ڦوھ جوانيءَ ۾ ٽاري مان ڇڻيل گل. نوجوان بشير دل جو اوچتو وڇوڙو تحرير : عبدالله جروار ڪالھ فيس بوڪ تي ۽ واٽس گروپ ۾ بشير دل جي وڇوڙي خبر هلڻ لڳي.. سچ ته دل کي يقين ئي نه پئي آيو. دل م اهو ئي خيال آيو. ٿي سگهي ٿو ڪوڙي خبر هجي. لکڻ وارو متان ڀليو هجي. پر اها خبر حقيقت بڻجي سامهون آئي. مغرب نماز بعد ڳوٺ لئونگ دل ۾ جنازي نماز جو ٻڌايو ويو هو. پيارو بشير دل ڳوٺ لئونگ دل جي هر دلعزيز شخصيت ادا حاجي هاشم دل جو فرزند هو. ڪجھ ڏينھن اڳ هفتو ٻه نه ٿيو هوندو جو ڳوٺ حاجي نظام برفت ۾ چاچي گلڻ برفت جي گهرواري جي فوتگي تي سندن تڏي تي ٻنهي پئ پٽ سان ملاقات ٿي هئي. بشير جيئن جواني ۾ پير پاتو ته والد ادا حاجي هاشم دل سان پاڇي وانگر گڏ هوندو هو. ڳوٺ لئونگ دل ديھ بڪيراڻي ۾ بڪيرا شريف کان ٽي ڪلوميٽر کن پري آهي. هن ڳوٺ جي ماڻهن سان اسان جو وڏڙن کان تعلق رهيو آهي. چاچا آچار، چاچا پنيو دل ، ڏاڏا صابو دل سميت وڏڙن جو محبتن وارو تعلق رهيو آهي. هن ڳوٺ لئونگ دل جا ماڻهو ٻني ٻاري ڍور ڍڳن جو شوق رکندڙ مالوند ماڻهو آهن. جن جو ڳچ عرصو ته تعليم روڊ رستي جي مسئلي جي حل سان دلچسپي نه هئن. پنهنجو منهن مٿو. پر ادا حاجي هاشم هڪ باهمت نوجوان طور سامهون آيو. جيڪو پاڻ ايترو پڙهيل ڪونهي تنهن هوندي ڳوٺ وارن ۾ تعليم جي جاڳرتا پيدا ڪئي. جنهن سان ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول کليو. اسڪول جي سرڪاري بلڊنگ ملڻ جي انتظار بجاء پنهنجي جاء ٺهرائي ڏنائون. ڳوٺ کي روڊ به سندس ڪوشش سان مليو آهي. هن ڳوٺ جي ان محبوب شخصيت حاجي محمد هاشم دل جو نوجوان فرزند بشير دل ڪالھ جواني ۾ وڇوڙي جا وڍ ڏيئي راڄ روئاڙي اوڏانهن هليو جتان ڪو موٽيو ناهي. بشير جيئن جواني م پير پاتو. پنهنجي والد صاحب سان پاڇي وانگر گڏ رهيو. جو حاجي صاحب موٽر سائيڪل تي شهر يا ڳوٺن م ڪمن ڪارين، ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ کڻي ايندو هو . ادا حاجي هاشم بڪيرا شريف ۾ ڪنهن جي دڪان، هوٽل، اوطاق ويٺل هوندو ته بشير اس پاس ڪنهن دوست سان ڪچهري ڪندي به پنهنجي والد جي انتظار م هوندو هو. جيتري شهر ۽ ڳوٺن ۾ ادا حاجي هاشم دل جي ماڻهن سان هٿ جوڙ هئي. اوتري هڪ جيڏن ۾ بشير جي به اوتري ئي اٿي ويٺي هئي. بشير دل جي جنازي ۾ ايترا ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. جيترا هن تي ۾ ڪنهن وڏي ماڻهو جي جنازي ۾ نه هوندا. هر اک سندس وڇوڙي تي اشڪبار هئي. بشير دل گل خوشبو وانگر آيو هليو ويو. ادا حاجي هاشم ۽ سندس گهر ڀاتين لاء ڏک جي گهڙي آهي. انسان رب جي فيصلن جو محتاج آهي. دعا آهي ته ﷲ پاڪ ننڍڙي بشير دل کي جنت الفردوس م اعلي مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي آمين.