پي ٽي سي ايل جي ذريعن موجب ۽ اخبارن ۾ ايندڙ اشتهارن موجب پي ٽي سي ايل پنهنجي ڊي ايس ايل براڊبينڊ انٽرنيٽ جي اسپيڊ ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي۔۔ اها تبديلي 15 جولائي کان لاڳو آهي پيڪيج ڪجهه هن ريت آهن۔۔ 2 ايم بي پيڪيج وارا ڪسٽمر 4 ايم بي واري پيڪيج تي منتقل ٿي ويا 4 ايم بي پيڪيج وارا ڪسٽمر نئين 6 ايم بي واري پيڪيج تي منتقل ٿي ويا هاڻي 2 ايم بي پيڪيج کي ختم ڪيو ويو آهي۔ جڏهن ته پي ٽي سي ايل جي اڪثر ڪسٽمرز وٽ 1 ايم بي جو ڪنيڪشن آهي، جنهن کي ڊبل نه ڪيو ويو آهي۔ انهيءَ سلسلي ۾ مختلف ذريعن سان پي ٽي سي ايل جا براڊبينڊ ڪسٽمرز پنهنجو احتجاج رڪارڊڪرائي رهيا آهن۔۔۔
جواب: پي ٽي سي ايل پنهنجي براڊ بينڊ سروس جي اسپيڊ ٻيڻي ڪري ڇڏي۔۔ مطلب ته مست ادي مُئي ادو ڄائو اسين اهڙي جا اهڙا، شل ڪا مار پوين هڪ ايم بي وارا گهر گُهمن، الاڙي الا، انشا جي اٺو اب ڪوچ ڪرو هڪ ايم بي سي دل ڪو لگانا ڪيا، پر يار انهن ظالمن ڏاڍي ڪئي اسان هڪ ايم بي وارا آخر وڃون ته ڪاڏي وڃون
جواب: پي ٽي سي ايل پنهنجي براڊ بينڊ سروس جي اسپيڊ ٻيڻي ڪري ڇڏي۔۔ سائين توهان ۽ مون جهڙي پي ٽي سي ايل براڊبينڊ جي انهيءَ زلزله متاثر ماڻهن کي گذارش آهي ته پي ٽي سي ايل براڊبينڊ جي ڪسٽمر آفيس فون ڪري اها شڪايت وڌ کان وڌ درج ڪرايئن۔۔۔ ته من ڪو رحم پوين
جواب: پي ٽي سي ايل پنهنجي براڊ بينڊ سروس جي اسپيڊ ٻيڻي ڪري ڇڏي۔۔ او مست پليز اهڙيون ڳالهيون ڪري دل نه جلائي اسان وٽ نڪو اٿئي ٽائم نڪو اٿئي منٿ جو مٽڪو ۔
جواب: پي ٽي سي ايل پنهنجي براڊ بينڊ سروس جي اسپيڊ ٻيڻي ڪري ڇڏي۔۔ سائين مطلب ته اوهان وري اڳلي آفر جو انتظار ڪندو۔۔ اها وري آفر ماشاءَ الله تڏهن ايندي جڏهن اوهان جو پيارو پٽ علي هڪ عدد پٽ يا ڌيءُجو پي ٿي چڪو هوندو ۽ اوهان خيرن سان ڏاڏا مبارڪ ٿي چڪا هوندو۔۔۔ ها ها ها
جواب: پي ٽي سي ايل پنهنجي براڊ بينڊ سروس جي اسپيڊ ٻيڻي ڪري ڇڏي۔۔ صفا درويش آهين مست تون مست ئي رهو درويش هاڻي منصور بڻجي سنڌ سلامت تي اچي چُڪو آهي، جيسين ماشا الله علي منهنجو اولادي ٿئي تيسين ائين به ٿي سگهي ٿو ته جهونو به پيالو پي وٺي پرلوڪ جو گس۔ پو جيڪي حال حياتِي جيستائين هڪ ايم بي ڊبل ٿئي تيستائين باخبر ذريعن کان خبر پئي آهي مونکان هي ون ايم بي به کسجڻ وارِي آهي، جيڪي ون ايم بي جي خرچ کي برداشت ڪن پيا انهن خبر پئي آهي ته اڳئين مهيني کان ون ايم بي به هٽائڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، پو مست بابلا تون ئي بُڌائي هي جهونو ڀلا ڪيئن ٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: پي ٽي سي ايل پنهنجي براڊ بينڊ سروس جي اسپيڊ ٻيڻي ڪري ڇڏي۔۔ سائين ڪهڙي اٿارٽي اوهان جي هي سهولت کسڻ چاهي ٿي۔ ٻڌايو ته صحيح۔۔ ڪٿي اسان واري چاچي ته ۔۔۔؟
جواب: پي ٽي سي ايل پنهنجي براڊ بينڊ سروس جي اسپيڊ ٻيڻي ڪري ڇڏي۔۔ مٺا مست اسان جهڙا جهونا جيڪي صرف پن سن (پينشن) تي گُذارو ڪندا آهن، اهي پنهنجي مرضي جا مالڪ ڪونه هُوندا آهن ۔ بس جوڪر ۽ چاٻي جا رانڌيڪا هُوندا آهن، بس انهن ڀولڙن جيان، جنهن جي ڏور مڌاري جي هٿ ۾ هوندي آهي، خير دل تي ڪي گهڙيون غمن جو بار تري آيو سو هن پوسٽ ۾ پاڻ کي ساڙيندڙ ڳالهيون لکي ويٺس۔ بهرحال اٽز اوڪي مست شال سدائين جُڙيو هُجين۔
جواب: پي ٽي سي ايل پنهنجي براڊ بينڊ سروس جي اسپيڊ ٻيڻي ڪري ڇڏي۔۔ سائين الله ڪندو اوهان جي پينشن ٻيڻي ٽيڻي ٿيندي۔۔ اوهان جي علي جي پگهار چوڻي ٿيندي ۽ توهان جو خوشيون پنجوڻيون ٿينديون۔۔۔ الله مالڪ آهي۔۔
جواب: پي ٽي سي ايل پنهنجي براڊ بينڊ سروس جي اسپيڊ ٻيڻي ڪري ڇڏي۔۔ مهرباني ادا پر اسان ته زونگ جي ڌڪي اسٽارٽ اسپيڊ ته انٽرنيٽ استمعال ڪيو ٿا
جواب: پي ٽي سي ايل پنهنجي براڊ بينڊ سروس جي اسپيڊ ٻيڻي ڪري ڇڏي۔۔ بلڪل ادا ائين ئي ڪبو ظالمن ظلم ڪيو آهي فقير سان ، اصل ڏاڍي ڪئي اٿائون يا کڻي ائين چئجي ته هڪ ايم بي وارن تي انهن ظالمن جي نظر ئي نه پئي سدائين گڏ
جواب: پي ٽي سي ايل پنهنجي براڊ بينڊ سروس جي اسپيڊ ٻيڻي ڪري ڇڏي۔۔ ان کي چوندا آهن، کهڙي تهي ريوڙي ڪي لئي مل گيا رس گُلا..
جواب: پي ٽي سي ايل پنهنجي براڊ بينڊ سروس جي اسپيڊ ٻيڻي ڪري ڇڏي۔۔ معني اسان به پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايون
جواب: پي ٽي سي ايل پنهنجي براڊ بينڊ سروس جي اسپيڊ ٻيڻي ڪري ڇڏي۔۔ مطلب ته هاڻ مان اچي ڪهڙو پيڪيج وٺان ۔۔۔۔ ڪنجوس جي ڳالهه جيئان جيڪو سٺو به هجي سستو به هجي، طاقت به گهڻي هجيس وغيره وغيره ۔۔۔ صلاح ڏيو يارو! باقي پاڙي واري ڪيبل ڪنيڪشن تي هر ڪلاڪ تي ڪانءُ ٿو ويهي ته سگنل گم ٿي ٿا وڃن ۔۔۔ مئن ڪانون به ڏاڍو ستايو آ ۔۔۔ شل ڪا سرڻ لڳين ۔۔۔ يا وري پاڻ سرڻ کي لڳن ۔۔۔۔