ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (39)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (39)
    سائين گل محمد آزاد صوفي مرحوم
    بڪيرا شريف ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : عبدالله جروار

    ٽنڊي الهيار ضلع ناميارن استادن جو ذڪر ڪجي ته ڪيترائي ناميارا استاد صاحبان شامل جن نه رڳو ٻارن کي بهتر تعليم ڏني پر علم و ادب جي ترقي ۽ ترويج ۾ به وسان نه گهٽايو. ان وقت دنيا ۾ اڄوڪي ترقي ته نه هئي تنهن هوندي وسيلن جي اڻهوند هوندي به سندن ڪم بيمثال رهيو. جنهن جو هن دور م مثال مشڪل سان ملي. اڄ جنهن شخصيت جو ذڪر ڪنداسين اها شخصيت آهي " گل محمد آزاد صوفي ` صاحب. سائين بابت هڪ مضمون پهرين به لکي چڪو آهيان. پر سائين جن بابت وڌيڪ معلومات ئي مواد ملڻ تي هي ٻيو مضمون دوستن جي نذر ڪجي ٿو. اميد ته پورهيو قبول پوندو.
    سائين گل محمد آزاد صوفي صاحب جن جو تعلق بڪيرا شريف سان هو. سائين جو جنم بڪيرا شريف ضلع ٽنڊوالهيار جي ميمڻ برادري جي بزرگ محمد موسي ا ميمڻ صاحب جن جي گهر ۾ تاريخ 05 سيپٽمبر 1886ع تي ٿيو. ابتدائي تعليم بڪيرا م ئي حاصل ڪيائين. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري پرائمري ماستر مقرر ٿيا. سن 1909 ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان ٽيو سال امتحان پاس ڪيائين. ٽريننگ ڪاليج جي ادبي علمي ماحول م رهي تقرير ۽ تحرير جي فن کان واقف ٿيو. پاڻ هڪ سٺو شاعر به هو پنهنجي ڪلام ۾ " آزاد" تخلص استعمال ڪندو هو. سائين گل محمد شروع م ڪراچي جي "آسومل ٽي اوجھا اسڪول" م پرائمري استاد ٿي رهيو. ماهوار رسالي اخبار تعليم جي ورق گرداني ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته سن 1910-11 ع تاجپور ۽ سن 1912-13ع ۾ ڊگهڙي جي پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو. ڪجھ عرصو 1913-15 ع تائين پريڪٽسنگ اسڪول حيدرآباد ۾ نائب ماستر تي رهيو. ان بعد بڪيرا شريف ۽ ٽنڊي الهيار م پرائمري اسڪول جو استاد ۽ هيڊ ماستر ٿي رهيو. ڪجھ عرصو تعلقي ماستر جو انتظام به سنڀاليائين.. سن 1941ع م سرڪاري نوڪري تان رٽائرڊ ٿيا. پاڻ اعلي ا درجي جا حڪيم پڻ هئا. وٽس ڪيترين ئي موذي بيمارين جا ناياب تير بهدف نسخا هئا. جن جي ذريعي مايوس مريضن جو شافع علاج ڪندو هو.
    گل محمد آزاد صوفي بابت ناميارو ليکڪ فضل احمد بچاڻي صاحب پنهنجي يادگيرين م هن طرح لکي ٿو. " هي درويش صفت حڪيم گل محمد واقعي ئي درويش انسان هو. پاڻ اعلي ا درجي جو اديب ئي شاعر هو. تخلص آزاد هئس. بڪيرا شريف مان هڪ اخبار" صوفي گزيٽ " ڪڍندو هو. سچ پچ صوفي هو
    بڪيرا شريف جي ولي الله مخدوم قلندر قائم الدين قريشي جو پوئلڳ هو. ڪپڙا هونئن ئي ساڍا پڻائيندو هو تن جي مٿان گيڙو رنگ جي ڪفني يا چولي سدائين پائي هلندو هو. پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر به ٿي رهيو "
    ان سلسلي م تحقيق ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته شاھ قلندر قائم الدين قريشي 13 شعبان المعظم 1215ھ مطابق 30 ڊسمبر 1800ع ۾ هن جهان مان رحلت ڪئي، جڏهن ته آزاد صوفي جي ولادت قلندر قائم الدين قريشي جن جي وفات کان 86 ورھيه پوء 1886ع م ٿي. انهي لحاظ کان اهو چئي سگهجي ٿو ته گل محمد آزاد صوفي، شاھ قلندر قائم الدين قريشي جو سنئون سڌو مريد ڪون هو پر پاڻ انهي درگاھ جو عقيدتمند هو. اسان جي راء موجب آزاد صوفي درگاھ بڪيرا شريف جي ان وقت جي گادي نشين مخدوم امام بخش (ثاني) جو مريد هو.
    سائين گل محمد آزاد صوفي جي خاندان جي روايت مطابق 7 ربيع الثاني 1393 هجري مطابق 10 مئي 1973 ع م وفات ڪئي. بڪيرا شريف جي تاريخي قبرستان سخي شيخ ٻانهون ۾ مدفون ٿيا. کيس هڪ فرزند علي احمد ۽ ٽن نياڻين جو اولاد هو. ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد سنڌ مان نڪرندڙ مشهور رسالي اخبار تعليم ۾ سندن ڪيترائي مقالا ۽ مضمون شايع ٿيل آهن. سندن هيٺيان ڪتاب اشاعت پذير ٿي سگهيا.

    1. درٻار نبوي ﷺ جا فرمان ۽ فيصلا
    2. اسلامي رسمون ۽ وڏا ڏينهن.
    3. بيبي خديجه الڪبري ا رضي الله عنها
    4. بيبي عائشه صديقه رضي الله عنها
    5. داستان ڪربلا
    6. سيدنا امام حسين عليه السلام
    7. داستان امام حنيفه رضه
    8. پيران پير دستگير
    9. شيرين فرهاد
    قصا
    1. گل بڪاولي
    2. ممتاز دمساز
    3. جان عالم ۽ انجمن آرا
    4. الھ دين ۽ ان جو ڪرامتي ڏيئو
    ڪيترن تعلقن جي جاگرافي پڻ لکيائون.

    مددي ڪتاب: سنڌ مسلم ادبي سوسائتي جون علمي ۽ ادبي خدمتون
    اڳي ائين هياس : فضل احمد بچاڻي صاحب
    ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو سنڌي ادب ۾ حصو ليکڪ: ڊاڪٽر عبدالجبار مغل
    #BukeraSharif
    #personalitiesoftandoallahyar
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو