ناميارو صحافي ۽ ليکڪ مولوي نور محمد نظاماڻي مرحوم

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    (وسري ويل تاريخي شخصيت)
    ٽنڊي الهيار جون نامور شخصيتون
    عالم، اديب، محقق، تاريخ نويس.
    مولوي نور محمد نظاماڻي صاحب
    تحرير : عبدالله جروار

    ٽنڊوالهيار ضلع سنڌ جي اهم ۽ تاريخي ضلعن مان هڪ آهي. جهڙي هتي جي زمين زرعي زمين زرخير آهي. اهڙا ئي زرخيز سدا بهار شخصيتن به هن ڌرتي تي جنم ورتو آهي. ٽنڊي الهيار جو ننڍڙو شهر نما ڳوٺ ٽنڊو سومرو پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. هن ڳوٺ جي گهڻي آبادي پڙهيل لکيل آهي. هي ڳوٺ سنڌ جي ماڊل ڳوٺن مان هڪ آهي. جنهن جي نظم و ضبط، ترقياتي ڪم پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي شهر جي رٿابندي، ڳوٺاڻن جي پاڻ ۾ مثالي ٻڌي ڳوٺ جي سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيو آهي. هن ۾ جيڪي علمي ادبي شخصيتون جن پنهنجي قلم، عمل ۽ ڪردار سان اعلي ا مقام ماڻيو آهي. اهڙيون شيون ماضي توڙي حال ۾ هن ڳوٺ توڙي ضلع ٽنڊي الهيار جو نالو روشن ڪنديون آيون آهن. اڄ تحريڪ آزادي جي مرد مجاهد جو ذڪر ڪنداسين جيڪا گهڻ رخي شخصيت هئي. جيڪو هڪ استاد به هو، عالم، اديب ۽ محقق به هو نامور صحافي به هو. پر افسوس جو اسان سندس ڪم عمل ئي ڪردار کي وساري ويٺا آهيون. اها شخصيت هئي مولوي نور محمد نظاماڻي صاحب جي. اڄ ان شخصيت جو احوال نئين نسل تائين پهچائڻ جا جتن ڪري رهيا آهيون. اميد ته هي پورهيو قبول پوندو.
    سائين مولوي نور محمد نظاماڻي صاحب جن جو جنم ٽنڊي الهيار ضلع جي تاريخي ڳوٺ ٽنڊي سومري م 1882ع م ٿيو. سندن والد صاحب جو نالو محمد علي خان نظاماڻي هو. مولوي صاحب ابتدائي سنڌي تعليم سان گڏ عربي ۽ فارسي پنهنجي ڳوٺ م پڙهيو. قرآن شريف، حديث پاڪ، ٻيا ديني علمن جا ڪتاب پنهنجي والد صاحب وٽ پڙهيا. ان کان پوء مٽياري شهر جي مشهور استاد محمد حسن وٽ سنڌي فائنل امتحان جي تياري ڪري اهو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين. مولوي صاحب وٽ پنهنجي وڏڙن جو جو هڪ شاندار ڪتب خانو به موجود هو. جنهن ۾ هن فن تي هزارين ڪتاب موجود هئا. پاڻ اڪثر ڪتابن جي مطالعي مان مشغول رهندا هئا. مولوي صاحب شرع م پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي سومري ۾ " نورالهدي ا" نالي مدرسو قائم ڪيو. جنهن ۾ پاڻ درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندا هئا. ان کان سرڪاري تعليم کاتي استاد جي حيثيت ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. 1906ع م ملازمت تان استعيفي ا ڏيئي ڇڏيائين. ان وقت هلندڙ سياسي، سماجي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. خلافت تحريڪ، قطع تعلقات تحريڪ توڙي ھوم رول تحريڪ، سنڌ جي بمبئي کان جدائي وارين تحريڪن م سرگرم رهيا.
    مولوي نور محمد نظاماڻي صاحب سياسي، سماجي سرگرمين سان گڏ صحافت، ۽ علم و ادب ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. 1926ع ۾ "نور اسلام" نالي اخبار ميرپورخاص مان جاري ڪيائين. هي هفتيوار اخبار هئي سنڌي صحافت م هن اخبار جو اعلي مقام ھو. مولوي صاحب 1933 ع ۾ "طيراََ ابابيل" ۽ "مرغ فلڪ" نالي اخبارون جاري ڪيائين. جن مان ڪجھ اخبارون ٽنڊي الهيار ۽ بعد ۾ ميرپورخاص مان جاري ٿيون. "مرغ فلڪ "؛ اخبار اصل ۾ حاجي محمد دائوداڻي صاحب جاري ڪئي هئي. مگر ان جو سمورو ڪم مولوي صاحب هلائيندو هو. صحافت جي ميدان م سندس ان وقت جي مشهور صحافي محمد هاشم مخلص سان سندس نوڪ جھوڪ هلندي رهندي هئي. آخر وڃي ڪورٽن تائين پهتا. مولوي صاحب جي قلم ۾ وڏي وسعت ۽ جنبش هئي. پاڻ نثر سان گڏ شعر به بهترين چوندا هئا. شاعري ۾ سندن تخلص "نور" "انور" "عرشي" ۽ "ملا" هئا. سندس شاعري جو مجموعو "جواهرات انور" نالي سان 1952 ع م جامعہ عربيه پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان سندس پٽن نور احمد ۽ بشير احمد ڇپائي پڌرو ڪيو هو.
    مولوي صاحب کي سنڌ جي تاريخ بابت پڻ وڏي ڄاڻ هئي. سن 1931 ع م " سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو بنياد پيو. جڏهن سوسائٽي سندن اڳيان سنڌ جي تاريخ کي گڏ ڪري ڇپائڻ جو پروگرام رتيو. انهي سلسلي م مولوي صاحب سنڌ جي تاريخ تي لکڻ جي شروعات ڪئي. جن مان سندن لکيل به ڀاڱا سوسائٽي ڇپائي پڌرا ڪيا. مولوي صاحب سنڌ جي تاريخ جو ٽيون جلد به لکيو هو. ليڪن اهو ڇپجي نه سگهيو. سنڌ جي تاريخ جو ٽيون ڀاڱو تقريبن چار سئو صفحن تي مشتمل هو. مولوي صاحب 1912ع م هڪ ڪتاب " جهاد اڪبر" جي نالي سان پڻ لکيو هو. مولوي صاحب جا بيشمار مقالا مضمون سنڌي اخبارن ۽ رسالن م شايع ٿيا. جيڪي سنڌي زبان علم ۽ ادب جو وڏو سرمايو آهن.
    مولوي صاحب کي علم طب تي به ڪافي مهارت هئي. عمر جي آخري حصي م "ٽنڊي سومري" م شفاخانو کوليو هئائون. سنڌ جي ناقدردان ماڻهن هن بلند پايه عالم، اديب ئي صحافي جو ڪو قدر نه ڪيو مولوي صاحب هميشه افلاس غربت واري حالت م زندگي جا ايام پورا ڪيا آخر ۾ آنڊي جي بيماري سبب 22 نومبر 1934 ع م هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائون.
    (مضمون بابت معلومات سنڌ مسلم ادبي سوسائتي جون علمي ادبي خدمتون تان ورتل آهي)
    هن مضمون جو مقصد تاريخي شخصيتن بابت آگاهي ڏيڻ آهي. مولوي صاحب جي تصوير نه ملي سگهي. اها ڪنهن دوست کان ملن تي سندن نالي سان پوسٽ م شامل ڪبي.
    مولوي صاحب جي شخصيت تمام وڏي اعلي پايي جي هئي. جنهن تي تفصيل لکڻ وڏو ڪم آهي. وڌيڪ مواد بي مضمون م شامل ڪبو
    Parwez Perwez Khalid Nizamani
    Zameer Ahmed
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو