مرتضيٰ سيال - قلم، قدم ۽ قسم سوچي سمجهي نه ٿا کنيا وڃن ته زندگي ائين وکري وڃي ٿي جيئن موتين وارو هار ٽٽڻ سان موتي هڪدم وکري وڃن ٿا. - زندگيءَ جا وڏا وڏا حادثا به ماڻهوءَ کي ڊاهي ناهن سگهندا پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو اُن نازڪ شيشي جهڙو ٿي ويندو آهي جنهن کي ننڍڙو پٿر به ڀورا ڀورا ڪري ڇڏي ٿو. - سازشون انهن ماڻهن لاءِ ئي ٿينديون آهن جيڪي ڪوڙ، بدي ۽ بي اصولي خلاف وڙهندا آهن، ڀاڙين، نافقن ۽ بيڪار ماڻهن لاءِ ڪو به چئلينج يا امتحان ناهي هوندو. - امتحان جو سلسلو اُن وقت کٽندو آهي جڏهن ماڻهو هي دنيا ڇڏيندو آهي زندگي ۽ امتحان ائين گڏ گڏ هلندا آهن جيئن ريل جون پٽڙيون. - ڏک ملڻ تي درد جي صحرا ۾ ڀٽڪڻ بجاءِ درد کي پنهنجي طاقت بڻائي وڌيڪ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي. مايوس ٿيڻ ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ سان مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ ناسور بڻجي سگهن ٿا. - هر عمل ماڻهوءَ جي سوچ کي ظاهر ڪري ٿو، سٺي سوچ ماڻهوءَ کي غلط عمل کان بچائي سگهي ٿي، اهڙيءَ طرح غلط سوچ سٺي عمل کان پري رکي ٿي. - باضمير ماڻهو ٻين جي ڏکن تي به ڏکارا ٿيندا آهن جڏهن ته بي ضمير ماڻهن کي ٻين جي خوشي به پريشان ڪندي رهندي آهي. - ضمير جو سودو ڪري سگهندڙ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، انهن مان چڱائيءَ جي اُميد رکندڙن کي مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه به ملي نه ٿو سگهي. - ٻين کي تڪليفن ۾ وجهي حاصل ڪيل خوشيون نه پائيدار هونديون آهن ۽ نه ئي سڪون ڏئي سگهنديون آهن. - ڪيفيتون موسمن جيان تبديل ٿينديون رهن ٿيون، جيئن موسم سدائين هڪجهڙي رهي نه ٿي سگهي بلڪل ائين وقت ۽ حالتون به سدائين هڪ جهڙيون نه ٿيون رهن. جيڪڏهن ماڻهوءَ ۾ صبر ۽ برداشت ڪرڻ جي قوت آهي ته وقت نوان نوان رستا کولي سگهي ٿو. - ضروري ناهي ته ڪاميابي اُها هجي جنهن کي اوهان ڪاميابي سمجهندا هـُـجو. حقيقي ڪاميابي ته اُها آهي جنهن جي حاصلات کانپوءِ ضمير مطمئن هجي ۽ اوهان ڳاٽ اوچو ڪري اڳتي وڌي سگهو. - جيڪڏهن صحيح ۽ غلط وارو فيصلو نه ڪري سگهو ته پوري ايمانداريءَ سان پنهنجي ضمير کي منصف بڻايو اوهان کي جواب ملي ويندو. - ڪوڙ جي آڌار تي ڪيل فيصلا زندگي ۾ ڪو سک ڏئي سگهن اهو ائين ناممڪن آهي جيئن ٽٽل شيشو ٻيهر ساڳي حالت ۾ آڻڻ. - هٿ جي وڍي جو ڦٽ ڇٽي به وڃي پر اُن جو درد زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين الڳ ٿي نه ٿو سگهي. - ڪنهن جي دل ڏکايو ۽ سزا کان بچي وڃو، اهو سوچڻ دنيا جي وڏي ۾ وڏي بيوقوفي آهي. - رستو جيترو ڏکيو هوندو منزل اوتري اُتساهڪ هوندي، سفر جي سختي کان پريشان ٿيندڙ منزل تي سولائيءَ سان پهچي ناهن سگهندا. - ضروري ناهي ته جيڪا شيءِ اسان کي جيئن نظر اچي ٻين کي به ائين نظر اچي، هر ماڻهوءَ جو ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو انداز مختلف آهي پر هر معاملي ۾ فوڪس اُن تي ڪرڻ گهرجي ته سچ ڇا آهي. - فضيلت دنيا ۾ ناپيد ٿيندي پيئي وڃي پر جن فضيلت وارو رستو ڇڏي گندگيءَ وارو پاسو ورتو اهي نه سڪون واري زندگي گذاري سگهن ٿا ۽ نه ئي سڪون سان مري سگهن ٿا. - موت اچڻ ته فطري حقيقت آهي پر جيڪي جيئري ئي مري ويندا آهن بدنصيبي اُنهن جو پيڇو ڪڏهن به ناهي ڇڏيندي. - ماڻهوءَ جي سوچ آسانيون به پيدا ڪندي آهي ۽ مونجهارا به، رڳو پنهنجي سوچ کي صحيح سمجهندڙ مسئلن جي گهيري ۾ رهندا آهن. - ڪنهن تي طنز ڪري اُن کي اها دعوت ڏيو ٿا ته اهو اوهان سان نفرت ڪري. - ماڻهوءَ جو ڪردار گلاب جي اُن گل جيان هوندو آهي جو جيڪڏهن هڪ دفعو ٽاريءَ تان ڪري پن پن ٿي ويو ته ٻيهر جڙي نٿو سگهي. - بدڪردار ماڻهوءَ جي تعريف ڪرڻ باڪردار ماڻهن سان ناانصافي آهي. - ڪردار بنا ڪو به ماڻهو وڏو ٿي نٿو سگهي. ڪردار جو بهتر هئڻ سڀني صلاحيتن کان وڌيڪ اهم ۽ ضروري آهي. - قلم جو غلط استعمال ڪندڙ دنيا جا وڏي ۾ وڏا دهشتگرد آهن. - جيڪو ايماندار ۽ سچو ناهي اُن کي نه سٺو چئي سگهجي ۽ نه ئي انسان دوست. - سٺي ليکڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ ضروري اهو آهي ته هو ايماندار هجي ۽ قلم کي صرف ۽ صرف سچائي لاءِ استعمال ڪري. - سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ اوسيتائين هلندي رهندي جيستائين هي ڪائنات باقي رهندي، ڪوڙ ويس مٽائي اسان لاءِ رڪاوٽ بڻجندو رهندو پر شڪست هميشه ڪوڙ جي حصي ۾ اچڻي آهي. - زندگيءَ جا سڀ الميا امتحان آهن جيئن هر امتحان کانپوءِ اُن جا نتيجا ايندا آهن تيئن هر المئي کانپوءِ اڳتي وڌڻ جو نئون دڳ به ملندو آهي. - ڏکئي وقت ۾ پري ڀڄندڙ دوست کان اهو دشمن ڀلو آهي، جيڪو تڪليف ۾ ڏسي دشمني وساري ڇڏي. - اُن کان وڏو بي وقوف ٻيو ڪو ٿي نه ٿو سگهي جيڪو نفرتن جو ٻج پوکي اهو سمجهي ته هو پاڻ اُن کان محفوظ رهندو. - ٻين جي تجربن مان سبق حاصل ڪرڻ وارا لاتعداد غلطين کان بچي وڃن ٿا. - ننڍڙي غفلت به وڏي ۽ اڻ کٽ پڇتاءُ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. - وقتائتا فيصلا وڏين مصيبتن کان بچائي سگهن ٿا ۽ صحيح حڪمت عملي مصيبتن مان ڪڍي سگهي ٿي.