عبدﷲ جروار
سينيئر رڪن
ڳوٺ داد جروار (منهجي نانيء جو ڳوٺ)
يادگيريون. (1)
تحرير : عبدالله جروار
ننڍي هوندي سڀ کان گهڻي خوشي تڏهن ٿيندي هئي. جڏهن امڙ ناني جي ڳوٺ سنبرندي هئي. ان ۾ ٻه ٽي ڳالهيون هونديون هيون. جو اسڪول کان موڪل ملي ويندي هئي. ناني جي ڳوٺ گهمڻ ڦرڻ جو مزو پنهنجو هوندو هو. ، اصل بادشاهي لڳي پئي هوندي هئي. هڪ جيڏا يار دوست هوندا هئا. جن سان ڪچهريون گهمڻ ڦرڻ رانديون هونديون هيون. منهنجي ناناڻي آڪھ مراداڻي پاڙي مان هئي. نانا حاجي ولي محمد جروار مرحوم جنهن جون ٻه شاديون هيون پر کيس اولاد ڪون هو. منهنجي ناني نانا حاجي ولي محمد جي ڀيڻ جيڪا منهنجي ناني خداداد جي گهر م هئي. جنهن مان کيس ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ٿيون. وڏو ماما صالح ۽ ٻيو سائين خان محمد مرحوم، نياڻين ۾ هڪ امڙ ۽ ٻي ماسي جيڪا ماما محمد عطراڻي جي گهر م هئي. ماسي مرحومه جا ٽي ٻار ٿيا هڪ نياڻي ( سيٺ مولي ا ڀخش جي گهر ۾ هئي) . ۽ ٻه پٽ محبوب ۽ مقبول ٿيا. ماسي جواني م ئي وفات ڪري وئي هئي. امان کي پنهنجي اڪيلي ڀيڻ سان گهڻي محبت هئي. کيس هميشه ياد ڪندي هئي.
نانا حاجي ولي محمد جو گهر رئيس ماما حاجي رسول بخش وارن جي گهر جي ڀرسان ئي هو. سندن ويجهي عزازت هئي. نانا جي هڪ ڀيڻ ماما حاجي خدابخش جي گهر م هئي. وڏي ناني بابا ۽ امڙ جي پڦي هئي جنهن جو سڱ ڏاڏا مرحوم ٻه دفعا مراداڻين کي ڏنو هو . هڪ مڙس جي فوتگي بعد ٻيهر سندس شادي مرداڻين م نانا فيض محمد سان ٿي هئي. ناڻي جو هڪ پٽ جو اولاد ماما خير محمد هو. جيڪو جواني ۾ وفات ڪري ويو. هن سموري گهر ۾ نانا اڪيلو مرد ماڻهو هو. باقي نانا حاجي ولي محمد جي گھر واري ۽ ناني ۽ هڪ نابين ڌي رهندا هئا. نانا حاجي ولي محمد وارن هڪ نياڻي پاڙي ۾ ويٺل ماڇين مان وٺي نپائي هئي. جيڪا چاچا صالح ماڇي جي ڌي هئي. جڏهن وڏي ٿي ته سندس والدين جي مرضي موجب محمد عرس ماڇي کي پرڻائي ڏني هئي.
نانا جو گهر وڏو ويڪرو ڪشادو اڏيل گهر، ان کان سواء وڏو ڪشادو اڱڻ جنهن کي ٻنجرو ڏنل ان کان علاوه باقي رهيل اڱڻ ۾ مال ٻڌبو هو. جن م نانا جي گهوڙي به شامل هوندي هئي. نانا سائين نماز ذڪر اذڪار جو پابند، ليکي چوکي ۾ سڌو سادو. نه ڪنهن جا پنج روپيا هڻڻ نه ڪنهن جا وڌيڪ کڻڻ. نانا جي گهر جي اڱڻ تي نم جو قديم ون بيٺل هوندو هو. جيڪو هاڻ سندن گهر ڪرڻ کان پوء به موجود آهي. ڀرسان ٻه ننڍيون ڪوٺيون ٺهيل هونديون هيون. جن م ٻڪرين جا ننڍڙا ڦر پوريا ويندا هئا. انهن جي ڀر م ڪڪڙين جو کڏيون. ڏينهن جو ٻڪريون جهنگ ۾ چرڻ وينديون هيون. شام جو ٻڪرين جي واپس اچڻ تي جڏهن ٻڪرين جي ڦرن جي ڪوٺين جو در کلندو هو ته ٻڪرين جا ڦر ايتري تيزي سان نڪري ٻڪرين ڏانهن ڊوڙندا هئا. اهو منظر اڃا تائين ياد اٿم. نانا سائين جو اهو گهر جڏهن اسان ۽ منهنجن مامن جا ٻار ايندا هئاسين ته رونقون هونديون هيون. منهنجي ناني جنت جيڪا امڙ جي سڳي ماء هئي اسان ننڍا هئاسين ته وفات ڪري وئي. بعد م ڪجھ سالن م ناني خداداد به وفات ڪئي. ڳوٺ داد جروار ۾ بابا ۽ امڙ جي پڦي صابي جنهن کي به اسان ناني سڏيندا هئاسين. ان کي امان هميشه ياد هوندي هئي. ناني جڏهن اسان جي ڳوٺ ايندي هئي ته وڏي تياري سان ايندي هئي اسان لاء جوئر ۽ مڪائي جا ڦلا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون. امان لاء ڪپڙا وغيره کڻي ايندي هئي.
ڪجھ ذڪر رئيسن جو، رئيس حاجي عبدالرحيم خان مون کي مس ياد آهي. جو پاڻ اڪثر ڪکن ۽ ڪاٺ مان ٺهيل لانڍي ۾ ويهندا هئا. هر ڪنهن آئي کي ماني کارائڻ سندن رواج هوندو هو. جيڪو اڄ به ائين ئي آهي. سندن ٻه بنگلا هئا هڪ اتر پاسي مسجد سان گڏ هو ٽي ڪمرا وڏو ورانڊو ۽ اڱڻ پڪو ٺهيل هوندو هو. اڱڻ تي رات جو شمعدان ٻاريو ويندو هو تڏهن لائيٽ ڪان هئي. ٻيو بنگلو ڏکڻ طرف مٺو زميندار وارن جي اوطاق لڳ هو. جنهن کي رئيس امام بخش خان جو بنگلو سڏيو ويندو هو. هاڻ هي ٻئي بنگلا ڊهي ويا آهن. ماما امام بخش خان جو بنگلو ان زماني موجب سٺي نموني شاندار نقشي سان ٺهيل هو. خاص مهمانن لاء کوليو ويندو هو. جڏهن رئيس حاجي عبدالرحيم خان جي وفات ٿي ته اسان امڙ سان گڏ رات جو ٻين ڳوٺ جي عزيزن سان گڏ پيرين پنڌ نڪتا هئاسين. ان وقت سواريون ايتريون عام نه هيون. رئيس حاجي عبدالرحيم خان وارن وٽ جيپ هئي. ان زماني ۾ چند زميندارن وٽ جيپون هيون. هر ڪنهن وٽ نه هونديون هيون. ڏاڏا حاجي عبدالرحيم خان جي وفات تي ڪافي ڏينهن داد جروار م رهيا هئاسين. جڏهن 1972 ڌاري انگريزي پڙهڻ لاءِ سائين شفيع محمد مرحوم جي قائم ڪيل مڊل اسڪول داخل ٿياسين. اهي لاڳيتو تي سال هن ڳوٺ م نانا حاجي ولي محمد وٽ ئي رهيس. نانا ۽ نانيون پنهنجي اولاد وانگر ڀائينديون هيون. نانا حاجي ولي محمد ۽ وڏن رئيسن جي گهرن وچ ۾ ننڍي دري هوندي هئي جنهن سان اچڻ وڃڻ هوندو هو. باقي وڏا دروازا ۽ مين گهٽيون الڳ الڳ هيون. جڏهن داد جروار پڙهڻ لاء آيس. منهنجي ڳوٺان عطر خان، رئيس مينهون خان، استاد رسول بخش وارا به آيا. عطر خان رئيسن وٽ رهندو. جو ماما حاجي رسول بخش جي گهرواري اسان جي ڳوٺ جي عطراڻي پاڙي جي رئيس صديق خان مرحوم جي نياڻي هئي. جڏهن ته مينهون خان ياراڻي پاڙي ۾ پنهنجي عزيزن وٽ رهندو هو. اسان جو سڄو ڏينهن رئيسن جي گهر اوطاق تي اچڻ وڃڻ هوندو هو. اسڪول م مون سان گڏ هم ڪلاسي شاگردن ۾ سائين معظم جروار، ادا غلام رسول جروار (سائين رفيق جروار جو ڀاء) رئيس غلام قادر لنڊ، خالد خان لنڊ (ٻئي ڀائر رئيس دريا خان لنڊ جا فرزند) گل محمد سونارو، رئيس احمد علي لغاري ۽ عبدالله لغاري (ٻئي ڀائر هئا حاجي شير محمد لغاري مرحوم جا فرزند هئا) ٻيا ڪافي شاگرد هئا. سائين غلام قادر جروار مرحوم ڇهين ڪلاس ۾ استاد هو. وڏو محنتي استاد هو. اسان پنجين تائين لکڻ جو ڪم سليٽ تي ڪندا هئاسين. هتي هن مڊل اسڪول ۾ پهريون ڀيرو رف ڪاپي ۽ فيئر ڪاپي جو رواج ڏٺوسين. شروع ۾ ڪتاب ڪاپيون شهر مان گهرايو سين. بعد ۾ ان وقت مشهور دڪان ماما غلام مصطفي ا مرحوم جو هوندو هو. جيڪو نانا عبدالغفور جو فرزند هو. غلام مصطفي ا ۽ مدني ٻه ڀائر هئا. ماما مدني ڳوٺ مبارڪ جروار مرحوم ماما حاجي بچل وارن وٽ رهندو هو. ان دڪان تان ضرورت جون ڪاپيون ۽ پينون وغيره وٺندا هئاسين. ان وقت بال پين جو رواج نه هو. مس واريون پينون هيون. داد جروار جي بازار جي منهن ۾ کاٻي طرف رئيس محمد خان زميندار جنهن جو فرزند رئيس مٺو خان، سائين عبدالستار وارن جو والد صاحب انهن جي اوطاق هوندي هئي. پوء شايد ڏاڏي دوسو لغاري دڪان هو جنهن ۾ حڪيم غلام رسول صوفي اسپتال هلائيندو هو. ان وقت داد جروار ۾ دڪان گهٽ هئا. باقي هوٽلن جو وڏو زور هو. جنهن تي وڏن لائوڊ اسپيڪرن تي گراموفون رڪارڊ وڄايا ويندا هئا. مشهور هوٽلن م غلام رسول ياراڻي، عبدالهادي کوسو مرحوم، ماما عبدالمجيد مراداڻي جون هيون. هوٽلن تي ماڻهن جا ميڙا هوندا هئا. ان وقت اسڪول ڪچي جاء جي ٻن ڪمرن م هلندو هو. هڪ ۾ پرائمري اسڪول به هلندو هو. سرڪاري پڪيون بلڊنگون نه هيون. سائين شفيع محمد مرحوم جي اوطاق ڀر م هئي. هڪ ڪمرو سائين شفيع محمد جي ڪتابن ۽ آرام جو هو. هن اسڪول ۽ اوطاق اڳيان کوه هو جنهن مان ڳوٺ وارا پاڻي ڀريندا هئا.
(باقي آئندہ)