• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عالم دين سيد دين محمد شاھ بخاري مرحوم

عبدﷲ جروار

سينيئر رڪن
ماضي جي شاندار ديني درسگاھ
سائين دين محمد شاھ بخاري لڳ کوکر ڳوٺ تعقه ٽنڊوالهيار
تحرير : عبدالله جروار

اڄ کان سٺ ستر سال اڳ هن علائقي ۾ بزرگ هستي سائين دين محمد شاھ بخاري صاحب جن هڪ ديني درسگاھ جو بنياد وڌو هو. سائين دين محمد شاھ صاحب جن جو ڳوٺ سندن زرعي زمين تي واقع کوکر ڳوٺ جي هڪ ڪلوميٽر کن اوڀر طرف آهي. سائين دين محمد شاھ صاحب جڏهن پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو قائم ڪري ديني تعليم ڏيڻ شروع ڪئي ته ان جي خوشبو چوڌاري پکڙجڻ لڳي. وڏي تعداد ۾ ڇوڪرا ۽ نياڻيون هن مدرسي ۾ ديني تعليم لاء اچڻ لڳا هئا . سائين بذات خود هڪ نيڪ سيرت ۽ نيڪ صورت انسان هو. پاڻ انهن شخصيتن مان هئا. جن مان سموري زندگي ڪنهن کي رنج نه پهتو هو. پنهنجي مائٽاڻي زمين پنهنجو تڏو ۽ سندن شاندار ڪردار مدرسي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هن مدرسي مان پڙهي هاڻ پيري م پير رکندڙ ڪجھ پراڻن طالبن سان هن مدرسي بابت ڳالھ ٻولھ ٿي. انهن شاگردن مان هڪ سائين مولوي عبدالله سمون صاحب جن به آهن. سائين جن جو ڳوٺ دريا خان مسرڪ آهي جيڪو سائين ڏيڻ محمد شاھ جن جي ڳوٺ 3 ڪلوميٽر پري آهي. سائين مولوي عبدالله صاحب کي هن مدرسي جو طالب علم ٿيڻ جو شرف حاصل رهيو آهي. ٻي طرف سائين جو والد صاحب جن هن مدرسي ۾ مدرس جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن . بقول سائين عبدالله سمون صاحب جن جي ته 1968 کان 1970 تائين تقريبن ٽن سالن جي عرصي ۾ مون هن مدرسي ۾ قرآن شريف جا 17 سيپارا حفظ ڪيا. سائين مولوي عبدالله سمون جي بقول ان وقت هڪ کوکر ڳوٺ لڳ مهاجر ڪالوني جو هڪ بزرگ جنهن جي نالي جي خبر ناهي پر ان کي "ميان جي" سڏيندا هئا. اهو به هن مدرسي مان پڙهائيندو هو. ٻيو استاد سائين مولوي عبدالله سمون جو والد صاحب، ٽيو استاد سائين قاري محمد موسي ا شورو صاحب هو جيڪو کٿڙ جو رهواسي هو. قاري محمد موسي ا جن به هن مدرسي ۾ ڳچ عرصو رهيا. ان وقت امن امان جو دور هو. ملڪ م اخلاقي اقدار هئا. ادب ۽ احترام هوندو هو. ڳوٺ اميد علي بوزدار جو چاچا محمد عثمان ملاح جن بابا سائين جا دوست هئا. بابا سائين جڏهن پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيندا هئا. ته بابا ماني چانھ چاچا محمد عثمان ملاح ۽ چاچا غلام محمد لغاري جن جي گهران ايندي هئي. چاچا محمد عثمان جي فرزند سائين محمد رحيم ملاح پڻ هن مدرسي ۾ لڳ ڀڳت 19 سيپارا قرآن شريف جا هن مدرسي مان لفظ ڪيا هئا. جڏهن چاچا عثمان ملاح جي نياڻي جيڪا چاچي صالح ملاح جي گهر واري آهي. ان به هن مدرسي مان ديني تعليم حاصل ڪئي. تقريبن 22 سيپارا حفظ ڪيا هئائين. اها ادي اڄ به پنهنجي ڳوٺ جي نياڻين کي ديني تعليم ڏيئي رهي آهي. اهڙي طرح هن علائقي جا سوين طالب علم نياڻيون قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪري نڪتا. جن جو اجر الله پاڪ سائين دين محمد شاھ مرحوم جن کي عطا فرمائيندو. هن بزرگ گهراڻي تي ڏک سک جو زمانو آيو. پر صبر سان ان امتحان مان پار ٿيا. جيتوڻيڪ هن وقت ان قائم ٿيل مدرسي جا نشان به باقي ناهن رهيا. پراڻي مسجد جي جاء تي نئين مسجد تعمير ٿي آهي. سائين دين محمد شاھ صاحب جا ٽي فرزند هئا. سائين حسين احمد شاھ، سائين محمد علي شاھ صاحب. سائين عطاء اللہ شاہ، سائين محمد علي شاھ جن جي وفات ٿي چڪي آهي. سائين حسين احمد ۽ سائين عطاء اللہ شاھ صاحب جن حال حيات آهن. ٻيا سندن عزيز به ڪجھ هتي ويٺل ڪافي شهر ڏانهن شفٽ ٿي چڪا آهن. سائين محمد علي جا فرزند سٺا پڙهيل لکيل ۽ نوڪرين ۾ به آهن. پر ديني تعليم ڏانهن گهٽ راغب آهن. وڏڙن جي هن ديني گلستان کي ٻيهر آباد ڪن ته وڏڙن جو نالو قائم رهي. سائين دين محمد شاھ صاحب جن جو منهنجي ڏاڏي حاجي بهارالدين جروار جن پاڻ م محبتن ڀريو تعلق هو. ڏاڏا سائين مديني پاڪ رهندا هئا. ٻئي ٽئين سال جڏهن هتي ايندا هئا. سائين دين محمد شاھ صاحب ساڻن ملڻ ضرور ايندا هئا. بابا سائين جن به سائين دين محمد شاھ صاحب جن کي جمع نماز تي بيان ڪرڻ ۽ جمع نماز پڙهائڻ جي گذارش ڪندا هئا. اهڙي طرح سائين جن بيان ڪرڻ نماز ادا ڪرڻ فرمائيندا هئا. اهو زمانو هو جنهن ۾ فرقي بازي عروج نه ورتو هو. هر مسلڪ جو احترام ڪبو هو. ڪير ڪنهن جي کلي مخالفت نه ڪندو هو. نه ئي ڪنهن جي عمل سان مخالفت جو تاثر ملندو هو.
الله پاڪ سائين دين محمد شاھ بخاري صاحب جن کي جنت الفردوس م اعلي مقام عطا فرمائي آمين.
سائين دين محمد شاھ صاحب جن جي تصوير سائين عبدالله سمون صاحب کان ملي.
Akbar Ali
Abdullah Samoo
GWQSAQT.jpeg
 
Back
Top