• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صوفي فقير ۽ شاعر قادن فقير "قادن سومرو مرحوم

عبدﷲ جروار

سينيئر رڪن
(ٽنڊي الهيار جون نامور شخصيتون)
صوفي فقير ۽ شاعر قادن فقير "قادن" سومرو مرحوم
چونڊ : عبدالله جروار

قادن فقير سومرو ٽنڊي الهيار لڳ ڳوٺ شاهپور رضوي م سال 1911ع م ڄائو هو. سڄي حياتي صوفين ۽ درويشن جي ميلن ۾ فقراء سميت ويندو هو. جن ۾ منٺار فقير، نواب ولي محمد فقير لغاري، محمد فقير کٽياڻ ۽ جھوڪ شريف شامل آهن. پاڻ سڄي حياتي تارڪ دنيا رهيو ۽ چوندو هو ته مون کي سائين محمد فقير کٽياڻ وٽان سندن وصال کان پوء ذڪر مليو. ان ڪري محمد فقير جو طالب سڏائيندو هو. پاڻ سٺو شاعر به هو. سندس شعر قلمي نسخي جي صورت ۾ موجود آهي. سال 1982ع ۾ وفات ڪيائون. وصال بعد پنهنجي دوستن ۽ احبابن کي خواب ۾ ٻه ٽي دفعا فرمايائين ته مون کي مقام مان ڪڍي مئه خاني ۾ رکو. سندن چوڻ موجب کين مقام مان ڪڍي مئيخاني ۾ رکيو ويو. جتي هن وقت درگاھ آهي. سندن وصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي.
سندن ڪلام ڪجھ هن طرح آهي :

بقا جي باغ ۾ باندي ،
تري ويندين چئو ها يا نه؟
ڏسي هي درد دنيا جا،
مري ويندين چئو ها يا نه؟

حقيقت حال جي حاضر،
ٻڌايان ٿو توکي ٻيهر،
سڃاڻي صاف ٿيا سهڻا،
پري ويندي چئو ها يا نه؟

ڏسي ٿو جي بقا باري،
وساري وصل جون وايون،
بهادر باغ ۽ بنگلا،
وري ويندين چئو ها يا نه؟

"قادن" ڪمال ۾ قلزم,
ڳاريندء ڳاھ ۾ ڳاهي،
ڪيو قابو ڪلان واري،
ڳري ويندين چئو ها يا نه؟

ليکڪ : مخدوم سائين طالب المولي ا
ڪتاب : ياد رفتگان.
rXLkyJe.jpeg
 
Back
Top