• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين عزيز الرحمان لغاري (شخصيت)

عبدﷲ جروار

سينيئر رڪن
سائين عزيز الرحمان لغاري هڪ بهترين استاد ۽ منتظم.
تحرير : عبدالله جروار

سائين عزيز الرحمان لغاري سان محبتن جو رشتو پراڻو رهيو آهي. منهنجي ڊيوٽي هاء اسڪول بڪيرا شريف ۾ هئي. جڏهن سائين عزيز صاحب ايس ايم هاء اسڪول م بطور استاد خدمتون ڏيئي رهيا هئا. ڪم ڪار يا سالياني انسپيڪشن وغيره تي ميل ملاقات جو سلسلو هوندو هو. سائين هميشه سڪ ۽ محبت سان ملندو هو. سائين عزيز لغاري بحيثيت استاد بهترين استاد رهيو آهي. جنهن جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته شاگردن کي بهتر تعليم ڏجي ۽ سٺي تربيت ڪجي. جيئن ٻارن جو مستقبل بهتر ٿئي. سائين ڳچ عرصو ايس ايم هاء اسڪول ٽنڊوالهيار جو انچارج هيڊ ماستر پڻ رهيو آهي. سائين عزيز صاحب جيڪي شاندار ڪم سر انجام ڏنا آهن. اهي بلاشبه نه رڳو يادگار آهن. پر سندس اسڪول جي شاگردن ۽ استادن لاء به مشعل راہ آهن. سائين عزيز لغاري صاحب جن جي ڪوشش سان ايس ايم هاء اسڪول ٽنڊوالهيار جو "ايس ايم استوڊنتس ميگزين" ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن ۾ شاگردن استادن جي لکيل تحريرن کي شامل ڪيو ويو. جن ۾ اڳوڻا توڙي هاڻوڪن ناليوارن استادن ۽ شاگردن بابت احوال سندن اسڪول دور جي يادگيرين کي شامل ڪيو ويو . سمورو تحريري مواد 102 صفحن تي مشتمل هو. جڏهن ته هن ئي مئگزين ۾ 38 صفحن تي مشتمل آرٽ پيپر تي هن اسڪول جي ناميارن استادن ۽ شاگردن جي سوين يادگار تصويرن کي پڻ شامل ڪيو ويو . هن مئگزين جو شاندار ٽائيٽل ۽ بيڪ ٽائيٽل پيج تي هن اسڪول جي هيڊ ماستر طور ڪم ڪندڙ شخصيتن جو تصويرون ۽ اسڪول جي ڊيوٽي جو عرصو شامل ڪيل آهي. ان کان سواء ٽنڊي الهيار شهر جي ٻن ناليوارين شخصيتن جن جو هن اسڪول برپا ڪرڻ ۾ وڏو هٿ هو. سائين سيد محمد حسن عرف ڀورل شاھ رضوي ۽ خانصاحب حاجي محمد سومار بچاڻي مرحوم. جون تصويرون شامل ڪيون ويون.. ٻيڪ ٽائيٽل تي ايس ايم اسڪول باني حاجي محمد صادق ميمڻ جي شاندار تصوير جنم جي تاريخ جنم جي هنڌ ۽ وفات جي تاريخ ۽ وفات جو هنڌ لکيل آهي.
سائين عزيز الرحمان لغاري جي انچارج هيڊ ماستر جي دور م سائين اسحاق سميجي صاحب جي ڪوشش سان ڪتابن جي شاندار لائبريري فرنيچر سميت قائم ڪئي وئي. جنهن ۾ هر ڪلاس جي شاگردن جا لائبريري پيرڊ پڻ لڳايا ويا هئا. هن شاندار ڪم مان استاد توڙي شاگردن کان ڪئين اهل علم پڻ مستفيض ٿي رهيا آهن ۽ آئنده به ٿيندا رهندا.
سائين عزيز لغاري صاحب جن ڪجھ سال اڳ حيدرآباد بدلي ٿي ويا آهن. اميد آهي ته سائين پنهنجي شاگردن کي بهتر تعليم ۽ تربيت سان نوازيندا هوندا . سائين عزيز جهڙا استاد گهٽ هوندا جن پنهنجي ادارن ۽ پنهنجن شاگردن جي تعليم لاء ڀرپور جاکوڙ ڪئي هجي. سائين عزيز الرحمان لغاري صاحب جو ڪيل پورهيو الله پاڪ قبول فرمائي . اڄ سائين عزيز جو جنم ڏينهن آهي. سائين جن جي جنم ڏينهن تي سائين کي مبارڪون هجن الله پاڪ سائين کي سٺي صحت ۽ وڏي حياتي عطا فرمائي آمين.
#SM_HighSchoolTandoAllahyar
Aziz Laghari
 
Back
Top