• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محترم سعيد چانڊيو جي وال تان

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
محترم سعيد چانڊيو جي وال تان...
muD3wFW.jpeg

نامياري شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ براڊڪاسٽر فقير محمد سنڌيءَ جا وڏا وڙ جنھن پنھنجو نئون ڇپيل ڪتاب ”ٻاراڻي ادب جو تجزيو“ تحفي طور ڏنو.
هن ڪتاب ۾ ٻاراڻي ادب تي لکيل ناليوارن شاعرن ۽ ڪھاڻيڪارن جي ڪتابن جو تعارفي ۽ تنقيدي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. ھن ڪتاب ۾ درج ھر ھڪ تجزيو پڙھڻ وٽان آھي، فقير محمد پنھنجي علم ۽ مشاھدي آھر ڪتابن تي سٺي ٽيڪاٽپڻي ڪئي آھي ۽ آخر ۾ ھر ھڪ ليکڪ کي سندن ڇپيل ڪتابن متعلق صلاحون ۽ مشورا پڻ ڏنا آھن.
حقيقت ۾ اسان وٽ تنقيد جو معيار رھيو ئي ناھي، ڇو ته ھاڻي ڪتابن تي تنقيدي رايا گھٽ لکيا وڃن ٿا، رڳو دوستيون ۽ ياريون باشيون ملھايون وڃن ٿيون. اڄڪلھ ته ٿئي ئي ائين ٿو جو ڪتابن جي مطالعي کان بغير ئي ڪتابن تي واہ واہ ۽ تعارفي ليک لکي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپائي دوستيءَ جو حق ادا ڪيو وڃي ٿو.
جس آھي پياري فقير محمد کي جو ھن مصروفيات واري دؤر ۾ وقت ڪڍي بغير ڪنھن پسند يا اڻپسند جي ڪتابن جو مطالعو ڪري انھن تي ڀرپور مطالعاتي تبصرو لکي ليکڪ کي داد ڏيڻ سان گڏوگڏ ڪتاب ۾ ڪيل غلطين جي نشاندهي ڪرائڻ سان گڏوگڏ انيڪ صلاحن ۽ مشورن سان نوازيندو رھي ٿو. ھيءُ ڪتاب به ان ئي مشقت جي ڪڙي آھي.
ھن ڪتاب جي اھم ڳالھ اھا آھي ته ليکڪ ھن ڪتاب جو مقدمو ڀرپور نموني لکيو آھي، جنھن ۾ ٻاراڻي ادب جي شروعات کان وٺي موجوده دور تائين روشني وڌي وئي آھي. يقينن ھن ڪتاب جو مقدمو ٻاراڻي ادب تي تحقيق ڪندڙ محقق دوستن لاءِ لاڀائتو ٿيندو.
ھن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر ۽ تعليمدان پروفيسر مختيار سمي لکيو آھي ۽ بيڪ ٽائيٽل ناليواري محقق ڊاڪٽر بدر ڌامراھي لکيو آھي.
 
Back
Top