ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" تي هڪ نظر...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2024۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" تي هڪ نظر...!
    حفيظ چانڊيو
    فقير محمد سنڌي اهو برجستو ليکڪ آهي جنهن سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي پاڻ پتوڙيو آهي. تازو آيل ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" ۾ سندس اهي مضمون، تبصرا ۽ رايا ڏنل آهن جيڪي هن مختلف وقتن تي ٻاراڻي ادب جي ڪتابن تي لکيا آهن.
    فقير محمد سنڌيءَ جو هيءُ ڪم پاڻي ۾ پٿر اڇلڻ برابر آهي. ڇاڪاڻ ته هن قسم جو ڪم رُڪ جا چڻا چٻاڙڻ برابر آهي.
    اڄ جو ٻار ڪتابن کان پري ٿيندو پيو وڃي، موبائل ۽ انٽرنيٽ جي ويجهو ڏسي، فقير فڪر مند ٿي پوي ٿو، کيس اهو الڪو ڪُر کڻي جاڳي پوي ٿو ته اڄ جو ٻار جيڪڏهن ڪتاب پڙهڻ کان پري ويو، ته هو ثقافت، تهذيب، تمدن، رهڻي ڪهڻي جي سليقي کان نا آشنا ٿي پوندو. فقير جو هي ڪم ٻاراڻي ادب لاءِ نه رڳو ڪارائتو ۽ لاڀائتو آهي، پر سنڌي ادب لاءِ پڻ تاريخي ڪم آهي.
    ٻاراڻي ادب ۾ آکاڻين، لوڪ قصن, ڪھاڻين توڻي شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن پر ٻاراڻي ادب خصوصي طور شاعريءَ جي ڪيترن ئي ڪتابن تي ليکڪ جو تجزياتي ڪتاب پھريون دفعو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هي ڪتاب انهن ٻارڙن لاءِ ئي آهي جن جي هجڻ سان گهر جو آڳنڌ گلابن وانگر مهڪندو آهي جن جي هر ادا تي والدين فدا ٿيئڻ گهرندا آهن سندن ادائون، ناز، نخرا، ٻاجهه ٻول بي رنگ زندگيءَ ۾ ڪيترائي رنگ ڀريندا آهن. اهو شايد ڊاڪٽر احسان دانش ئي چيو آهي ته :"خدا جنھن قوم جي سڌاري ۽ ھدايت لاءِ پيغمبر موڪليندو آهي. ساڳيءَ طرح ڪنھن قوم جي ٻولي ، ادب ۽ تاريخ جي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ وري ڪي عظيم شاعر پيدا ڪندو آهي". اهڙن عظمت ڀرين 14 هن شاعرن جي شاعريءَ تي نوجوان ليکڪ فقير محمد سنڌي هي ڪتاب سينگاري سنواري ترتيب ڏنو آهي. هاڻي اهو پڙهندڙ دوستن مٿان آهي ته اهي ان مان ڪيترو لاڀ حاصل ڪن ٿا.
    قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپايل ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" هٿن ۾ آهي، جيڪو نامياري ليکڪ فقير محمد سنڌي جو لکيو آهي. ڪتاب جو بنيادي مقصد 14 هن ڪتابن تي آهي جن ۾ ٻارڙن لاءِ گيت لکيا ويا آهن. هي ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" تي مشتمل آهي. اوهان ۽ اسان جي هٿن تائين پھچڻ ليکڪ فقير محمد سنڌي جو ٻاراڻي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ سان اٿاھ پيار جو ثبوت آهي. ٻارن لاءِ شاعري ڪرڻ جيتري ڏکي آهي اوترو انهن ڪتابن تي پنهنجو رايو پيش ڪرڻ به ڏکيو آهي. هن ڪتاب اندر سنڌ جي اهڙن شاعرن جي ڪتابن تي تبصرو ليکڪ پنهنجي پاران پيش ڪيو آهي جيڪو هنن ٻارڙن جي لاءِ ارپڻ ڪيو انهن لاءِ ننڊون ڦٽائي تخليقي ادب سرجيو هن ڪتاب پڙهڻ سان انهن سڀني ڪتابن ۾ لکيل شاعريءَ جي وسعت، ٻولي ۽ لھجي کان منجهس موجود نغمگيءَ جو پڻ ليکڪ پاران ڀرپور نموني مطالعو ٿيل آهي . ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" جي ارپنا سنڌي ٻوليءَ جي ناليوارن شاعرن جن ٻاراڻي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ سماجي خدمتگارن جي نانءُ ٿيل آهي جن مذهبن کان مٿانھون ٿي انسان ذات جي خدمت ڪئي. ليکڪ فقير محمد سنڌي "ٻارن لاءِ سرجيل ادب ٻاروتڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شخصيتون ڪشنچند بيوس، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، پروفيسر مختيار سمون ۽ حاجي انور علي کوکر جي نالي ارپنا ڪئي آهي. ارپنا ۾ سنڌ جي مشھور شخصيتن جو ذڪر ٿيل آهي سي پنھنجي شعبي جا ناليوارا ۽ سماج جا مثالي ڪردار به آهن. ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" جو اداريو سنڌ جي نامياري شاعر ۽ علمِ عروض جي ڄاڻو جي ايم رئيساڻي لکيو آهي. ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو"جو مھاڳ سنڌ جي نامياري شاعر، اديب ۽ تعليمدان پروفيسر مختيار سمي لکيو آهي جنھن ۾ هن ڪتاب تي ڀرپور نموني لکيو آهي. پنهنجي رايي ۾ هو لکي ٿو ته :" فقير محمد سنڌي پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ بي لوث ۽ اڻ ڌريو رويو رکندڙ هڪ سخي ليکڪ آهي جنھن نه رڳو ٻارن جي ڪتابن تي تبصرا لکيا آهن پر ٻين ڪيترن ئي ڪتابن تي پڻ سٺا تجزياتي ليک لکڻ سان گڏ اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي سالگرھ واري موقعن تي انھن جي علمي ادبي ڪم ۽ شخصيت تي خاڪا به لکيا آهن"مھاڳ ۾ هو وڌيڪ لکي ٿو ته :"ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو " هڪ منفرد حيثيت جو حامل آهي ڇاڪاڻ ته هي نه شاعريءَ تي آڌاريل آهي نه ئي فڪشن تي جنھن ڏانھن ڪو ٻار گهڻو مائل ٿي سگهي. ڪتاب جو گهڻو مقصد ٻاراڻي ادب جي ڪجهه ڪتابن جو تعارفي ۽ تنقيدي جائزو پيش ڪرڻ آهي جيڪو ٻارن جو گهٽ پر گهڻو تڻو وڏن جي دلچسپيءَ جو موضوع آهي ۽ جيڪو تحقيق جو ڪم ڪندڙ جاکوڙين يا وري معلوماتي مواد مان حض ماڻڻ جو مزاج رکندڙ سنجيده پاٺڪن جي پسند جو محور آهي. ان هوندي به هي هڪ اهم ڪم آهي جيڪو ٻارن لاءِ شاعري ۽ نثر تي مشتمل ڪجهہ ڪتابن جي آگاهي فراهم ڪري ٿو ۽ انھن ڪتابن ۾ ڏنل مواد جي تشريح ۽ تور تڪ ڪري انھن جي معيار جو تعين ڪري ٿو ۽ انھن کي پڙهڻ جو اتساھ پڻ بخشي ٿو. جيڪڏهن هي ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو " لائق استادن يا ساڃاھ وند والدين جي مطالعي هيٺ ايندو ته اها پڪ سان پنھنجي شاگردن توڻي اولاد کي هن ڪتاب ۾ تبصري ۽ جائزي هيٺ آيل ٻاراڻي شاعري ۽ نثر جي سڀني ڪتابن پڙهڻ جي ترغيب ڏئي کين انھن مان حض حاصل ڪرڻ جو ضرور مشورو ڏيندو." ڪتاب" ٻاراڻي ادب جو تجزيو" جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر بدر ڌامراهي لکيو آهي.
    ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو " جو مقدمو فقير محمد سنڌي جو لکيل آهي. جنھن ۾ ليکڪ فقير محمد سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ قلمبند ڪئي آهي. ٻاراڻي ادب جي شروعات آکاڻين، درسي ڪتابن، ترجمن، لوڪ قصن، توڻي لوڪ داستانن کي قرار ڏنو آهي جنھن جي شروعات هو 1853ع لکي ٿو. 1853ع کان 1920ع تائين واري دور کي ٻاراڻي ادب جو شاندار دور لکي ٿو ۽ انھيءَ دور کي هو تعميري ۽ جدت وارو دور سڏي ٿو. فقير محمد سنڌي ڪتاب جو مقدمو لکي جهڙوڪ سنڌي ٻوليءَ جو حق ادا ڪيو آهي.
    ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" ۾ پهريون ڪتاب "مٺڙا ٻار" شامل آهي جيڪو سنڌ جي نامياري شاعر زخمي چانڊيي جو لکيل آهي. ڪتاب "مٺڙا ٻار" جي تجزئي ۾ فقير محمد سنڌي ڪتاب جي مھاڳ مان ڪجهه ٽڪرا کڻي پڙهندڙن کي ٻڌائي ٿو ته :"وطن سان محبت ضروري آهي ته جهالت کي لتاڙي عِلم جا ڏيئا ٻارجن ۽ زخميءَ ٻارن کي اهو ئي درس ڏنو آهي. واقعي زخميءَ ٻارن لاءِ جيڪي به ڳالهيون گيتن ۾ ڳايون آهن سي سچائيءَ جون ڳالھيون آھن". فقير محمد سنڌي "مٺڙا ٻار "ڪتاب بابت ٻڌايو آهي ته هن ڪتاب اندر ٻارن لاءِ 25 شاعريءَ جا اسم شامل آهن، ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾ شاعر زخمي چانڊيو ٻارن سان مخاطب آهي. فقير محمد سنڌي ڪتاب" مٺڙا ٻار "لاءِ لکي ٿو ته هي ڪتاب دورِ حاضر ۽ اسان جي ماحول مطابق ٻارڙن جي لاءِ معلوماتي سان گڏ موضوعاتي پڻ آهي. ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" ۾ پنج ڪتاب ناليواري اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا شامل آهن. جنھن ۾ "ننڍڙا فرشتا، پياريون پريون،" چنڊ به منهنجو رانديڪو “، "منھنجو گڏڙو، منھنجي گڏڙي"، پنھنجي دنيا ڌار ۽ "منھنجو ننڍپڻ" جو سرسري جائزوشامل آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌ ۾ انھن شاعرن مان هڪ آهي جنھن ٻاراڻي ادب تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. ڳڻڻ تي ويهجي ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ئي نالو سرفهرست ايندو جنھن وڌ ۾ وڌ ٻارن لاءِ ڪتاب لکيا آهن . ٻاراڻي ادب لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جيڪو نور نچوئيو آهي سو سنڌي ٻوليءَ توڙي ادب جي تاريخ جو اهم حوالي طور ياد ڪيو ويندو. فقير محمد سنڌي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي پنجن ئي ڪتابن جو ڳوڙهو مطالعو پيش ڪيو آهي. هر هڪ ڪتاب تي هن تبصرو به ڪيو آهي ته ان تي تنقيدي جائزو پڻ پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتاب "چنڊ به منھنجو رانديڪو" تي فقير محمد سنڌي لکي ٿو ته :"ٻاراڻي ادب ۾ هي ڪتاب ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو 11 هون ڪتاب آهي. جيڪو ڊاڪٽر سيال ۽ ٻاراڻي پيرائي ۾ لکندڙ دوستن کان اوچي پد تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر جا 27 ٻارڙن جي لاءِ نظم لکيل آهن. ڪتابن تي ٿيل ليکڪ جا تبصرا هونئن ته ڀرپور آهن پر جيڪڏھن ليکڪ انھن تي اڃان ٿورڙو وڌيڪ خيال ڪري ها، ٻيھر پڙهي ها ته شايد منجهن اڃان وڌيڪ نکار اچي پئي سگهيو . ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتاب "منھنجو گڏڙو، منھنجي گڏڙي" جيڪو سندس 13 هون ڪتاب طور ڇپيو تنهن تي پڻ فقير محمد سنڌي ڏاڍي خوبصورت انداز سان لکيو آهي. ڪتاب بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته :"ٻارڙن لاءِ شاعريءَ ۾ قافيو ۽ رديف آسان ۽ ترنم وارو هجڻ گهرجي. اهو سليس نظم ٻار کي دير تائين ذهن نشين رهندو آهي. اهڙي روايت کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال نھايت خوبصورت انداز ۾ برقرار رکيو آهي".
    ڪتاب "بابا مون کي ڪر نه ڌنار" مور مغيري جو لکيل آهي جنھن تي فقير محمد سنڌي پنھنجي مطالعي ۽علم مطابق پنھنجي ڳالھ ڪجهہ هن ريت رکي آهي ته :" مور مغيري ٻاراڻي شاعريءَ ۾ زماني جي گهڻن مسئلن کي نظر ۾ رکندي قلم کي جنبش ۾ آندو آهي ۽ ڪافي هنڌن تي ڪامياب به ويو آهي جيئن "علم جي دولت" نظم ۾ ٻارڙن کي هوشيارپ جو درس ڏئي ٿو. منهنجو پڻ هڪ رايو آهي ته اڄڪلھ اڪثر شاعر ٻارڙن جي دلچسپين کي نظر ۾ رکڻ بغير ئي شاعري ڪن ٿا جيڪا اصولي طور تي ٻارڙن جي تعمير بدران ٻارن لاءِ بوريت جو سبب بڻجن ٿا . ان ڪري ضروري آهي ته اهڙن موضوعن کي بحث هيٺ آڻڻ گهرجي جيڪو موضوع ٻارڙن لاءِ نه صرف پسنديده هجي پر ان موضوع تي کيس دسترس پڻ حاصل هجي. ساڳي ئي پيرائي ۾ مور مغيري جي ڪتاب جي ٽائيٽل واري ٻاراڻي گيت بابت پڻ فقير محمد سنڌي جو رايو پڙهڻ وٽان آهي. هونئن به ٻارن جو ادب رڳو ٻارڙن لاءِ ناهي هوندو، ٻارڙن سان گڏ اهو ادب وڏن لاءِ پڻ ساڳي ئي اهميت جو حامل هوندو آهي. مارڪيٽ ۾ به اها شيءَ اڻ لڀ ملندي جنھن جو معيار سٺو ۽ ساکائتو هوندو. ان لاءِ ٻاراڻي ادب کي معياري بڻائڻ لاءِ شاعرن کي پهريان اهو سمجهڻ گهرجي ته ٻارڙن جي پسند توڻي ناپسند کي سمجهڻو پوندو.
    آزاد بخاريءَ جي ٻاراڻي شاعريءَ واري ڪتاب "حق سُڃاڻ اي ٻار" تي پڻ فقير محمد سنڌي جو تجزياتي تبصرو پڙهڻ وٽان آهي جنهن ۾ هو شاعر آزاد بخاري جي سندس ڪتاب "حق سُڃاڻ اي ٻار" ۾ لکيل شاعري بابت پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو آهي. هو آزاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي ان ميٺاج بابت پڻ لکي ٿو جيڪي ٻارڙا پڙهڻ سان پنھنجي هينئي سان هنڊائي ذهن نشين ڪندا. تبصرو ڪندي فقير محمد سنڌي ليکڪ آزاد بخاريءَ جي ڏنل انھن انساني حقن جي عالمي پڌرنامي وارين ٻارن لاءِ شِڪن جو پڻ ذڪر ڪري ٿو جيڪي شاعر آزاد بخاري پنھنجي ڪاريگري سان نظماڻي انداز سان استعمال ڪيون آهن. ان کان علاوه فقير محمد سنڌي شاعر استاد گل دايو جي تازو ئي ڇپجي آيل ڪتاب :"گيت گلڙن بابت ڪجهه هيئن لکي ٿو ته :"ڪوئل جي مٺڙي آواز جهڙا مڌر ۽ ترنم سان ڀرپور نظم ٻارڙن لاءِ سرجيا آهن. استاد گل دايي ڪتاب ڪيترن ئي ذهنن جي اوسر ڪري ٿو. جنهن ۾ اخلاقيات، نفسيات، احساس ۽ مڪمل انسانن جا گڻ استاد گل هن ڪتاب جي ورقن ۾ شامل ڪيا آهن. فقير محمد سنڌي، استاد گل دايي بابت هڪ هنڌ لکي ٿو ته :"قدرت ٻارن جي روپ ۾ اسان کي زندگي، مسڪراهٽ ۽ خوبصورتي جهڙن بي بها قيمتي تحفن سان نوازيو آهي “ بهرحال فقير محمد سنڌي چاهيو آهي ته هو هر هڪ شاعر جي شاعراڻي اظھار کي پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آڌار پڙهندڙن کي سمجهائي. فقير محمد سنڌي، حافظ قاري عبدالستار ڪريجي جي ڪتاب :"قرآني قاعدو" بابت پڻ خوبصورت انداز سان پيش خدمت رهيو آهي ته جيئن هو ڪتاب "قرآني قاعدو" تي هر حوالي سان تعارف لکي ته جيئن پڙهندڙن کي ان ڪتاب جي اهميت جي خبر پئي. حافظ قاري عبدالستار ڪوريجو منھنجو استاد به آهي ته سنڌ جو هڪ ناميارو ليکڪ، محقق ۽ عربي توڻي فارسي زبان جو ڄاڻو استاد پڻ آهي. اهوئي سبب آهي جو هن :"قرآني قاعدو" لکيو ۽ هن صديءَ جي استادن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ والدين سمجهائڻ چاهيو ته قرآن پاڪ سکڻو آهي ته پهريان ان جو قاعدو سکو. واقعي به هر ٻوليءَ کي سکڻ لاءِ قاعدي جي ئي ضرورت هوندي آهي. هونئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف موضوعن تي ڪيترا ڪتاب ڇپجندا آهن پر حافظ قاري عبدالستار ڪوريجي جو هي ڪتاب :"قرآني قاعدو" منفرد حيثيت جو حامل آهي. "قرآني قاعدو" بابت فقير محمد سنڌي لکيو آهي ته :"حافظ عبدالستار ڪوريجو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ڀيرو قاعدن ۽ قانونن موجب" قرآني قاعدو "ترتيب ڏنو آهي" منھنجي نظر ۾ هي قرآني قاعدو نه صرف ٻارڙن کي پر استادن لاءِ پڻ ڪارائتو ثابت ٿيندو.
    فقير محمد سنڌي، سنڌ جي نامياري شاعر، اديب ۽ دانشور عيسي ميمڻ جي ڪتاب :"ٽم ٽم تارا " بابت لکي ٿو ته هي شاعري عيسي ميمڻ جي ٻاروتڻ جي شاعري آهي جيڪا سچ ۽ صحن جي مٽيءَ سان واسيل آهي "ليکڪ وڌيڪ ٻڌايو آهي ته عيسي ميمڻ جو تخليقي سفر نهايت شانائتو ۽ مانائتو رهيو آهي. استاد هجڻ جي حيثيت ۾ هو ٻارڙن جي نفسيات کي چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو ان لاءِ استاد سان گڏ شاعر سو به ٻارڙن جو... اهڙو ڄاڻو استاد ئي ٻارڙن جي ذهني نشونما لاءِ بهتر کان بهتر لکي سگهي ٿو. عيسي ميمڻ تخليقن جي صورت ۾ محبتون ارپيون آهن سندس شاعري محبتن جو اعلي اظھار چئجي.
    ڪتاب شاگردن لاءِ تقريرون جي ليکڪ عبدالحليم سومريءَ جي علمي ادبي پورهئي کي فقير محمد سنڌي قدر جي نگاھسان ڏٺو آهي. ان کان علاوه جانب جواڻ سومري جي ڪتاب :"گيتن جو گلدستو “ تي پڻ سندس ويچار پڙهڻ جهڙا آهن. جانب جي شاعريءَ بابت فقير محمد سنڌي لکيو آهي ته :" جانب جواڻ سومريءَ معصوميت، ٻاروتڻ يا ننڍپڻ جي زندگيءَ کي پريت سان ڏٺو آهي. توحيد سان گڏ سڄي جهان جي سڌ جو مزاج آسان طريقي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جا سماجي زندگيءَ ۾ ٻار لاءِ اهميت جوڳي آهي. آخري مضمون جو عنوان " گلن جهڙي شاعري، پوپٽ جهڙا ٻار " آهي جيڪو سنڌ جي نامياري شاعر، اديب، نقاد ۽ مثالي استاد پروفيسر مختيار سمي جي ڪتاب جو ٽائيٽل آهي. سندس هي ڪتاب 2015ع ۾ ڏاهپ پبليڪيشن پاران ڇپيو هو.. هن ڪتاب تي پڻ فقير محمد سنڌي خوب لکيو آهي. مضمون ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته :" گلن جهڙي شاعري، پوپٽ جهڙا ٻار " تخليقي سگهہ کي دانش جو رستو مهيا ڪرڻ جي برابر آهي. ذهني صلاحيت لاءِ " گلن جهڙي شاعري،پوپٽ جهڙا ٻار "جا نظم ٻارن جي اصل دولت آهن جنھن ۾ دعا نظم، "گهمو لاڙڪاڻو ،ڊڪ ڙي گهوڙا، لطيف جو ميلو، ۽ وئڪيشن نظم سان گڏ تصويرن جا به بهترين عڪس ٻاراڻي ذهن کي سوچڻ ۽ جستجو ڪرڻ تي نئون دڳ مهيا ڪن ٿا. پروفيسر مختيار سمون جي تخليقي سيڙپ انجا نظم آهن. هي ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو " سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي تاريخ ۾ هڪ منفرد ڪتابي صورت ۾ سدائين ياد رهندو. ڇو جو هي ڪتاب انهن چوڏهن ڪتابن جو تجزيو آهي جيڪي ٻاراڻي شاعريءَ جا شاهڪار ڪتاب آهن. آئون سمجهان ٿو ته فقير محمد سنڌي جو هي ادبي پورهيو ٻارڙن توڻي وڏڙن لاءِ مفيد ثابت ٿيندو
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو