محترم حفيظ چانڊيو جي وال تان...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2024۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    محترم حفيظ چانڊيو جي وال تان...!
    [​IMG]

    [​IMG]
    پياري ساٿي، قلمڪار پبليڪيشن جي سرواڻ ۽ نهايت محنتي ليکڪ فقير محمد سنڌي جو لکيل ڪتاب " ٻاراڻي ادب جو تجزيو" هڪ بهترين ڪتاب آهي.. فقير محمد سنڌي - نالي وانگر فقير منش ليکڪ آهي پر پنهنجي ذات ۽ ڏات ۾ اڻ ڌريو ۽ نهايت بيلنسڊ قسم جو رائيٽر طور سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهي ٿو. هن تحقيقي ۽ تنقيدي جائزي واري ڪتاب جي حوالي سان يقينن پڙهندڙ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪندا. هن ڪتاب جو اداريو نامياري شاعر جي ايم رئيسياڻي لکيو آهي جڏهن ته مهاڳ نامياري شاعر اديب مختيار سمون صاحب لکيو آهي. هن ڪتاب جو مقدمو ڌڻي پاڻ پيش ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ٻارڙن جي لاءِ 14 شاعرن جي ڪتابن جو سرسري تنقيدي جائزو پيش ٿيل آهي. انهن چوڏهن شاعرن ۽ ڪتابن ۾ زخمي چانڊيو جو مٺڙا ٻار ڪتاب پڻ سرفهرست آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتاب ننڍڙا فرشتا، پياريون پريون، آزاد بخاري صاحب جي ڪتاب حق سڃاڻ اي ٻار، گيت گلڙن لاءِ استاد گل دايو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب جا ٻين چئن ڪتابن سميت مور مغيري، حافظ قاري عبدالستار ڪوريجو صاحب، محمد جواڻ جانب سومرو، قومي دانشور عيسي ميمڻ، عبدالحلیم سومري ۽ سائين محترم جناب مختيار سمي صاحب جي ڪتاب گلن جهڙي شاعري، پوپٽ جهڙا ٻار ڪتاب جو تنقيدي جائزو آهي. هن ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" جو بيڪ ڪور نامياري اديب ليکڪ سائين ڊاڪٽر بدر ڌامراهو صاحب لکيو آهي. هي ڪتاب 96 صفحن تي مشتمل آهي. آئون فقير محمد سنڌي کي هن ڪتاب آڻڻ تي دلي مبارڪون ڏيندي سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو