سيٺ ڪمال الدين ميمڻ حيدرآباد علم دوست شخصيت

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    سيٺ ڪمال الدين ميمڻ
    جنهن جي نالي سان منسوب سيٺ ڪمال الدين هاء اسڪول گرو مندر فقير جو پڙ حيدرآباد آهي.

    سيٺ ڪمال الدين ولد سيٺ مريد علي ميمڻ صاحب سال 1909ع م حيدرآباد سنڌ م ڄائو. هن ابتدائي ۽ ٿانوي تعليم حيدرآباد سنڌ م حاصل ڪئي، 1927ع "بمبئي يونيورسٽي" مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. پاڻ بنيادي طور حيدرآباد جي واپاري خاندان سان تعلق رکندڙ هو پر کيس ننڍپڻ کان وٺي درس ۽ تدريس سان دلي لڳاء هو. ان ڪري پاڻ هڪ استاد جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيائون..
    پاب ڪجھ وقت لاء حيدرآباد شهر جي مشهور تعليمي درسگاھ نور محمد هاء اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪيائون. تعليم سان سندن دلچسپي هئڻ جي ڪري سال 1947 ع م کين ميونسپل اسڪول بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو. ان ذريعي حيدرآباد شهر جي تعليمي درسگاهن جي حالت بهتر ڪرڻ م وڏو ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي بند ٿي ويل اسڪول ٻيهر کولائي انهن ۾ بهتر تعليم جو انتظام ڪيائين. مالي طرح سان به انهن اسڪولن جي مدد ڪيائين. انهي ڏس م شهر جي اسٽيشن روڊ تي گرو مندر وٽ هڪ خسته حال اسڪول لاء وڏي رقم خرچ ڪري. ان جي مرمت ڪرائي تعليمي سرگرميون بحال ڪرايائين. اهو اسڪول اڄ تائين قائم آهي. سندن نالي " سيٺ ڪمال الدين هاء اسڪول" سان منسوب آهي. اهڙي طرح پاڻ تعليمي ميدان ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيائون. پاڻ بئنڪاري جي شعبي م ورهين جا ورهيه مختلف عهدن تي فائز رهيا. ايگريڪلچرل ڪوآپريٽو بئنڪ حيدرآباد جو چيئرمين، سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ جو ڊائريڪٽر، سنڌ مرڪنٽائيل ڪوآپريٽو بئنڪ حيدرآباد جو وائيس چيئرمين رهيو.
    سيٺ ڪمال ڏيڻ ميمڻ بهترين خوبين جو مالڪ هو. حيدرآباد ۾ جڏهن سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي وجود ۾ آئي ته پاڻ ان جا ٽرسٽي ۽ لائيف ميمبر ٿيا. سوسائٽي لاء وڏي خدمت سرانجام ڏنائون. مئي 1934 ع کان "مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس" جو انتظام سنڀاليو. وڏي جانفشاني سان جدوجهد ڪندو رهيو. سنڌ مسلم ادبي سوسائتي جا گهڻا ڪتاب هن پريس تان ڇپجندا هئا. سنڌي زبان، ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ سيٺ ڪمال الدين گهڻو خرچ ڪيو. سنڌي زبان ۾ هڪ اخبار "الڪمال" پڻ جاري ڪيائين. جا پورا پنج ورهيه لڳاتار شايع ٿيندي رهي. هي اخبار سنڌ جي معياري اخنارن مان هڪ هئي. هن اخبار م ديني، تاريخي، علمي ادبي ۽ ثقافتي مضمون شايع ٿيندا هئا. سندن ترجمو هڪ " نور خدا" جي نالي سان 1939 ع م سنڌ مسلم اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس مان ڇپجي شايع ٿيو. سنڌ مسلم ادبي سوسائتي جي سالياني رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو ته شعر و شاعري سان دلچسپي رکندا هئا. پاڻ پنهنجي شاعري م نثار تخلص استعمال ڪندو هو. اڪثر ڪري سنڌ مسلم ادبي سوسائتي جي پاران منعقد مشاعرن ۾ پنهنجي شاعري پڙهندو هو.
    سيٺ ڪمال الدين ميمڻ 13 نومبر 1982ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

    ڪتاب : سنڌي مسلم ادبي سوسائتي جون علمي ۽ ادبي خدمتون" تان ورتل آهي.
    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو