ڳوٺ داد جروار (منهنجو ناناڻو ڳوٺ) يادگيريون (3)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏25 مئي 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ڳوٺ داد جروار (منهنجو ناناڻو ڳوٺ) جون يادگيريون (3)
    تحرير : عبدالله جروار

    جيئن ته هن ڳوٺ ۾ قائم ٿيل پرائمري اسڪول تمام قديم آهي. اصل م انگريزن جي دور م قائم ڪيل ملا مڪتب اسڪول جو تسلسل آهي. جن کي ڀٽي صاحب جي دور قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو هو. هي اسڪول پراڻي دور سائين شفيع محمد مرحوم وارن جي ڏنل ڪچي جاء م هلندو هو. بعد ۾ هن اسڪول جي پڪي عمارت ٺهي. هن ڳوٺ جي استادن م سائين شفيع محمد مرحوم استاد ۽ هيڊ ماستر رهيو، سائين غلام قادر جروار مرحوم، سائين احمد علي جروار، سائين محمد رفيق جروار، سائين معظم علي جروار، سائين عبدالستار جروار ، سائين علي ڏنو جروار، سائين خادم خليلي جروار ، سائين مظفر علي جروار، هڪ سائين جو نالو ياد نه پيو اچي ، سيڪنڊري سائيڊ تي هينئر هن ڳوٺ جا هيٺيان استاد صاحبان آهن سائين اشفاق احمد جروار، سائين نصير احمد جروار، سائين ممتاز جروار، سائين شهاب الدين جروار شامل آهن.
    هن ڳوٺ جي پرائمري اسڪول م ڪجه عرصي لاء بابا سائين به پڙهايو. بعد ۾ هن اسڪول جي برانچ پرائمري اسڪول احسان فقير جروار ۾ ڊيوٽي ڪيائين. سائين احمد علي ۽ بابا سائين جي رٽائرمينٽ تقريبن گڏ ٿي هئي. سائين رفيق جروار صاحب ٽي يا چار دفعا پ ٽ الف جو مرڪزي صدر رهيو آهي. سندس عهدي تي رهڻ دوران استادن کي ٽائيم اسڪيل مليو. ڪنوينس توڙي ٽيچنگ الائونس مليو. استادن جي ڪامياب جدوجهد سائين جي سربراهي م ٿي. هاڻ نوڪري تان رٽائرڊ ٿيا آهن. سائين معظم علي جروار سال کن اڳ وفات ڪري ويا آهن. پرائمري اسڪول م هاڻ هيڊ ماستر طور سائين خادم خليلي صاحب خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.
    مڊل اسڪول داد جروار جا ٽي مختلف دور رهيا آهن.
    هڪ دور 1956 ڌاري جو آهي. جنهن مان استاد طور سائين حاجي محمد خان پتافي مرحوم ۽ سائين عابد علي صاحب هئا. سائين حاجي محمد خان پتافي صاحب جن پنهنجي ڳوٺان روز گهوڙي تي چڙهي ڊيوٽي تي ايندا هئا. سائين عابد صاحب حيدرآباد مان ايندو هو. سائين شفيع محمد مرحوم وٽ ترسندو هو. بابا سائين مون کي ٻڌايو ته ٻئي بهترين استاد هئا. شاگردن مان رئيس منظور علي خان پتافي، رئيس حاجي رسول بخش، حاجي خدابخش، سائين احمد علي، چاچا محمد مدني، عثمان جروار ٻيا به ڪيترائي شاگرد سائين جن وٽ پڙهيا.
    مڊل اسڪول داد جروار جو ٻيو دور
    1971 ع کان.....
    مڊل اسڪول داد جروار جو ٻيو دور 1971ع کان شروع ٿيو جيڪو پڻ ڳچ عرصو هليو. تعليم جي عام ڪرڻ سائين شفيع محمد جو ڪردار شاندار رهيو آهي. سائين جي ڪوشش سان ٻيهر برانچ مڊل اسڪول قائم ٿيو. جنهن م پهرين استاد طور سائين غلام قادر مرحوم پڙهايو. پهرين بينچ ۾ سائين معظم علي، آئون، رئيس احمد علي ۽ عبدالله لغاري ( حاجي شير محمد لغاري مرحوم جا فرزند) ، گل محمد سونارو، ادا غلام رسول جروار، نور نبي، مولوي مشتاق لنڊ، غلام رسول لنڊ واپڊا وارو، محمد عثمان لنڊ ( سنڌ يونيورسٽي)، رئيس غلام قادر ۽ خالد خان لنڊ (ٻئي رئيس دريا خان لنڊ جا فرزند) محمد قاسم لنڊ ، سائين مصري لنڊ ، خورشيد آرائين اڃا به هوندا پر نالا ياد نه پيا اچن.
    سائين شفيع محمد جي ڪوششن سان چمبڙ مان ٻه ڀائر استاد سائين تيرٿ داس اميداڻي ۽ سائين پرسو مل،ڳوٺ بيگن جروار مان سائين محمد دائود نهڙيو ، بکر جمالي لڳ سعيد آباد جا سائين شهاب الدين جمالي صاحب ۽ سائين محمد حسين جمالي صاحب جن هن اسڪول م پڙهايو. بهترين استاد هئا. هي هن اسڪول ۾ پڙهائي جي عروج جو دور هو. هن اسڪول جي بهتر ڪارڪردگي رهي. اسان 1974 ع م اٺون پاس ڪيو. پر هي اسڪول بعد ۾ ڳچ عرصو هليو.
    جڏهن مڊل اسڪول داد جروار بوائز جي بلڊنگ مڪمل ٿي.
    مڊل اسڪول داد جروار جو ٽيو دور
    1991ع جي لڳ ڀڳ شروع ٿيو. هن اسڪول جي عمارت ڳوٺ ٻاهران ٺاهي ويئي هئي. مون کي خبر ناهي ته هن اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر ڪير هو. پر تقريبن چار سال منهنجو چاچو سائين سيف الله جروار هن اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو. ٻيو جي ايس ٽي استاد ڳوٺ مبارڪ جروار سائين عبدالستار جروار مرحوم هو. سائين سيف الله جروار پابندي سان هن اسڪول م ڊيوٽي ڪئي. پوء سائين عبدالمجيد آرائين صاحب ڳچ عرصو هيڊ ماستر رهيو. اها عمارت به ڊهي ختم ٿي چڪي آهي. هاڻ مڊل اسڪول هاء اسڪول ٿي چڪو آهي. نئين بلڊنگ وڌيڪ اسٽاف موجود آهي. هن سال کان هاء اسڪول جا ڪلاس هلڻ گهرجن.
    هن ڳوٺ ۾ گرلس اسڪول تمام پراڻو آهي. جو هن اسڪول جي پهرين فيميل پرائمري ٽيچر امان حاجي فاطمه ماما عبدالرؤف جن جي والده هئي. بعد جي خبر ناهي اسڪول جهليو يانه بلڊنگ جي ڇا ڪنڊيشن آهي. هن گرلس پرائمري اسڪول کي آپ گريڊ ڪري گرلس مڊل اسڪول جو درجو ڏنو ويو آهي. پر هي اسڪول ورڪنگ ۾ نه پيو اچي. ان جا سبب ڪيترائي ٿي سگهن ٿا.
    هن ڳوٺ م بجلي سوئي گيس، پڪين گهٽين جي سهوليت موجود آهي. هن ڳوٺ جي جر جو پاڻي بنھ کارو آهي. جنهن لاء واٽر سپلاء اسڪيم تلاء سميت موجود آهي.
    هي جروار برادري جو قديم ڳوٺ آهي جنهن ۾ ٻيون برادريون به آباد آهن. سڀني برادرين جي هڪٻئي سان سٺي سلوڪت آهي. . گهڻي آبادي غريب طبقي جي آهي جنهن لاء روزگار جا مسئلا آهن. عام ماڻهو جي تعليم ڏانهن بي ڌياني آهي. جنهن ڪري وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ جا تمام گهٽ ٻار اسڪول ڏانهن پڙهڻ لاءِ وڃن ٿا. هن ڳوٺ کي ٻن طرفن کان روڊ آهي. هڪ زئونر شاخ کان ٻيو مريد موري کان آهي. ٿيو رستو سعيد خان لغاري ڳوٺ کان داد جروار اچي ٿو. اهو رستو اڃا پڪو نه ٿيو آهي.
    (هلندڙ)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو