ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (44)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    [​IMG]
    "ٻري جن ٻاري "
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر(44)
    سائين محمد عيسي ا کوسو صاحب
    ڳوٺ علي محمد کوسو ضلع ٽنڊوالهيار
    ترتيب : عبدالله جروار

    ڪافي سال اڳ ڪنهن ڪم سانگي گورنمينٽ مين سنڌي هاء اسڪول ٽنڊوالهيار وڃڻ ٿيو. استادن سان ملاقات ڪلاس ڏسڻ جو خيال جاڳيم. ان جو اهو سبب هو جنهن اداري ۾ پنهنجي ڊيوٽي هجي ۽ ڊيوٽي ڪيتري ايمانداري ۽ سچائي سان ڪجي پر ٻين ادارن جي ڪم کي ڏسجي ته ٻين اسڪولن پڙهائي توڙي انتظام ڪيئن هلي ٿو. اهڙي طرح پنهنجي اصلاح ڪري سگهجي ٿي. سو اهڙي ڪلاس وزٽ ڪرڻ جو موقعو مليو. نائين ڪلاس جي ۾ سنڌي جو پيرڊ ختم ٿي چڪو هو پر استاد جا بورڊ تي لکيل ڪم ۽ سمجهاڻي اڃا به لکيل هئي. استاد جا بورڊ تي لکيل اکر جهڙا موتين جا داڻا ۽ لفظن توڙي اصطلاحن جي معني ا ٺاهيل جملا لکيل ڏٺم. استاد جو بهترين ڪم ٿيل هو. استاد بابت پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته هي استاد سائين محمد عيسي ا کوسو صاحب آهي. جيڪو مين سنڌي پرائمري اسڪول م استاد آهي پر هاء اسڪول ۾ استادن جي کوٽ سبب هڪ ٻه پيرڊ رضاڪارانه طور تي وٺندو آهي. اهڙي طرح سائين جي صلاحتين جو معترف ٿيس. سائين محمد عيسي ا کوسي صاحب جو ڳوٺ علي محمد کوسو آهي. سائين جن ٽنڊي الهيار جي موسٽ سينئر استاد ۽ هيڊ ماستر سائين رسول بخش کوسي صاحب جا عزيز آهن. هي ڳوٺ مسڻ وڏي ويجهو ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري سان لڳ آهي. هي سمورا علم شخصيتون سائين محمد اسماعيل لغاري صاحب ۽ سائين عبدالڪريم لغاري صاحب جن جي قائم ڪيل تعليمي ادارن مان فيضياب ٿيل شخصيتون آهن. سائين محمد عيسي ا کوسي صاحب جن پنهنجو پروفائيل پاڻ لکيو اٿن.

    منهنجو نالو محمد عييسي ا کوسو جنم جي تاريخ 15 جون 1964ع ۽جنم جو هنڌ علي محمد کوسو. منهنجو تعلق غريب هاري گهراڻي سان آھي ۔ فيملي ۾ پڙھي نوڪري ڪرڻ وارو چئن ڀائرن مان هڪ ئي آھيان ۔ 1968 ع ۾ ڪلاس پهرئين ۾ گورنمينٽ مسلم پرائمري اسڪول مسڻ وڏي ۾ داخل ٿيس اتان ئي پرائمري تعليم جي شروعات ٿي ۔ مونکي پهرين ڪلاس جي پٽي درويش صفت استاد سائين محمد صديق لغاري جيڪو سائين صوفي جي نالي سان مشھوري رکندڙ هئا پڙھائي ۔درجو ٻيون سرڳواسي سائين هرچند را۽ ميگهواڙ درجو ٽيون ۽ چوٿون سائين محمد عثمان مانجهي ڪنڀار ۽ درجو پنجون سائين لکاڏنو ترڪ مرحوم جن پڙھايو ۔هر شاگرد پنهنجي پنهنجي استادن جي پورهئي جو امين هوندو آھي پر منهنجي هنن معزز استادن جي پورهئي جا امين ۽ گواه مسڻ پٽ جا سڀيئي راڄ آھن ۔74 / 1973۾ پنجون پاس ڪري خير سان گورنمينٽ اسلاميه ها۽ اسڪول مسڻ ۾ انگريزي تعليم جي شروعات ڪئي ۔ ڪلاس ڇهين جو منهنجو ڪلاس ٽيچر سائين ميرمحمد خاصخيلي ڊينگاڻ ڀرڳڙي وارو جيڪي الحمدلله حال حيات آھن ۔ دعائن جو ذريعو رهندا اچن ۔ ڪلاس ستين جا ڪلاس ٽيچر سائين غلام محمد لغاري صاحب ڄام ڳوٺ وارا , ڪلاس اٺين جا ڪلاس ٽيچر سائين عبدالرحمان سمون صاحب پٿورو پاڻ حال حيات آھن ۔ ڪلاس نائين جا ڪلاس ٽيچر سرڳواسي سائين نوول راء ميگهواڙ رهيا۔ 78 /1977 ۾ نائين ڪلاس جو امتحان پاس ڪري مئٽرڪ ڪمپريهنسو ها۽ اسڪول ميرپور خاص مان ڪيم۔ مئٽرڪ جا ڪلاس ٽيچر سائين سکرام داس ديوان رهيا۔ پڙھائي دوران نمبر پهرين جي مقابلي ۾ هميشه منهنجو پيارو ڀاء دوست سائين محمد رمضان ملاح رهيا۔ هر امتحان ۾ مونکي ٻئي نمبر تي ڇڏيندا آيا۔ هتي آء پنهنجي انهن محسنين کي نه وساريندس جن منهنجي پڙھائي جا اخراجات برداشت ڪيا جن ۾ سائين رسول بخش کوسو صاحب جيڪي رشتي ۾ ماسات ۽ ڀاء ايڊوڪيٽ حاجي خان کوسو مرحوم الله سائين ٻنهي کي اجرعظيم عطا فرمائي ۔80/ 1979 ۾ انٽر اسلاميه ڪاليج بدين مان پاس ڪري پنهنجي اباڻي پورهئي ٻني ٻاري جي ڪيم ۔الله سائين صحت عطا فرمائي رئيس غلام قادر مري صاحب کي جنهن جي ڪوششن سان 1982 آگسٽ ۾ پرائمري استاد جو آرڊر مليو سندس ئي ڳوٺ ۾ 1985 تائين پڙھايم ۔ 1985 ۾ هڪ سال جي ٽريننگ ، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ڪيم ۔ 86 ۾ مولوي عبداللطيف ٿيٻو ڊاسوڙي 86 ۾ ئي مسڻ لڳ عمر ٿيٻو اسڪول ۽ 92 ۾ قاضي نور محمد لغاري اسڪول اتان 2004۾ ٽنڊوالھيار شفٽ ٿيڻ سان مين سنڌي ها۽ اسڪول ۾ مددي استاد طور ڪم ڪيم ۔2012 کان مين سنڌي پرائمري اسڪول ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏيان پيو۔ 14 جون 2024 تي رٽائر ٿيڻ جو بارڪوڊ پهچي چڪو ۔ انشاءالله الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان عزت سان وقار سان پنهنجي گهر جو ٿي ويندس۔ نوڪري ڪندي پنهنجي شاگرد ٻچڙن کي امانت سمجهي محنت ڪيم ڪرايم ۔ شال الله ڪريم منهنجون ڪميون ڪوتاهيون معاف فرمائي ۔ پورهيو قبول پوي۔ آمين۔ سر پنهنجي حال حقيقت حاضر
    Sain Mohammad Issa Khoso
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو