ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (41)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (41)
    سائين نذير احمد سهتو استاد گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي خير محمد کوکر تعلقو ۽ ضلع ٽنڊوالهيار.
    تحرير : عبدالله جروار

    مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا ماڻهو به ڏٺا آهن. جن بغير ڪنهن لالچ سٺي پگهار ۽ واھ واھ جي مختصر پگهار تي بطور استاد پيشو اختيار ڪري ٻارن جي تعليم سڌاري ئي واڌاري لاء اهم ڪردار ڪيو آهي. جن کي بلاشبہ سرڪاري نوڪري (ماستري) نه ملي سگهي پر جهڙو شاندار سندن تعليم ڏيڻ جو انداز سچ پچ ته ان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ڪافي عرصي کان پاڻ گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي خير محمد کوکر تي رضاڪارانه طور ٻارن کي تعليم ڏيئي رهيا آهن. اهڙا ڪافي مرحلا آيا جن م سائين کان سواء هن اسڪول تي ڪو به سرڪاري استاد مقرر نه هو تنهن هوندي سائين بهتر نموني تعليم ڏيندا رهيا آهن. سائين کي حاجي خير محمد کوکر صاحب جن ماهانه اعزازيو ڏيندا آهن. پاڻ روزانو ٽنڊي الهيار کان ڪوٽ حاجي خير محمد کوکر تي پڙهائڻ لاء ايندا آهن. ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر پرائمري ٽنڊوالهيار سائين مٺو اوڏ صاحب جن ۽ تعلقي ايڊيوڪيشن آفيسر پرائمري ٽنڊوالهيار سائين عبدالغفور پتافي صاحب جن هن اسڪول جو معائنو ڪن. هن استاد جي حوصله افزائي ڪن. هي پروفائل سائين نذير احمد سهتي صاحب لکيو آهي. جيڪو توهان دوستن اڳيان رکجي ٿو. يقينن سلجهيل دوست هن استاد جي محنتن کي داد ڏيئي حوصله افزائي ڪندا.

    نذير احمد ولد حبيب الله سھتو. منهنجو جنم 12 :06: 1970 تي ڳوٺ حاجي غلام حسين کوکر ۾ ٿيو 1982ع ۾ گورنمنٽ پرائمري اسڪول کوکر مان پنج درجا پاس ڪيا. سال 1985 ۾ گورنمنٽ مڊل اسڪول کوکر مان اٺون درجو پاس ڪيو سال 1987ع ۾ گورنمنٽ ۾ پراونشلائيزڊ ھاء اسڪول ٽنڊوالهيار مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو 1988 ۾ مسجد اسڪول اعظم کوسو جي نالي سان اسڪول ڪوٽ حاجي خير محمد ۾ ھلندڙ ھو. صبح ان ۾ پڙھائيندو ھئس شام جو ايس ايم ڪاليج ۾ پڙھندو ھئس جتان 1990 ۾ ريگيولرانٽر آرٽس ڪيم. 1992 ۾ ايس ايم ڪاليج مان انٽر پري ميڊيڪل ۾ ڪيم 1995ع ۾ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان بي ايس سي سيڪنڊ ڪلاس ۾ ڪيم 1997ع ۾ ڊگري ڪاليج TMK مان ايم اي اڪنا مڪس سيڪنڊ ڪلاس ۾ ڪيم 9 سال مختلف اسڪولن ۾ پرائويٽ طور پڙھايم. پھرين مئي 2007 کان اڄ تائين گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪوٽ حاجي خير محمد کوکر ۾ رضاڪار طور ڊيوٽي سر انجام ڏيئي رھيو آھيان.
    Sain Nazir Ahmed Sahito
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو