ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (43)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري "
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (43)
    سائين محمد حسن جروار صاحب
    هيڊ ماستر گورنمينٽ پرائمري اسڪول علي بخش جروار تعلقه ضلع ٽنڊوالهيار.
    تحرير : عبدالله جروار

    سائين محمد حسن جروار صاحب ٽنڊي الهيار جي انهن چند استادن مان آهي جن پنهنجي پوري نوڪري بطور استاد هڪ ئي اسڪول م ڪئي آهي. سائين محمد حسن پنهنجي پوري نوڪري بنا سبب جي هڪ ڏينهن به ريزڪي موڪل نه ڪئي آهي. پوري سال جي 25 موڪلن مان سائين فقط چئن يا پنجن ڏينهن کان وڌيڪ موڪل سال ۾ نه ڪئي آهي. سائين پاڻ کي هڪ مثالي استاد ثابت ڪيو آهي.
    سائين محمد حسن جو جنم 01 اپريل 1965 ع تي ڳوٺ علي بخش جروار ۾ ٿيو. سائين جي والد صاحب محمد سليمان وچولي زميندار طبقي سان تعلق رکندڙ هو. سائين پنهنجي پرائمري ۽ مڊل جي ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ حاصل ڪئي. مڊل ڪلاس م پوزيشن هولڊر رهيو. جنهن تي مڊل بڪيرا شريف جي هيڊ ماستر سائين رسول بخش کوسي صاحب سائين انعام ڏنو هو. ان وقت مين مڊل اسڪول بڪيرا شريف هو جڏهن ته صاحب خان جروار ۽ ڌڱاڻو بوزدار برانچ مڊل اسڪول طور ڪم ڪري رهيا هئا. سال 1978 ع م مڊل پاس ڪرڻ کان پوء وڌيڪ تعليم گورنمينٽ پراونشلائيزد هاء اسڪول ٽنڊو الهيار مان حاصل ڪئي. انٽر ميڊيٽ ۽ بي اي تائين تعليم ايس ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان حاصل ڪئي. 03 آڪٽوبر 1985ع م مسجد اسڪول استاد طور کين نوڪري ملي. سائين جو پهريون ۽ آخري اسڪول پرائمري اسڪول علي بخش جروار رهيا آهن. سال 1995 ع ۾ پي ٽي سي جي ٽريننگ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان ڪئي. سائين محمد حسن پنهنجي مدت ملازمت جي آخري سال م هلي رهيو آهي. سائين جي اسڪول م سخت محنت ڪري کين وڏي نيڪ نامي ملي آهي. هن علائقي ۽ آس پاس جا ماڻهو پنهنجا ٻار سائين محمد حسن وٽ پڙهائڻ چاهين ٿا. پر سائين جي اسڪول م ٻارن جو وڏو تعداد پڙهي رهيو آهي. پرائمري اسڪول علي بخش جروار جي پڪي بلڊنگ ٻن ڪمرن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ هن وقت چار استاد پڙهائي رهيا آهن. هن اسڪول م ايندڙ آفيسر توڙي بايو مئٽرڪ اسسٽنٽ وغيره ايندا رهندا آهن. جيڪي پاڻ هن اسڪول ۾ تعليمي عمل جي واکاڻ ڪندا آهن. سال 2007 ع ۾ ان وقت ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر سائين غلام نبي دائوداڻي صاحب کين بيسٽ ٽيچرس سرٽيفڪيٽ سان نوازيو هو. باقي آفيسرن زباني ساراه کان سواء ڪجھ نه ڪيو آهي. سائين ۽ سمورا استاد ڊيوٽي موجود هوندا آهن . اسڪول م بلڊنگ ۽ فرنيچر جي کوٽ هوندي به هتي جي ٻارن جي پڙهائي بهترين آهي. جنهن جي ساراھ ڪجھ مهينا اڳ ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر پرائمري ٽنڊوالهيار سائين مٺو اوڏ صاحب پڻ ڪئي آهي. گورنميت پرائمري اسڪول علي بخش جروار کي ماڊل اسڪول ڪرڻ جو به اعلان ٿيو هو. اهو اعلان ڪاغذن م رهجي ويو. عملي ڪم ڪو به نه ٿي سگهيو آهي. تعليم کاتي جي آفيسرن کي گذارش آهي ته هي اسڪول بذات خود وزٽ ڪن. تعليمي عمل جو جائزو وٺن. استادن جي بهتر ڪارڪردگي تي سندن حوصله افزائي ڪن. ايشين بئنڪ طرفان پرائمري اسڪولن هاء اسڪول ڪرڻ واري اسڪيم ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول علي بخش جروار کي شامل ڪيو وڃي.

    Muhammad Hassan Jarwar
    Sain Mitho Oad
    Sain Abdul Ghafoor Pitafi
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو