ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (45)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    149
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري "
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (45)
    سائين علي محمد ولد حاجي دولت جروار ڳوٺ بيگن جروار تعلقه چمبڙ ضلع ٽنڊو الهيار.
    تحرير : عبدالله جروار

    سائين علي محمد جروار ولد حاجي دولت جروار جو جنم جروار برادري جي وڏي ڳوٺ بيگن جروار ۾ سال 1952 ع ڌاري ٿيو. پرائمري تعليم مسلم پرائمري اسڪول مبارڪ جروار م حاصل ڪئي. سائين علي محمد پنهنجي پرائمري تعليم سائين علي محمد. ميمڻ وٽ حاصل ڪئي. پرائمري تعليم لاء پرائمري اسڪول مبارڪ جروار هيٺيان استاد رهيا جن تعليم ڏني جن م سائين علي محمد ميمڻ مبارڪ جروار، سائين ابوبڪر ڌماچ ٽنڊو ڄام، سائين احمد پرهياڙ ، سائين محمد عمر ڀيو ڳوٺ شاهپور رضوي، سائين الهڏنو لاشاري ديھ نوڙي، سائين نواب نظاماڻي صاحب جن شامل هئا. سائين علي محمد جي چوڻ موجب ان وقت سائين محمد دائود نهڙيو ۽ سائين پير بخش خاصخيلي جادو لغاري شام جو پڙهائيندا هئا. ان ڳوٺ مبارڪ جروار ۾ مڊل اسڪول جي شروعات ٿي چڪي هئي جنهن ناميارا استاد پڙهائيندا هئا. جن م سائين خليل الرحمان دائود پوٽو، ارباب محمد فاضل هالا نوان، سائين تيرٿ داس چنبڙ، سائين عبدالرزاق ميمڻ عرف ڪڪو جيڪو سائين قاضي محمد ابراهيم جن جو وڏو فرزند هو. ان سال ئي مڊل اسڪول جي بلڊنگ تعمير ٿي چڪي هئي. سائين جن اٺون ڪلاس نئين بلڊنگ م پڙهيا هتي سندن ڪلاس فيلوز م ڊاڪٽر محمد خان جروار، غلام حسين خاصخيلي، علي حسن خاصخيلي، رهيا. جڏهن نون استادن ۾ سائين قاضي سيف الله سعيد آباد، سائين طيب سومرو ڳوٺ جنهاڻ سومرو ، سائين عاشق علي خواجه سلطان آباد، سائين غلام حسين ميمڻ نصرپوري ، سائين الھ بچايو اترادي، سائين اشرف آرائين، سائين کمدان چارڻ شامل هئا.
    جيئن سائين علي محمد جن مڊل اسڪول مبارڪ جروار ۾ اٺين ڪلاس جي امتحان ۾ پاس نه ٿي سگهان. جنهن تي سندن والد صاحب کين گورنمينٽ ڊي سي هاء اسڪول سعيد پور ۾ سائين محمد يعقوب ٿيٻي صاحب جي نگراني م ڇڏيو. جتي 1971 ع م مئٽرڪ پاس ڪيائون. ٽي سال بيروزگاري کان بچڻ خاطر محنت مزدوري ڪئي. 1973 ع م کين پرائمري استاد طور نوڪري ملي. سائين ڏهن سالن تائين پرائمري استاد طور تعليم ڏني. پر وقت ۽ حالات سائين کي ان مقام تي پهچايو جو سائين وڌيڪ عرصو نوڪري نه ڪري سگهيو. انهن ڏکين حالتن مان نڪرڻ بعد 2004 کان پنهنجي ڳوٺ بيگن جروار اسڪول جي ان وقت جي هيڊ ماستر سائين عمرالدين جروار ۽ سائين قادر بخش رند جي تعاون رضاڪارانه طور ٻيهر هن اسڪول م تعليم ڏيڻ لڳا. سائين علي محمد جو شمار وقت جي بهترين استادن ۾ ٿئي. جن پنهنجي تعليم ڏکين حالتن ۾ حاصل ڪئي ۽ بطور استاد شاگردن کي بهتر تعليم ڏني. ڪجھ سال اڳ پريس ڪلب ٽنڊوالهيار جي ان وقت جي صدر نصير نهڙيو مرحوم کان به انٽرويو ورتو هو. ٽنڊي الهيار جي ڪيترين نامور شخصيتن کان نصير نهڙيو مرحوم پنهنجي ٽاڪ شوز م انٽرويو ڪيا. پر سائين علي محمد جروار نصير نهڙيي مرحوم کان به انٽرويو ورتو هو. اڄ ڪلھ سائين علي محمد جروار صاحب جن پنهنجي ڳوٺ بيگن جروار م پنهنجي گهر ۾ فالج جهڙي موذي مرض سان جهيڙي رهيا آهن. وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفي سبب هن حوصله مند انسان سموري زندگي ڏکين حالتن کي منهن ڏنو آهي. بيماري ۽ غربت انسان جي بيوس بڻائي ڇڏيندي آهي. هڪ استاد هئڻ سان گڏ هڪ باشعور فرد کي ڏکئي موڙ تي آڻي بيهاريو آهي. دعا آهي ته ﷲ پاڪ سائين جن جون مشڪلاتون آسان فرمائي آمين.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو