• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ساوڻ کي سڏڙا

همانگير سولنگي

سينيئر رڪن
رخسانه منصور

ننگر کان نينهن نياپي ٿي

سنهڙي سينڍ نينگر جي

ساوڻ کي جهڙا سڏڙا

سنهڙي سينڍ نينگر جي



نه اڀريو گيت ڌرتي مان

همرچي هيج ٿي ناهي

سوچن ٿانيڻ مورن جا

ڇو کنوڻن کيج ٿي ناهي



بک جهڙي ول بي پاڙي

ڀٽن جو ويو بدن ڍڪجي

ڪنهن واڙيءَ نه ٿي ناڙي

ٻڌي ڪو نينڍ نينگر جي



ساوڻ کي جهڙا سڏڙا

دعائن لئي کنيل هٿڙا

سنهڙي سينڍ نينگر جي

ٻڌي ڪو نينڍ نينگر جي
 
Back
Top