ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (40)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان
    سلسلي جي ڪڙي نمبر (40)
    . سائين عبدالرحيم خاصخيلي مرحوم
    ڳوٺ مٺو خاصخيلي تعلقہ چمبڙ ضلع ٽنڊو الهيار
    تحرير : عبدالله جروار

    اسان جي هن علائقي ۾ انگريزن جي زماني کان قائم اسڪولن جن ۾ کوکر ڳوٺ، ڳوٺ حمزو ٽالپر، بڪيرا شريف ، ملا مڪتب اسڪول صاحب خان جروار جو تعليمي سفر ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. جتان ڪافي ٻار تعليم وٺي نڪتا ۽ نوڪريون به ماڻيائون. نه رڳو پنهنجي زندگي بهتر نموني گذاريائون ۽ علم جي روشني کي جهر جهنگ پکيڙيائون. ملا مڪتب اسڪول صاحب خان جروار ان دور م وڏو نالو ڪمايو جڏهن سنڌي فائنل جي امتحان جي تياري ۾ هتي بهترين استاد مقرر ٿيا جن م سائين محمد عثمان ڀٽي صاحب مرحوم جو نالو نمايان رهيو آهي. سنڌي فائنل امتحان هن ڳوٺ ۽ آس پاس جي ٻارن وڏي محنت ڪئي پر پري پري جا ٻار به ڳوٺ ۾ اچي رهيا ۽ پڙهيا. ڳوٺ مٺو خاصخيلي جا سائين عبدالرحيم خاصخيلي صاحب مرحوم ۽ سائين حمزو خان خاصخيلي صاحب مرحوم، سائين ڌڻي بخش خاصخيلي صاحب مرحوم، سائين حسين بخش خاصخيلي صاحب مرحوم، سائين محمد رحيم خاصخيلي صاحب مرحوم، سنڌي فائنل تائين پڙهي بطور استاد پري پري تائين مختلف اسڪولن ۾ بطور استاد ڊيوٽي ادا ڪري پنهنجو فرض ايمانداري سان ادا ڪيو. اڄ مختصر ذڪر سائين عبدالرحيم خاصخيلي صاحب مرحوم جن جو ڪنداسين. سائين جي تصوير نه ملي سگهي آهي. سائين جي تصوير نه هئڻ باوجود سائين کي هن سلسلي م شامل ڪريون ٿا. جيئن سندن تعليمي خدمتن کي ياد ڪري سگهون.
    سائين عبدالرحيم ولد جمعون خان خاصخيلي سندن جنم 5 ڊسمبر 1932ع تي ڳوٺ مٺو خاصخيلي ۾ ٿيو پهرين آگسٽ 1942ع تي مسلم اسڪول صاحب خان جروار ۾ داخل ٿيا جتي چار ڪلاس پاس ڪرڻ کانپوء پڙهائي ڇڏي ڏنائون پر وري مڪتب اسڪول صاحب خان جروار ۾ ٻيهر داخل ٿيا 10 اپريل 1949ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائون. جنهن کان ترت ئي پوءِ سرڪاري استاد طور مقرر ٿيا ، ملا مڪتب اسڪول صاحب خان جروار جي استادن ۾ سائين عبدالڪريم جروار، سائين حاجي بهارالدين ، سائين محمد عثمان ڀٽي ۽ سائين محمد بخش ڀٽي شامل آهن. جن جي ڪوششن ۽ پنهنجي محنت سان سنڌي فائنل تائين پهتا. بطور پرائمري استاد سندن پهرين مقرري پيارو لنڊ ويجهو مسلم پرائمري اسڪول غلام حسين لنڊ ۾ ٿي ، ايس وي جي ٻه ساله ٽريننگ سال 1953ع ۾ پاس ڪيائون. سائين عبدالرحيم خاصخيلي صاحب مرحوم مختلف اسڪول تي ڊيوٽي سر انجام ڏني. جن ۾ مسلم اسڪول صاحب خان جروار، پرائمري اسڪول محمد علي پرهياڙ، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪئوڙو دائيداڻو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول بهادر دائيداڻو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول مٺو خاصخيلي شامل آهن ۾ تدريس جون خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ سال 1992ع تي رٽائر ٿيا. سندن اولاد مان سائين غلام رسول خاصخيلي، محمد جمن خاصخيلي به ناميارا استاد رهيا آهن سائين عبدالرحيم خاصخيلي 74 سالن جي عمر ۾ سال 2006ع ۾ وفات ڪئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو