بڪيرا شريف جون يادگيريون

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    (وري يادگيرين ورايو اسان کي)
    بڪيراشريف ۾
    ڀاء محمد لنڊ مرحوم جي هوٽل ۽ بولي دل جي ڪئبن، اسان جو ٺڪاڻو
    تحرير : عبدالله جروار

    بڪيرا شريف ضلع ٽنڊوالهيار جو اهم شهر ڪاروباري مرڪز بڻجي ويو آهي. پلاٽ، جايون توڙي مسواڙ تي دڪان وڏن شهرن کان به هتي مهانگا ٿي ويا آهن. پاڻ تن ڏينهن جي ڳالھ ڪنداسين جڏهن بڪيرا شريف شهر ترقي ڏانهن پير سوري رهيو هو. بسن جي عروج جو زمانو هو. موٽر سائيڪل ۽ ٻيون سواريون عام نه ٿيون هيون. ان زماني م بسون ٽنڊي الهيار کان شيخ ڀرڪيو ۽ ٽنڊي محمد خان تائين هلنديون هيون. انهن ڏينهن اسان جي به شهر ايندي ويندي ڀاء محمد لنڊ مرحوم جي هوٽل جي چانھ ۽ بولي دل جي ڪئبن تي پان ضرور کائبو هو. ڀاء محمد جي هوٽل ان سان ملحقه دڪان ٽنڊي الهيار جي سيدن جا هئا. هي هوٽل مين روڊ تي ٿاڻي ۽ اسڪول شهر اندر ويندڙ روڊ جي ڪنڊ تي هجن ڪري شهر جا ماڻهو به هتي اچي ويهندا هئا. جڏهن ته شيخ ڏانهن ويندڙ بسون به هتي مسافر ۽ اسڪولي شاگرد کڻنديون هيون. ڀاء محمد لنڊ مرحوم مزاج جو ٿڌو ماڻهو هئڻ ڪري اڪثر ڪچهريون متل هونديون هيون. خاص طور مشهور ڪاروباري شخصيت سيٺ حاجي ڪنڀار مرحوم، مرحوم جمن ڇڇر، يوسف وساڻ، ٻيا به ڪجهه همراه روزاني جا گراهڪ هوندا هئا. چاچا حاجي ڪنڀار دڪان تي وڃڻ کان اڳ هتي ويهي ڪچهريون ڪندو هو. پوء دڪان ويهندو هو. وڏيري جمن ڇڇر وارن جي سامهون اٽي جي چڪي هوندي هئي. پر ان وقت وڏيري جمن ڇڇر جا وڏڙا حيات هئا. وڏيرو جمن گهڻو ڪري فارغ هوندو هو . ڪچهري جو ڪوڏيو هوندو هو. هر موضوع تي ڳالهائڻ جو وٽس فن هو. ڀاء محمد جي هوٽل جي وڏي نشاني اڳيان کجي جو بيٺل وڻ هوندو هو. سامهون لنڊ برادري جو پاڙو هئڻ ڪري سڀني سان عليڪ سليڪ هوندي هئي.
    بولو دل بهترين يار ويس شخصيت ڪوٽ حاجي ظهور يوسفاڻي جو ويٺل هو. هتي بڪيرا م پان سگريٽ جي ڪئبن هلائيندو هو. بولي دل واري ڪئبن گهڻو اڳ ادا غلام رسول آرائين جيڪو پوء ايريگيشن کاتي ۾ مالهي ٿيو اهو ۽ ان جو ڀاء منظور هلائيندا هئا. منظور بعد ۾ حيدرآباد شفٽ ٿي ويو هو . ان وقت بڪيرا شريف جو وچ شهر ڪاروبار جو مرڪز هئڻ ڪري سندس پان گهڻو هلندو هو. جنهن سان سندس گذر سفر ٿيندو هو. انهن ڏينهن هن هوٽل جي ڀر ۾ چاچا حاجي علي محمد ميمڻ صاحب جن ڪپڙي جو دڪان به کوليو هو. جتي چاچا حاجي علي محمد ميمڻ ۽ سندس فرزند ضياء الرحمان ميمڻ سان ڪچهري ٿيندي هئي. حاجي منو دل ۽ سيٺ نانڪرام ڀيل جي پيڍي به هتي ئي هئي. وقت گذرڻ سان سڀ شيون خواب ٿي ويون. سيدن هي دڪان هڪ هڪ ڪري کپائي ڇڏيا. هاڻ هن هوٽل جي جاء تي سيٺ تاري ڀيل جو وڏو ريزڪي دڪان آهي. هاڻ ته شهر جو نقشو ئي بدلجي ويو آهي. هاڻ بڪيرا شريف ننڍو شهر نه رهيو آهي. شهر بڪيرا شريف مين روڊ جي ٻنهي طرفن وڏي ترقي ڪئي آهي. ڪيترائي نوان دڪان ڪاروبار ۽ هوٽلون کلي ويون آهن. ڪالھ جن جا ننڍا ننڍا ڪاروبار هئا. انهن جا هاڻ وڏا ڪاروبار آهن. ڪيترن ئي ٻاهران آيل ماڻهن به هتي ڪاروبار شروع ڪيا آهن. شهر ترقي تي گامزن آهي.
    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو