جتي سنڌي، بلوچ يا پٺاڻ آباد هئا، کي مڪمل طرح نظرانداز ڪيو، ۽ اهي آباديون ۽ انهن ۾ رهندڙ ماڻهو، سهولتن ۽ مراعتن آجا ۽ ويڳاڻا، رڳو، پنهنجي بيوسيءَ ۽ لاچاري جا پاڻ ئي تماشو بڻيل رهيا. اِها صورتحال، وقت جي حڪومت جي سياسي مصلحت ۽ مفاهمت جي طفيل، اڃا تائين، جيئن جو تيئن برقرار آهي.

    هن ڪتاب ۾ ”ڪولهڻ“ جي عنوان سان پڻ هڪ نظم شامل آهي. هيءَ نظم هڪ ڪهاڻي به آهي ڀٽڪندڙ قبيلن سان تعلق رکندڙ سنڌ جي اصلوڪن رهواسين جي هڪ عورت جِي، جيڪا اسان سان هِن طرح مخاطب آهي!

    پراچين سمي جي مان ڪا هستي آهيان،

    منهنجو منُ-

    موهن جي دڙي جي مورتي،

    آئون ئي اها ناچڻي آهيان،

    جنهن جا نِرت ڪندڙ هٿ،

    ٻن سفيد اڏمندڙ ڪبوترن جيان،

    پنهنجيون چهنبون ملائي بيٺا آهن.

    آئون ئي لڪشمي آئون ئي سرسوتي،

    آئون ئي دُرگا آهيان....

    آئون ئي ڪالي آهيان.

    پُوڄي رڳو مندر ۾ ويندي آهيان.

    ٻاهر ته ڄڻ،

    راهه جي ڌوڙ آهيان.

    رات جي ڪاري چادر

    ۽ ڏينهن جو چُلهه ۽ چوڪو آهيان!

    آئون اڇن ڪپڙن، پٽڪي واري،

    بوٽ، ڪوٽ پاتل

    ماڻهوءَ جي پويان

    ٻانڌيا، پَڙي ۾

    کهنبي اوڍيل

    پيرن اُڀراڻي، ويندڙ ڪولهڻ آهيان.

    هيءَ ڪولهڻ اسان کي ٻڌائي ٿي ته هوءَ ڪنهن اوائلي زماني جي عورت آهي؛ ۽ هوءَ ئي مُهين جي دڙي جي ناچڻي آهي. اسان کي هن عورت جي اهڙي دعوا، سوچڻ جي نينڊ ڏئي ٿي، ٿي سگهي ٿو ته مُهين جي دڙي جي ناچڻي، ڪا ڪولهڻ هجي، ڇاڪاڻ ته اتهاس اسان کي ٻڌائي ٿو ته هتان جا اصلوڪا رهواسي، ڪول (ڪولهي) ۽ سنٿان هئا؛ پر اسين پنهنجي هن ڪولهڻ جي اهڙي دعوا سان سهمت نه به ٿيون، تڏهن به، اها ڳالهه ته پڌري پٽ پئي آهي ته اها ناچڻي بهرحال هڪ عورت ئي آهي، ايئن مڃي، پوءِ اسين اهو به چئي سگهون ٿا ته اسان وٽ مُهين جي دڙي کان وٺي رقص جو رواج هو، ائين چئي، اِهو به چونداسين ته رقص موجود هو ته راڳ/موسيقي به موجود هوندي، ڇاڪاڻ ته ٻئي شيون لازم ملازم آهن، ۽ انهيءَ ريت، اها به ڪَٿ ڪرڻ جهڙا ٿينداسون ته پوءِ ضرور شاعري به موجود هئڻ گهرجي. انهيءَ ”ڪولهڻ“ نظم ۾ مُهين جي دڙي جي نِرتڪيءَ جي ذڪر جي رعايت سان، اسان پاڻ به هڪ دعوا ڪري سگهون ٿا ته اسين عورتن جي معاملي ۾ گهڻا آزاد ۽ چڱا ماڻهو هئاسون، هِي برايون ۽ اڍنگايون، اسان جي اتهاس جي پوئين زماني جي پيداوار آهن، جنهن جا پنهنجا سماجي ثقافتي ۽ ڪنهن قدم معاشي سبب آهن. اهو نظم جو پهريون ڏاڪو هو، جنهن ۾ اسان سان مخاطب ٿيندڙ ڪولهڻ پاڻ کي مُهين جي دڙي جي ناچڻي طور پيش ڪري ٿي، ۽ ٻي ڏاڪي تي اها هندو ديو – وارتائي روايتن جي نسبت ۾ ، پاڻ مختلف ديوين جي روپ ۾، اسان کي، پسائي ٿي، اهي ديويون جيڪي مختلف خوبين ۽ خصلتن جون مالڪاڻيون آهن. جڏهن ته ٽئين ڏاڪي، اسان جي هيءَ ڪولهڻ پنهنجو، مَردن جي غلبي ۾ آيل سماج ۾ روپ ڏيکاري ٿي، جيڪا چُلهه ۽ چوڪي جي حوالي آهي، ۽ مرد جي پويان پويان هلڻ تي مجبور ڪئي ويئي آهي ۽ ڏاڍي هيڻي ۽ ڏکاري آهي.

    اسان جي هيءَ ڪولهڻ، اسان جي شاعرا جي تخيل جي پيداوار آهي، پر اسان وٽ اڄ- هن ئي سمئه، هڪ ٻي به ڏکن جي ڏجهايل، بيوس ۽ ڏاڍائيءَ جي شڪار ٿيل، جيئري جاڳندي، ساهه کڻندڙ ۽ زندگيءَ جي وِهُه کي پيئندڙ ۽ هر ڏهاڙي پاڻ سان ٿيل ڏاڍائيءَ خلاف انصاف لاءِ واجهائيندڙ ڪولهڻ به آهي. سندس نالو آهي ڪستوري. اسان جي هيءَ ڏجهايل ۽ ايذايل ڪستوري ڪولهڻ ننگرپارڪر جي پٺتي پيل هڪ ڳوٺ جي رهواسڻ آهي، جنهن کي ڪن وحشي درندن پنهنجي حوس جو کاڄ بڻايو آهي، پر کيس اڃا تائين ڪوبه انصاف
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ’بند اکين ۾ آسمان‘

    مهرباني سائين تمام سٺو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو