باصلاحيت شخصيت پورهيت اڳواڻ طفيل احمد ميمڻ ٽنڊو الهيار. تحرير : عبدالله جروار ميمڻ پاڙي ٽنڊي الهيار ۾ 80 جي ڏهاڪي ۾ سنهڙو سيپڪڙو، گهٽ ڳالهائڻ، با اخلاق نموني ملڻ جلڻ وارو، علم، ادب صحافت سان دلچسپي رکندڙ جواني م پير پائيندڙ هن همراه سان ايندي ويندي ملاقات ٿيندي هئي. ڪڏهن گهڙي پل ڪچهري دعا سلام هوندي هئي. ان دوران ئي هڪ فوٽو اسٽيٽ ٿيل هفتيوار اخبار ٽنڊي الهيار مان جاري ٿيڻ لڳي هئي. جنهن ۾ ٽن همراهن جي وڏي ڪاوش شامل هوندي هئي. طفيل ميمڻ، شڪيل احمد بچاڻي، عبدالمالڪ جروار ، سچ پچ ننڍپڻ ۾ ڪيل اهڙيون ڪوششون سندن صلاحيتن جو آئينه دار هيون. انهي عمل ڪم جي نتيجي ۾ شڪيل احمد بچاڻي ڪاوش اخبار ۾ ٿوري عرصي م پاڻ مڃايو. توڙي جو سندس زندگي گهڻو عرصو ساٿ نه ڏنو. پر جيترو عرصو اخباري دنيا ۾ هئا. سندس ڪئريئر شاندار رهيو، اسان وارو عبدالمالڪ جروار ان وقت ڊاڪٽر غلام قادر نظاماڻي مرحوم جي شاگردي ۾ رهيو . ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مزاج جي شخصيت هئا. ڪنهن وقت سخت مزاج ته ڪنهن وقت تمام ٿڌو مزاج. ان شخصيت جي ڇپر ڇانو ۾ پچي نڪرندڙ عبدالمالڪ به طب سان واڳيل رهيو آهي. چڱي ڄاڻ رکندڙ سٺي صلاح ڏيندڙ، وڏين بيمارين م مبتلا مريضن جو به ڏڍ بڻيل هوندو آهي. بيماري تڪليف جي صورت ڪنهن به وقت مشوري صلاح لاء به هڪيو تڪيو حاضر. ٽيو همراه طفيل احمد ميمڻ به نوڪري لاء ڪوششون ڪندي نيٺ وڃي مهراڻ شگر مل ۾ جوائن ڪيائين. سندس صحافتي صلاحيتن کي پورهيتن جي يونين ۾ ڀرپور نموني ڪم آندو اٿس. فيس بوڪ تي سندس اڪثر پوسٽون پوسٽون پورهيتن جي حقن لاء رکيل هونديون آهن. اڄ پياري طفيل ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. کيس جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون مبارڪون هجن. کيس اها گذارش پهرين به ڪري چڪو آهي ته پنهنجي سموري جدوجهد کي اکرن لفظن جو روپ ڏئي سوشل ميڊيا تي رکي. ته جيڪر سندن ڪيل ڪم مثالي بڻجي پوي. Happy Birthday dear Tofail Tufail Ahmed Memon Msm