(ٽندي الهيار جون نامياريون شخصيتون) ٽنڊي الهيار جو ناليوارو صحافي عالم ۽ ليکڪ سائين عبدالڪريم سعدي مرحوم تحرير :عبدالله جروار سائين عبدالڪريم سعدي صاحب سان منهنجي ملاقات ٻه ٽي دفعا ٿي هئي. اهو وقت هو جڏهن هلال پاڪستان اخبار ڀٽي صاحب خريد ڪئي هئي. اخبار هلال پاڪستان پوري اب ۽ تاب سان ڪراچي مان نڪرڻ شروع ٿي هئي. هن جو ان وقت ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ صاحب مقرر ٿيو هو. ڀٽي صاحب اخبار کي بهتر بڻائڻ سراج صاحب مڪمل اختيار ڏنا هئا. ان وقت سراج صاحب جي زيرادارت نڪرندڙ اخبار جا سڀ ايڊيٽر ۽ ڪالم نگار عبدالڪريم سعدي، محمود يوسفاني صاحب ۽ ٻيا هئا ڪالم نگارن ۾ جهاتيون ڪالم عبدالڪريم سعدي صاحب لکندو هو. جنهن ۾ پڙهندڙن جي دلچسپي خاطر هفتيوار ڏينهن جي حوالي سان مختلف سلسلا هوندا هئا. ڪنهن ڏينهن پڙهندڙن جي سوالن جا جواب، هڪ ڏينهن شاھ سائين جي چونڊ بيت جيڪي پڙهندڙ لکي موڪليندا هئا. ڪنهن ڏينهن مضمونن جو سلسلو بهرحال جهاتيون ڪالم بيحد مقبول ٿيو. سائين عبدالڪريم سعدي صاحب ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ غلام حسين لنڊ ۽ پياري لنڊ پاسي جو هو. اڃا سندن عزيز موجود آهن. پاڻ ڪراچي شفٽ ٿيا سعود آباد واري علائقي م رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ٽنڊي الهيار اچڻ ٿيندو هو ته چاچا سيف الحق ميمڻ جي دڪان تي ضرور ايندا هئا. اتي منهنجون ساڻن ٻه ٽي ملاقاتون ٿيون هيون. تاج پاڪستان پريس ٽنڊو الهيار به لنڊ ڀائرن جي هئي. سندن زندگي جو وڌيڪ احوال ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جن لکيو آهي عبدالڪريم “سعدي” ولد محمد پريل 8، جولاءِ 1924ع تي ٽنڊي الهيار ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ئي ورتائين، ان کان پوءِ “ڪامارو شريف اسڪول” مان فائينل پاس ڪيائين. بعد ۾ “مظهرالعلوم مدرسته”، ڪراچي ۾ عربي ۽ فارسي پڙهڻ ويٺو، ۽ 1943ع ۾ دستاربندي ڪيائين. سعدي صاحب هن ئي عرصي دوران “سنڌ مدرسته الاسلام” مان انگريزيءَ تعليم ورتي، ۽ آخر ۾ “پنجاب يونيورسٽيءَ” مان 1942ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. سعدي صاحب 1945ع ۾ هفتيوار “مسلما ن”( حيدرآباد) ۾ ڪم ڪرڻ سان صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو. انهيءَ کان پوءِ 9 مهينا کن “پيغام صلح” (ڳڙهي ياسين) جو ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. تنهن کان پوءِ ذري گهٽ سال روزانه“قرباني” (ڪرڪاڇي) ۾ اسٽنٽ ايڊيٽر، ۽ 1946ع کان روزانه“هلال پاڪستان” (حيدرآباد) ۾ اسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو. پاڻ 1950ع تائين اتي ڪم ڪيائين، جنهن کان پوءِ ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ ملازمت ڪيائين. 1952ع ۾ پنهنجي سئوٽ محمد عمر سان گڏجي ٽنڊوالهيار مان روزانه “تاج پاڪستان” اخبار جاري ڪيائين، جيڪا پنج مهينا کن هلي. 1953ع ۾ ساڳي ئي هنڌ تان حاجي محمد صادق ميمڻ سان گڏجي هفتيوار “الهلال” اخبار ڪڍيائين، جيڪا 1968 تائين هلي. انهيءَ کان پوءِ سعدي صاحب مڊل ايسٽ هليو ويو، جتان 1972ع ۾ موٽي اچي “هلال پاڪستان” (ڪراچي) ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. عبدالڪريم صاحب جهوني صحافي ۽ عالم هئڻ سان گڏ اديب ۽ شاعر به آهي. شاعريءَ ۾ “سعدي” تخلص استعمال ڪندو آهي. پاڻ ڪيئي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا اٿس، جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“مرزا غلام احمد قادياني”، “بوستاني جو منظوم اردو ترجمو” “عبدالرحيم گروهڙي” ۽ “مسيحت” (ترجمو)، سعدي صاحب مختلف وقتن تي مختلف اخبارن ۾ مستقل ڪالم به پئي لکيا آهن، جئين: “مسلمان” اخبار ۾ ڪالم، “وتايو فقير”،“پيغام صلح” اخبار ۾ ڪالم،“چرچن جي چٽڻي”، “هلال پاڪستان” (حيدرآباد) ۾ ڪالم، “تفريحات “هلال پاڪستان” (ڪراچي) ۾ ڪالم، “جهاتيون”. هي معلومات سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جن جي ويب سائيٽ تان ملي. Ali Muhammad Laghari