عبدﷲ جروار
سينيئر رڪن
نور محمد بالا مرحوم
ماسٽر محمد ابراهيم جو فرزند ۽ شاعر
تحرير : عبدالله جروار
اوهان کي ڊبل اي ڪمپني طرفان سنڌ جي ناليواري فنڪار ماسٽر محمد ابراهيم جي رڪارڊ ڪيل وڊيوز ۾ ماسٽر محمد ابراهيم جي گيٽ اپ ۾ جيڪو همراه ڳائيندي نظر ايندو آهي اهو اصل ۾ ماسٿر محمد ابراهيم جو فرزند نور محمد بالا صاحب آهي.
نور محمد بالا صاحب جو جنم ماسٽر محمد ابراهيم جي گهر ۾ 02 آڪٽوبر 1953ع تي ٿيو.
ماسٽر محمد ابراهيم جهڙي موسيقار ۽ گلوڪار جي گهر ۾ جنم وٺڻ ڪري سندن موسيقي توڙي شاعري ۾ دلچسپي فطري ڳالھ هئي. جيئن ته ماستر محمد ابراهيم صاحب کي شپنگ ۾ ملازمت هئڻ ڪري ڪياماڙي واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪرڻي پئي. نور محمد بالا صاحب ڪراچي ۾ ئي تعليم حاصل هئي. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد بحيثيت استاد کيس نوڪري پڻ ملي. پر ڪن سببن جي پنهنجي سرڪاري ملازمت برقرار نه رکي سگهيا. نور محمد بالا صاحب موسيقي ڄاڻيندو ضرور هو پر فنڪار نه ٿيا. پر شاعري لڳاء ٿين . جيئن اهو گراموفون جو زمانو هو. سندس ڪيترائي گيت هز ماسٽرس وائيس ۽ اي ايم آء ڪمپني رڪارڊ ڪيا. جن ۾ مختلف فنڪارن آواز جو جادو جاڳايو. خاص طور سندس والد صاحب ماسٽر محمد ابراهيم جي پياري شاگرد عبدالله ڪڇي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
جيئن ته نور محمد بالا صاحب کي سياسي ۽ سماجي سرگرمين سان گهڻي دلچسپي هئي ان ڪري سماجي ڪمن خاص طور ٻارڙن ۽ نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت خاطر پنهنجي والد صاحب جي نالي سان محمد ابراهيم اڪيڊمي پڻ قائم ڪيائون. ان سان گڏ سياسي پليٽ فارم تي سرگرم رهي علائقي جي غريبن جا ڀرجهلا رهيا. سياست ۾ سندس سرگرميون پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان جاري رهيون. پيپلز پارٽي کي ڪراچي ۾ سرگرم رکڻ ڪرڻ ڪري پارٽي اڳواڻن ۾ کيس عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو.
نور محمد بالا صاحب جن ڪجھ عرصو بيمار رهڻ بعد 04 ڊسمبر 2018ع ۾ وفات ڪيائون.
( وڌيڪ معلومات وٺڻ لاءِ هڪ دوست جي معرفت ٻالا صاحب جي فرزند جهانگير بالا صاحب سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو نه ٿي سگهيو. جيئن ئي وڌيڪ معلومات ملي ته هن مضمون ۾ ايڊ ڪبي)
منهنجا محب مٺا
ساري توکي سدا، هيڻان حال ٿيا.