عبدالله جروار بابت سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جن جا ويچار ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ “ اڄ دل چيو ته عبدالله خان جروار جا ڳڻ ڳائجن" عبدالله خان جي نالي سان منھنجا ٽي مهربان دوست ٿيا: پهريون عبدالله خان ورياه. وڏيرو ھو, پر ايترو وڏو قلم-ڌڻي به هو. سنڌي ادبي بورڊ جا ٻئي گڏ ميمبر رهياسين. سائين الانا جي نگرانئ ۾ پراڻن سڪن تي Ph.D ٿي ڪيائين. هڪ دفعو قرب ڪري گل حيات ۾ به آيو هو. جوانئ ۾ ئي الله کي پيارو ٿي ويو. ٻيو ساڳي نالي وارو دوست آھي عبدالله خان جيسر. هن به گل حيات ۾ پير گهمايا آھن ۽ آئون به پهر ڏيڍ وٽس رهي آيو آھيان. هن وٽ جيترو پئسو آھي, اوترو علمي ادبي چاه ۽ پاٻوه به اٿس. سندس حسرت ھئي ته مان کيس سندس لائبرري سيٽ ۽ ڪلاسيفاء ڪري ڏيان. ان لاء معاوضي جي آڇ به ڪئي هيائين. پر ٻن سببن ڪري سندس اها حسرت پوري ٿي نه سگهي. پهريون ته ڇا مون پاري اڌوري عالم کان ڪتاب سيٽ ڪرائجن يا هڪ اڌ ليڪچر ڪرائجي. ٻيو سبب هي ٿيو ته جنهن ماڻهونء کي مرڻ لاء به وقت نه هجي, اهو ٻه ٽي ڏينھن ڪٿان ڪڍي لائبرري سيٽ ڪندو. ٽيون ساڳي نالي وارو محسن ۽ مهربان آھي عبدالله خان جروار. الائي ڪيترن جو مقبول ۽ محبوب دوست هوندو. اسان به يوسف جي خريدارن ۾ پنهنجو نالو شمار ڪرايو آھي. اسان شايد ڪڏهن پاڻ ۾ مليا به ناهيون. پر آئون علم ۽ قلم-ڌڻين سان 1985 کان رابطي ۾ رهيو آهيان. قلم-قيبلي جي هڪ پوري نسل سان منهنجي پنج سال خط و ڪتابت رهي. شايد ڪو منھنجي نسل جو ڪو اھڙو لکياري هجي, جنهن کي مون ٻه ٽي خط نه لکيا هجن. مون ماڻھون ۽ ڳوٺ نه به ڏٺا هجن, پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مان خط و ڪتابت ذريعي پهتل آھيان. مون هزارين خط لکيا. عبدالله خان جروار سان به ايئين قلمي دوستي ٿي. پر, هي صاحب پنهنجي ڳڻن ۽ علم دوستئ سبب يارئ ۾ مون تي ڀاري ٿي پيو. عبدالله خان جروار مون تي احسانن مٿان احسان ڪري اهڙو ته قرضي ڪري ڇڏيو اٿس جو جيڪڏهن مان پاڻ وڪڻي به هن جو قرض لاهين ته پاڻ کپائڻ لاء مون کي کوڙ دفعا جنم وٺڻو پوندو. عبدالله خان جروار سڀ کان پهريون منھنجي ڪچن ڦڪن بيتن جي ڊزائن ٺاهي, تمام وڏي عرصي تائين اهي شيئر ڪيا. سال ٿيندا جو روزانو ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون شيئر ڪري ٿو. اسان جنهن ماحول ۾ رهون ٿا ان تي گروه نوازي, ذات پات ۽ نظرين جو زنگ چڙھيل آھي. اهڙي ماحول ۾ ڪنهن غرض کان سواء ھڪ ان-ڏٺي ماڻھوء جي ڪم کي دوستن تائين پهچائڻ ھڪ مثالي انسان جو ڪم آھي. واقعي عبدالله خان جروار مثالي آدرش آھي