• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نثري نظم

منصور سيتائي

سينيئر رڪن
ماضي حال مستقبل

سونهن ء سندرتا
امن ء پيار
گل ء ميوا
انبن ء زيتونن جون هٻڪارون
ڪڻڪن جا لاب
سنڌ جو شاندار ماضي۔۔۔

چوطرف دونهون
بارود جي بوءِ
چوريون،ڦرون، ڌاڙا
اغوائون،قتل
لاشن جا ڍير
سنڌ جو حال ۔۔۔

شاه جو رسالو
اياز جي شاعري
لوهم جي دڙي جيان
وساريل کنڊر
شيام جي سٽ ته
“ته هئي سنڌ ء سنڌ وارن جي ٻولي“
سنڌ جو ڊيڄاريندڙ مستقبل
 
Back
Top