عبدﷲ جروار
سينيئر رڪن
"وساريان نه وسرن "
رئيس غلام صديق جروار مرحوم
ڳوٺ مبارڪ جروار ضلع ٽنڊوالهيار
جروار برادري جو هڪ کاهوڙي ڪردار
تحرير : عبدالله جروار
جان جان هئي جئري ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀون پيٺي سڪندي کي سڄڻين.
(شاھ سائين)
جروار برادري ۾ ڪجھ اهڙين شخصيتن به جنم ورتو. جن پنهنجي قول، فعل ۽ عمل سان پنهنجي ايندڙ نسلن جي ڀلائي جا اهي لازوال ڪم ڪيا جن جي ڪري نه رڳو پاڻ کي تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ ڪيائون پر نئين نسل جي ڪاميابيءَ جا ڪئين رستا پڻ متعين ڪيا. اهڙين شخصيتن ۾ ڳوٺ مبارڪ جروار جي خاناڻي پاڙي چاچا حاجي اسماعيل جي گهر م جنم وٺندڙ مرحوم غلام صديق جروار به هڪ هئا. غلام صديق پنهنجي شخصيت ۾ هڪ ادارو هو. جنهن جي هر عمل ۽ فڪر ۾ ڳوٺن جي ترقي ۽ ٻارن جو بهتر مستقبل سان واڳيل هو. غلام صديق جروار مرحوم ننڍپڻ کان ڳوٺ داد جروار م پنهنجي عزيز سائين شفيع محمد جروار جن وٽ رهيو. سائين کيس سٺي تعليم ۽ تربيت ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ڪردار اجاگر ٿيو. پنهنجي ڳوٺ مبارڪ جروار ۾ قديم زماني کان پرائمري اسڪول هو. ڳوٺاڻن جي ڪوشش سان مڊل اسڪول قائم ٿيو. جنهن جي قائم ٿيڻ سان پري پري جا استاد هن اسڪول م بدلي ٿي آيا. ان وقت اچ وڃ جون گهڻيون سهوليتون نه هيون. جنهن ڪري استادن جي رهائش جو انتظام پڻ ڳوٺاڻن کي ڪرڻو پيو. استادن جي رهائش، خدمت سارسنڀال جو ٻين ڳوٺاڻن سان گڏجي بهتر انتظام ڪيائون. ساڻن ٻيا ڳوٺاڻا به ٻانهن ٻيلي ٿا. جن ۾ ماما حاجي بچل، سائين حاجي عبدالله ، استاد حاجي احمد جو خاندان رئيس شادمان خان، چاچا حاجي غلام حسين، چاچا حاجي سليمان ٻين ڳوٺاڻن ان وقت جي استادن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. سندن رهائش کاڌي پيتي جا بهتر انتظام ڪيا. جنهن ڪري استادن به ٻارن جي بهتر پڙهائي ۾ وسان نه گهٽايو. ڳوٺ مبارڪ جروار ، بيگن جروار ، مٺو جروار ، ڳوٺ شادمان جروار سميت پري پري جا ٻار هن اسڪول م پڙهڻ لاء اچڻ لڳا. اهو هن اسڪول جي ڪاميابي جو پهريون ڏاڪو هو. جنهن ۾ شاگردن سان گڏ نياڻين به تعليم حاصل ڪئي.
مرحوم غلام صديق پنهنجي وسيع سياسي ۽ سماجي تعلقات وسيلي پنهنجو چڱو نالو ڪمايو. وسيع تعلقات کي ڪتب آڻيندي هن مڊل اسڪول کي سنڌ ايڊيوڪيشن سيڪريٽريٽ مان هاء اسڪول منظور جنهن جي شاندار بلڊنگ تعمير ٿي هاء اسڪول مبارڪ جروار طور اپگريڊ ٿيو. جنهن ڪري هتي جي ٻارن کي تعليم جي حاصلات م آساني ٿي. ان کان پهرين هنن ڳوٺن جا ٻار وڌيڪ تعليم لاء هاء اسڪول مسڻ وڏي يا ٽنڊي الهيار ويندا هئا.
غلام صديق مرحوم وچولي طبقي سان تعلق رکڻ باوجود سندس تعلقات ڪيترين سياسي سماجي شخصيت سان هوندا هئا. جن جي ذريعي پنهنجي علائقي جا ڪيترائي مسئلا پڻ حل ڪرايائون. ڪيترن نوجوانن کي نوڪرين سان پڻ لڳايائون جنهن ڪري ڪيترائي بيروزگار روزگار جي قابل ٿي سگهيا. غلام صديق جي شاندار شخصيت ڪري علائقي جون مشهور شخصيتون ميون ولي محمد ولهاري توڙي رئيس حاجي علڻ خان لغاري به علائقي جي مسئلن جي حل ۾ سندن مددگار ثابت ٿيا.
جيئن ته رئيس غلام صديق جروار مرحوم ڳوٺ داد جروار م پنهنجي عزيز سائين شفيع محمد مرحوم جي زير تعليم ۽ تربيت رهيو. سائين شفيع محمد مرحوم پنهنجي نياڻي جي شادي ساڻس ڪرائي.
غلام صديق جروار مرحوم جي ڪوششن سان قائم ٿيل مڊل اسڪول بعد ۾ هاء اسڪول ٿيو. جڏهن هن سال کان هاير سيڪنڊري اسڪول طور آپ گريڊ ٿي ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جي شاندار بلڊنگ پهرين تعمير ٿي چڪي آهي. هن اسڪول م هزارين ٻار تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. تعليمي عمل جو سلسلو جاري ۽ ساري آهي. هن اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ نوجوان هن اسڪول ۾ بطور استاد خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. غلام صديق جروار، سائين حاجي عبدالله ، چاچا حاجي احمد مرحوم ۽ ٻين ڳوٺاڻن جو اڌ صدي اڳ پوکيل ٻوٽو اڄ وڏو قداور وڻ بڻجي چڪو آهي. ان وڻ جي ڇانوري ۾ نئين نسل جي علم ذريعي بهتر پرورش ٿي رهي آهي. جيڪو نيئن نسل جي روشن مستقبل جي نويد آهي.
ٻين سان ڀلائي ڪرڻ جو نتيجو به ڀلائي نڪرندو آهي. غلام صديق مرحوم جڳ جهان جي اولاد سان ڪيل بلائي جي نتيجي ۾ سندس فرزند گل منير جروار به ثقافت کاتي سنڌ ۾ سٺي عهدي تي فائز آهي. الله پاڪ مرحومين کي جنت الفردوس م اعلي ا مقام عطا فرمائي جيڪي هن علائقي جي ڀلائي لاء هر وقت ڪوشان رهيا آهن.
Jarwar M Ishaque
Khan Jarwar
Gul Muneer Jarwar