ڳوٺ داد جروار (منهنجي ناني جو ڳوٺ) يادگيريون (2) تحرير : عبدالله جروار ان وقت ڳوٺ داد جروار پيئڻ جي پاڻي لاء ٻه کوھ هوندا هئا. هڪ کوھ سائين شفيع محمد مرحوم وارن اوطاق ۽ اسڪول اڳيان هوندو هو. ٻيو کوھ ڳوٺ جي اڀرندي پاسي ڦٽل بگهاڙ واھ جي ڀڏي ۾ هوندو هو. جنهن کي حاجي ولي محمد جو کوھ سڏيو ويندو هو. سڄو ڳوٺ هنن کوهن تان پاڻي ڀريندو هو. جڏهن رئيسن جي اوطاق توڙي ڳوٺ جي اڀرندي پاسي وڏو باغ هوندو هو. جنهن م هڪ واٽر هوندو جنهن کي روز هڪو ٻئي ڏينهن تازي پاڻي سان ڀرايو ويندو هو. جنهن مان رئيسن جي گهر لاء پاڻي ڀريو ويندو هو. انهن ڏينهن واھ توڙي شاخ يا واٿر ڪورس گندو پاڻي يا عام گندگي اڇلائڻ اخلاقي طور تي غلط سمجهيو ويندو هو. تڏهن نه شهرن جي گٽرن جا واهن م کليل هوندا هئا. نه ئي ڪنهن واٽر م گندگي اڇلڻ کي سٺو سمجهيو ويندو هو. ملڪ م ڪي اخلاقي قدر موجود هئا. تنهنڪري واٽرن ۾ صاف شفاف پاڻي وهندو هو. وڌ ۾ ميرو پائي هئڻ تي مٽ، دلي يا نادي ۾ پاڻي لاهي ٿوري ڦٽڪي هڻبي هئي ته پاڻي جرڪي پوندو هو. سو رئيسن جي پاڻي ڀرڻ لاء خاص ملازم رکيل هوندو جيڪو دٻڻ ۽ ڪنواٽي سان پاڻي ڀري ٽانڪي م لاھيندو هو. جنهن کي گهر ۾ پيئڻ، رڌ پچاء توڙي ڪپڙن ڌوئڻ واسطي استعمال ڪيو ويندو. جڏهن کوهن تان عام ماڻهو پنهنجي استعمال لاء پاڻي پاڻ ڀريندا هئا. هن ئي ڳوٺ جا ٻه همراه جن ۾ هڪ نابين ڪاڪو فقير ڏٻن ۽ ڪنواٽي تي پاڻي ڀري گهر گهر پهچائيندو هو. جنهن کي نابين هوندي به سمورا گهر ساريل هوندا هئا. جن جي گهرن تائين بنا رنڊڪ جي پاڻي پهچائيندو هو. جنهن جو کيس مناسب معاوضو هر چڪر جي حساب سان ڏنو ويندو هو. ڪاڪو فقير اکين کان برابر نابين هو پر اندر جو سچيت انسان هو. اها کيس قدرتي عطا مليل هئي. ڪاڪو فقير جو ذڪر فضل احمد بچاڻي صاحب جن پنهنجي ڪتاب "اڳي ائين هياس" محنت پڻ ڪيو آهي. فضل احمد بچاڻي صاحب ڪاڪو فقير جو نالو ته نه لکيو آهي پر سندس پار پتن مان ڪاڪو فقير ئي آهي. ڪاڪو فقير ياراڻي پاڙي مان هو. هن وانگر هڪ شخص ٻيو شخص به هوندو هو. جيڪو پڻ پاڻي ڀريندو هو. ان وقت واٽر جو پاڻي ڳوٺ تائين پهچندو هو. جنهن تي محمد زميندار جي ٻني هئي. چاچو محمد زميندار جن جي لڳ ڀڳ اسي ايڪڙ ٻني آهي. جيڪا پاڻي نه پهچڻ ڪري گهڻي ايراضي غير آباد آهي. ان وقت جنهن جو آئون ذڪر ڪري رهيو آهيان. ان م محمد زميندار جي ٻني آباد هوندي هئي ڳوٺ جي چوڌاري ساوڪ آباديون هونديون هيون. محمد زميندار جي پاڻي جي واري تي جڏهن واٽر وهي ايندو هو ته ڳوٺ م خوشي جو احساس جاڳندو هو. ماڻهو ڌوپ لاء واٽر جو پاڻي استعمال ڪندا هئا. اڄ ڪلھ ڳوٺ جي ڀرپاسي ويندي پڪو رستو وٺي اچڻ سان ڪافي زرعي زمين غير آباد ڄڻ هن علائقي تي ويراني جو واسو آهي. زئونر شاخ جو پاڻي پوڇڙ تائين بنھ گهٽ ٿي ويندو آهي. ان ڪري گهڻي زمين غير آباد آهي. جڏهن آئون پڙهڻ آيو هئس ته رئيسن جي زمينداري ماما حاجي رسول بخش ۽ ماما حاجي خدابخش خان سنڀاليندا هئا. فصل به چڱا ٿيندا هئن. اسان به گهر ته ڪنهن مهل اوطاق تي ايندا هئاسين. ماما وارا ڪم ڪار چوندا هئا ته ڪري ايندا هئاسين. ڪنهن جي ماني يا چانهن کڻي اچڻ يا ڪو بازار جو ڪم ڪار چوندا هئا. اسان کي به گهڻو ڀائيندا هئا. منجهن وڏي بردباري هوندي هئي. پنهنجي ٻارن لاء آندل شين مان مون کي ئي عطر خان کي به ڏيندا هئا. اسان جو گهڻو وقت پڙهائي کان پوء گهمڻ ڦرڻ راند روند م گذرندو هو. منهنجي دوستي ماما نظير احمد ۽ عطا محمد سان هوندي هئي. ان وقت لالا لنڊ، سندس ڀاء الهڏتو لنڊ به رئيسن م رهندا هئا. ان وقت سائين رفيق وارا اسان کان وڏا هئڻ ڪري ساڻن ايتري هجت نه هوندي هئي. باقي ماما خليل، ادا قربان خان، ادا اڪبر ماڇي، مبارڪ ماڇي، ڪڏهن ڪڏهن استاد نبي بخش جروار ڊرائيور به اچي ويندو هو. گڏ رانديون هونديون هيون. رهن ڳوٺ م اسان جي سانڀر ۾ به مسجدون هيون هڪ جامع مسجد جيڪا ملن واري مسجد سڏبي آهي. ٻي رئيسن واري مسجد جيڪا رئيسن جي بنگلي اوطاق جي بائونڊري وال اندر ٺهيل آهي. جامع مسجد ۾ ان وقت نگراني سائين شفيع محمد مرحوم جي هوندي هئي. امامت چاچا حاجي محمد ملون. ماما عبدالرئوف جو والد صاحب ڪندا هئا. جڏهن ته رئيس واري مسجد م محمد ملون ماڇي امامت ڪندو هو. جيڪو هاڻوڪي واحد بخش ماڇي پوليس واري جو ڏاڏو هو. پوء سندس فرزند به نماز پرهائيندو هو. پر سندس نالو ياد نه پيو اچي. هن ڳوٺ م اتي جي چڪي چاچا حاجي عثمان ملي. مرحوم لڳائي. چاچا حاجي عثمان سائين شفيع مرحوم جو چاچو هو جيڪو اڪثر سنجهوري رهندو هو. هتي سندس اڪيلو پٽ قمرالدين رهندو هو جيڪو جواني ۾ وفات ڪري ويو هو. چاچا حاجي داد جروار ۾ چڪي اسڪول اڳيان کوه جي الهندي پاسي لڳائي هئي.. هي چڪي ان وقت م؛ ماما عبدالمجيد هلائيندو هو ماما عبدالمجيد جي هوٽل به شايد هاڻوڪي پرائمري اسڪول جي جاء تي هئي. ان وقت به هن علائقي مان هاري ڪميٽي جو گهڻو زور هوندو هو. ڪامريڊن جو ڪچهريون ۽ اچڻ وڃڻ گهڻو هوندو هو. پر اهي اسان کي سمجھ ۾ نه اينديون هيون. نه انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان هو. قاضي جان محمد مرحوم، سائين غلام قادر مرحوم اخبارون شوق سان پڙهندا هئا. چاچي ڪامريڊ صديق جو گجگوڙون هونديون هيون. سائين محمد رفيق جن جو والد چاچو نصير ٿڌي مزاج جو ماڻهو هو. کيس ڪچهريون ڪندي ڏسندا هئاسين. رئيسن جا اڻ وقت به بنگلا هئا. اتر پاسي ٺهيل پراڻو بنگلو جڏهن ته ڏکڻ پاسي نئون بنگلو جيڪو رئيس امام بخش خان جو بنگلو سڏيو ويندو هو. سن وقت جي حساب سان تعميرات جو شاندار نمونو هو. پر وقت سڀ ڪجھ ميساري ڇڏيو. اهي پراڻا بنگلا ڊهي پٽ تي ويا آهن. هاڻ ٻڌڻ م آيو آهي رئيس اڪبر خان نئون بنگلو ٺهرايو آهي. پر منهنجو وتن وڃڻ نه ٿيو آهي. هن ڳوٺ م پرائمري اسڪول پهرين ملا مڪتب اسڪول ھو. جيڪو سائين شفيع محمد مرحوم جي چاچي حاجي عثمان مرحوم قائم ڪيو هو. سائين شفيع محمد مرحوم بطور استاد ۽ هيڊ ماستر ڳچ عرصو هلايو. جنهن ڪري هن ڳوٺ م تعليم عام ٿي. هن ڳوٺ توڙي ڀرپاسي جا ڪيترائي ٻار هن اسڪول م پڙهيا. سائين شفيع محمد مرحوم جي ڪوششن سان مڊل اسڪول پڻ قائم ٿيو. جنهن جا پڻ ٽي دور رهيا آهن. (باقي آئنده)