نزار قاباني/اختر حفيظ منهنجي محبوبا! منهنجي پياري! تنهنجي چهري جي گلين مان گذرندي آئون پنهنجي پراڻي هوٽل جي باري ۾ ٿو پڇان انهي اسٽال جي باري ۾ جتان آئون اخبار ۽ لاٽري جا ٽڪيٽ خريد ڪندو هئس جيڪو منهنجي نالي ڪڏهن نه نڪتا هوٽل به نه مليو اسٽال به نه منهنجي خيال ۾ تنهنجي وڃڻ کان پوءِ اخبارن جي ڇپائي ئي بند ٿي وئي آهي تنهنجي وڃڻ کان پوءِ شهر جا رستا ۽ رستن پنهنجون ڏسائون مٽائي ڇڏيون آهن سج به پنهنجو پتو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ستارا جن کي اسين گرمين ۾ مسواڙ تي وٺندا هئاسين اهي وڪجي ويا آهن وڻن به پنهنجي جاءِ مٽائي ڇڏي آهي پکي پنهنجن ٻچن ۽ گيتن سان لڏي ويا آهن سمنڊ پنهنجي ڇولين کي چيڀاٽي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي آئون گهُمي رهيو آهيان تنهنجي آواز جي وسندڙ گلين ۾ ڪنهن ڇٽي جي ڳولا ۾ مون وٽ شهر جو نقشو آهي انهن جاين جون نشانيون به جتي آئون توسان پيار ڪندو هئس نائٽ ڪلبن جا نالا به آهن جتي اسين رقص ڪرڻ ويندا هئاسين پر پوليس وارا منهنجو مذاق ٿا اڏائين اهي چون ٿا ته توکي جنهن شهر جي ڳولا آهي انهن کي ڏهين صدي عيسوي ۾ سمنڊ ڳڙڪائي ويو هو