ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (42)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (42)
    سائين عبدالمجيد شيخ صاحب
    استاد ۽ رٽائرڊ سينئر هيڊ ماستر بي پي ايس 19
    ترتيب :عبدالله جروار

    سائين عبدالمجيد شيخ صاحب جن جو تعلق مٽياري ضلع جي سعيد آباد شهر سان آهي. پاڻ بطور استاد ڪجھ عرصو ٽنڊي الهيار ضلع جي اسڪولن تي به ڊيوٽي ڪئي اٿن. سائين جي سروس جو ڪئريئر شاندار رهيو آهي. سائين جو موڪليل پروفائيل سلسلي م شامل ڪجي ٿو.
    منھنجو جنم نيو سعيدآباد ضلعو مٽياري ۾ 01 آڪٽوبر 1962 تي ٿيو پرائمري تعليم گورنمينٽ مين سنڌي اسڪول مان حاصل ڪيم ۽ مئٽرڪ گورنمنٽ پروونشلائزڊ ھاء اسڪول نيو سعيدآباد مان 1977 ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري انٽر سائنس سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان ڪرڻ کانپوء حالات جيڪري پڙھائي ڇڏي مزدوري کي لڳس پر پوء 23 اپريل 1981 تي رب پاڪ جي حڪم سان پرائمري اسڪول ٽيچر طور گورنمنٽ پرائمري اسڪول حسين آباد فارم تعلقہ ٽنڊوالهيار ۾ ڊيوٽي جوائن ڪيم اتي انھي سال پي ٽي سي ۾ نمبر اچي ويو ۽ 07 سيپٽمبر 1981 تي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ ڊيوٽي جوائن ڪيم ، پي ٽي سي جي ٽريننگ دوران جي ايس ٽي ۾ سليڪشن ٿي وئي ۽ تعلقہ ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ غلام حسين سومرو جي مڊل اسڪول ۾ 19 جنوري 1982 تي ڊيوٽي جوائن ڪيم اتان کان گورنمنٽ هاءِ اسڪول بکر جمالي ٽرانسفر ٿيس , 1986-87 ۾ بي ايڊ لاء سليڪشن ٿي ۽ اي گريڊ ۾ بي ايڊ پاس ڪيم ، پرائيويٽ بي اي ۽ ايم اي ڪيم ۽ ايم ايڊ 2000-1999 ۾ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ ٽنڊو ڄام مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيم ، 29 آگسٽ 1988 تي ايڇ ايس ٽي طور گورنمنٽ ھاء اسڪول پيارو لنڊ تعلقو ٽنڊو الهيار ۾ ڊيوٽي جوائن ڪيم جتان ھڪ مھيني بعد منھنجي بدلي گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول نيو سعيدآباد ۾ ٿي وئي 27 مئي 2009 تائين انھي ساڳئي اسڪول ۾ رھيس ان بعد 28 مئي 2009 تي ايڇ ايس ٽي مان پروموشن حاصل ڪري مسلم ھاء اسڪول لطيف آباد نمبر اٺ ۾ بطور ھيڊماستر بي پي ايس 17 جي ڊيوٽي جوائن ڪيم ، پوء اتان ٽرانسفر ٿي گورنمنٽ ھاء اسڪول اگرو راھو تعلقو سعيدآباد ۾ ڊيوٽي جوائن ڪئي ۽ چار سال اتي رھيس ۽ ڏيڍ سال گورنمنٽ ھاء اسڪول پير جھنڊو ۾ بطور ھيڊماستر خدمتون سرانجام ڏنيون .
    فيبروري 2015 ۾ ارڙهين گريڊ ۾ پروموشن ٿيو ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ٽنڊو ڄام نمبر 01 ۾ پوسٽنگ ٿي ٻہ مھينا ٽنڊو ڄام ۾ ڊيوٽي ڪرڻ کان پوء 25 اپريل 2015 تي گورنمنٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول ڀٽ شاھ ۾ پوسٽنگ ٿي جتي ٽي سال ڊيوٽي ڪرڻ بعد 2018 ۾ گورنمنٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول ڪليٽن ڊسٽرڪٽ ايسٽ ڪراچي ۾ پوسٽنگ ملي ، انھي دوران ڪجھ عرصي لاء ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ڊسٽرڪٽ ايسٽ ڪراچي رھيس پوء 28 سيپٽيمبر 2021 تي بطور سينئر ھيڊماستر بي پي ايس 19 پروموشن مليو ۽ گورنمنٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول لياري ۾ پوسٽنگ ٿي اتان 30 سيپٽمبر 2022 تي رٽائر ٿيس
    مون انٽر کان پوء پڙھائي ڇڏي ڏني انڪري منھنجي بي اي 1983 ۾ ٿي ، جڏھن آئون پي ايس ٽي ٿيس تہ سوچيم ته ھاڻي ڪجھ تعليمي ۽ پروفئشنل قابليت ۾ اضافو ڪجي ان لاء بي اي ۽ ايم پرائيويٽ ڪيم ۽ بي ايڊ ريگيولر اسٽوڊنٽ جي حيثيت سان سنڌ يونيورسٽيءَ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان ڪيم ،
    ڀٽ شاھ سروس دوران جنوري 2016 ۽ جنوري 2017 ۾ لطيف شناسائي جا ٻه وڏا پروگرام منعقد ڪرايا جن ۾ پھرين سال انوقت جي وزير تعليم نثار کوڙو صاحب چيف گيسٽ ھئا ۽ ٻي سال انوقت جي سيڪريٽري ڪلچر اڪبر لغاري صاحب مھمان خصوصي ھئا.

    مون بطور ٽيچر تيرنھن ھيڊماسترن سان گڏ ڪم ڪيو ۽ بطور ھيڊماستر تيرنھن ڊي اوز سان گڏ ڪم ڪيو ، آئون 2017 ۾ رٽائرڊ ٿي وڃان ھا پر انوقت جي مٽياري جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر غلام حيدر صاحب منھنجي درخواست محبت ۾ اڳتي فارورڊ نہ ڪئي ۽ مونکي درخواست واپس وٺڻ لاء مجبور ڪيو ، رازق تہ رب جي ذات آھي پر جناب غلام حيدر بلو صاحب منھنجي لاء پنج سالَ وڌيڪ ڊيوٽي ڪرڻ جي وجھ بڻجي پيا منھنجون دعائون آھن انھن لاء ،
    پرائمري نوڪري لاء منھنجن ٻن استادن جو وڏو هٿ آھي ھڪ مرحوم اسلام علي راجپوت ۽ ٻيو مرحوم ھدايت علي راجپوت ۽ ٽيو استاد سائين محمد عثمان راجپوت صاحب جيڪو سي ايس ايس آفيسر طور رٽائرڊ ٿيا آهن ، ٽئي منھنجا استاد ھئڻ باوجود مون وٽ ھلي ڪري آيا ۽ مونکي مجبور ڪيائون ته آئون نوڪري لاء درخواست ڏيان ، آئون منع ڪندو رھيس پر انھن نہ مڃيو ، رب پاڪ انھن جا درجا بلند ڪري جيڪڏهن اھي مون وٽ نہ اچن ھا تہ شايد اڄ آئون ھتي نہ ھجان ھا
    Abdul Majeed
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو