عبدﷲ جروار
سينيئر رڪن
ڳوٺ داد جروار (منهنجو ناناڻو ڳوٺ)
يادگيريون (4)
تحرير : عبدالله جروار
ٽنڊي الهيار ۾ اسان جروارن جي ڳوٺن جي هڪٻئي وٽ سڃاڻپ پراڻن واهن ۽ ڀڏن جي حوالي سان به هوندي آهي. اسان جا هتي ٽي ڳوٺ آهن. ڳوٺ صاحب خان جروار، ڳوٺ الھ بخش جروار ۽ ڳوٺ علي بخش جروار اسان هنن ڳوٺن وارا "کيساني وارا جروار" سڏبا آهيون، ڇاڪاڻ اسان جي ٽنهي ڳوٺن جي ڀرسان ڪنهن زماني ۾ کيسانو واھ وهندو هو. اهڙي طرح ڳوٺ داد خان جروار جي ڀرسان بگهاڙ واھ وهندو هو ان ڪري کين "بگهاڙ وارا جروار" سڏيو ويندو آهي. ان نموني سان ڳوٺ خير محمد جروار ۽ ڳوٺ مصري جروار ۽ ڳوٺ حيدر جروار وارن کي پراڻي ڳاهوري واه ويجهو هجڻ ڪري "ڳاهوري وارا جروار" سڏيو ويندو آهي. ڳوٺ خير محمد جروار جي ٻي سڃاڻپ" آمري وارا جروار" به آهي.
ڳوٺ مبارڪ جروار، ڳوٺ بيگن جروار ، ڳوٺ مٺو جروار ۽ ڳوٺ شادمان خان جروار وارن کي پراڻي ناگناه واھ جي حوالي سان "ناگنا وارا جروار" سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته ڳوٺ علي خان جروار وارن کي شايد ديھ ساجناه جي نسبت سان "ساجناه وارا جروار" سڏيو وڃي ٿو.
سو ذڪر ڪيوسين پئي ڳوٺ داد جروار جو. ڳوٺ داد جروار لڳ ڀڳ چار پنج سئو گهرن تي مشتمل وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ م ڪافي بنيادي سهوليتون موجود آهن. جن ۾ بوائز پرائمري اسڪول، هاء اسڪول، گرلز پرائمري ، گرلز مڊل اسڪول، بجلي، واٽر سپلاء اسڪيم ، پڪيون گهٽيون يونين ڪائونسل جي آفيس موجود آهن. هن ڳوٺ ۾ غريب طبقي لاء روزگار جو وڏو مسئلو آهي. پر هتي جا ماڻهو باهمت آهن. مشڪل حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن ڳوٺ م جروار برادري کان سواء ٻيون برادريون به آباد آهن. جن ۾ ماڇي، لوهار، ڪنڀار، مينگھواڙ شامل آهن. اسان جي پڙهڻ واري وقت ۾ سونارا به ويٺل هئا. جن م منهنجو ڪلاس فيلو گل محمد سونارو جيڪو چاچا ڄمون سوناري مرحوم جو فرزند هو. سندس وڏي فرزند جو نالو خدا ڏنو هو. چاچي ڄمون سوناري وٽ گهوڙي هوندي هئي جنهن تي گهور ڪندو هو. مطلب سون يا چاندي هلڪا ڦلڪا زيور وڪرو ڪندو هو. ان زماني م اڪثر ماڻهن گهوڙا يا گھوڙيون هونديون هيون. گاڏيون يا موٽر سائيڪل ايترا عام نه ٿيا هئا. ڪنهن ڪنهن زميندار وٽ جيپ سواري لاء هوندي هئي. عام طور تي گهوڙن تي سفر ڪبو هو. عورتن جي اچ وڃ لاء ڏاند گاڏي هوندي هئي. ڪنهن زماني شادي جي ڄڃ ۾ گهڻي کان گهڻيون ڍڳي گاڏيون سينگاري جوتيون وينديون هيون. جنهن ڳائڻ، ڳيچ ۽ سهرا عورتون ڳائينديون وينديون هيون. شاندار منظر هوندا هئا. چاچا ڄمون سونارو سندن فرزند گل محمد (جيڪو اسان ڪلاس فيلو هو) ۽ خدا ڏنو لڏي ٽنڊي الهيار ۾ راھب پاڙي م ويٺا. سندن هڪ عزيز سائين بخش سونارو به هتي ويٺل هو جنهن کي ڪوٽار جي نوڪري ملي هئي. اهي به داد جروار مان لڏي ويو. چاچي ڄمون سوناري جا گهڻا پنڌ "کرجل" ڏانهن هوندا هئا. منهنجي خيال م "کرجل" جو علائقو ڳوٺ نصير لغاري ۽ آس پاس کي سڏبو هو. ڪنهن زماني م هن ڳوٺ م مينگھواڙ برادري جا ٻه پازا هئا. هڪ ڪاڪي ڦوٽي وارا جنهن جو اولاد اڃا به ساڳي پراڻن پڊن تي ويٺل آهن. ٻيو ڪاڪو پونيو يا پونجو جيڪو رئيسن جي بنگلي جي اتر طرف پنجاڻي پاڙي ڀرسان ويٺل هئا. درزڪو ڪم ڪندا هئا. شايد کيس زمين به ملي هئي. جيڪا وڪڻي هتان ٽپڙ کڻي هليا ويا. ڪاڪي ڦوٽي مينگھواڙ لاء مشهور هو ته هو پنهنجن پٽن کي هدايت ڪندي چوندو هو ته
"ٽانڊيري ٽوپي ري ڪريسو، ڀليان گهوڙيان چڙهسو، سوئي پڙي ننڊان ڪريسو ته بک مرسو"
مطلب هٿ پير هڻندئو پورهيو ۽ محنت ڪندئو ته ڀلين گهوڙين تي چڙهندئو، سٺو عزت سان وقت ڪڍندو، سستي ۾ ستا پيا ننڊون ڪندئو ته بک مرندئو.
ڪاڪي ڦوٽي جا چار پنج پٽ هئا. صحيح تعداد نالا ياد ناهن. سندن گهرن اڳيان ڪچو دڪان ٺهيل هوندو هو. جنهن م ڪم ڪندا هئا. اهو اهت جو زمانو هوندو هو. فصل تي هاري ۽ زميندار کين اهت ۾ ان يا پئسا ڏيندا هئا. سندن دڪان اڳيان اڌوڙ ٽنگيل هوندي هئي. جنهن ۾ ڍورن جي کل کي ٺاهي ڳنڍ ٽوپ جي ڪم ۾ آڻيندا هئا. ڪاڪي ڦوٽي هڪ فرزند ليلو اسان جي ڳوٺ ۾ به ڪم ڪرڻ ايندو هو. جنهن سان گڏ سندس پٽ لڇمڻ به هوندو هو. جيڪو اسان جو دوست هوندو هو. ڪاڪي ليلي جي وفات پوء لڇمڻ اسان وٽ ايندو هو. وقت جي وهڪري م گهڻو ڪجھ گذري ويو. ڳالهين جا ڪئين دفتر آهن ڇا لکي ڇا لکجن. ان زماني ۾ گڻائتا انسان هئا جيڪي پنهنجي پرائي غريب، پاڙي ۾ پيل پورهيت جي سار لهندا هئا. ڇا زمانو ڇا ماڻهو هئا؟
ڪجھ ذڪر ڪنڀارن جو.
هن ڳوٺ م ڪنڀارن جا به ڪجھ گهر هئا. جن مان هاڻ به هڪ گهر موجود آهي. هن جو نالو محمد عمر آهي. اسان جو ننڍپڻ جو دوست هو. پنهنجي پڊ م ويٺل آهي. جتي ٿانو ٺاهي آوي چاڙهيندو آهي. پوء ٿانو ٺڪر وڪڻي گذر سفر ڪندو آهي. سندس وڏڙن جا نالا مون کي وسري ويا آهن. اسان پڙهڻ واري م ڪنڀار ڪجھ ٺڪر ٺاهي رکندا هئا. پوء ڪنهن چڱي سکئي ستابي ڪجھ ۾ ٻار ڄمندو هو ته ان خوشي ۾ ٺڪر جا ٿانو انهن ماڻهن جي گهرن ۾ ڏيندا هئا. انهن ٿانون ڏيڻ جي عمل کي "ڍوئڻو" چيو ويندو هو. ان عيوض ۾ خوشي واري گهر جا وڏڙا کين سٺا انعام اڪرام ڏيئي خوش ڪري موڪليندا هئا. هاڻ اهي زمانا نه رهيا. نه اهي پورهيت رهيا نه انهن جا قدردان رهيا.
لوهارن جو ذڪر ڪجي.
هن ڳوٺ داد جروار م لوهارن جا به ڪجھ گهر هئا. گهرن جو تعداد ۽ نالا ياد نه رهيا آهن. هي به پورهيت هئا لوهارڪو ڪم ڪندا هئا. ساڳيو هارين ۽ زميندارن سان اهت وارو حساب رکندا هئا فصل لهڻ تي کين جنس يا پئسا ڏيندا هئا. فصل جي لهڻ تائين هر ڦار، ڪوڏر ڪهاڙي جو ڪم ڪار لوهار کين ڪري ڏيندا هئا. هن وقت داد جروار اسان جي پراڻي يار لکي لوهار جو گهر آهي. لکي لوهارڪو ڪم ڪندو آهي. ڪجھ ٻني ٻارو به اٿس، جوان ڇوڪرا اٿس. الله جي فضل سان خوش آهي. سائين معظم جو ويجهو دوست ڏک سک جو ساٿي رهيو آهي. منهنجي به تمام گهڻي عزت ڪندو آهي.
(باقي احوال آئندہ)