عبدالقادر منگي صاحب ۽ وتايو فقير سيمينار منعقد سال 1985ع

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    149
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    (ٽنڊي الهيار جي تاريخ ۾ جهاتي)
    عبدالقادر منگي صاحب جن جون علمي ادبي خدمتون، وتايو فقير سيمينار.
    تحرير : عبدالله جروار

    1983ع ڌاري ٽنڊي الهيار تعلقي کي سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو هو. ان کان اڳ ۾ ٽنڊو الهيار حيدرآباد ضلع جي هالا سب ڊويزن جو حصو هو. سب ڊويزن جو سموريون هيڊ آفيسون هالا م هيون. ان وقت انتظامي لحاظ کان ٽنڊي الهيار م رڳو مختيارڪار جي آفيس هئي. جيڪا قلع م هئي. ان وقت مختيار ڪار کي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جا پاور هئا. جڏهن هيڊ منشي کي ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ جا پاور هئا. امن امان ٿوڙي ٻين مسئلن کي مختيارڪار منهن ڏيندو هو. انهن ڏينهن ۾ ٽنڊي الهيار شهر ۾ هاڻوڪي ڊسڪو هوٽل کان هاڻوڪي دلاور هوٽل ( جتي اڳ ۾ زرعي ورڪشاپ هئي) پراونشلائيزد هاء اسڪول ڏانهن ويندڙ رستي جي ٻنهي پاسي سرڪاري جايون هيون. باقي وچ ۾ ديوين جا وڻ وغيره مطلب پوٺو هو. ان وقت سامهون سول اسپتال نه رڳو ٺهي چڪي هئي پر پراڻي عمارت جيڪا مين سنڌي اسڪول جي پٺئين پاسي هاڻوڪي گرلس هاير سيڪنڊري اسڪول جي ڀر م جنهن جو دروازو لطيف گيت طرف آهي. هن عمارت م اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس قائم ڪئي وئي هئي. جيتري قدر مون کي ياد پوي ٿو پهريون اسسٽنٽ ڪمشنر به عبدالقادر منگي صاحب هو. منگي صاحب باصلاحيت آفيسر هو. نئين سب ڊويزن جي شروعات بهتر نموني ڪيائين. علم ادب ۽ تاريخ سان گهڻي دلچسپي رکندڙ هئا. جنهن علمي ادبي شخصيتن لاء پنهنجي آفيس جا دروازا کولي ڇڏيا. ساڻن ميل ملاقاتون ٿينديون رهيون. منگي صاحب پهريون انتظامي آفيسر هو جنهن وتائي فقير جي فڪر کي عام ڪرڻ م وڏيون ڪوششون ورتيون. وتائي فقير جي نالي ڪتابن جي شاندار لائبريري جو قيام سندن دور م ٿيو. سندن اهم ڪارنامو وتايو فقير سيمينار هو. جنهن جو انعقاد ٿيو. هي سيمينار تاريخ 15 مئي 1985 ع تي ٿيو. ان ڏينهن صبح جو اٺين وڳي ٽنڊي الهيار شهر کان به ميل پري قبي اسٽاپ وٽ وتائي فقير جي مزار تي گلن جي چادر ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر شفيق الرحمان پراچا صاحب جي سربراهي م چاڙهي وئي. بعد ۾ ادبي نشست ٿي جنهن جي صدارت مرحوم علي احمد بروهي صاحب ڪئي خاص مهمان ناليوارو ليکڪ سائين ولي محمد طاهر زادو هو اسٽيج تي انتظامي ڪميٽي جو سرپرست محترم شفيق الرحمان پراچا صاحب، ڪنوينر محترم عبدلقاد منگي صاحب، ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين محترم عبدالغني قائم خاني صاحب ويٺل هئا . اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض حافظ ارشد انڍڙ صاحب بجا آندا. تلاوت ڪلام پاڪ مولوي محمد عيسي ا خاراني صاحب ڪئي. استقبالي تقرير سائين محمد حسين ڪاشف صاحب ڪئي. ان مهمان عالمن مقالا پڙهيا جن م الحاج رحيم بخش قمر صاحب، سيد يار محمد شاھ لڪياري صاحب، محترمه مريم مجيدي صاحبه، الهڏنو سومرو صاحب، ابراهيم خشڪ صاحب، محترم عاب لغاري صاحب، عبدالواحد عاصي هڪڙو صاحب، عبدالله ورياه صاحب ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب، ڊاڪٽر علي نواز شوق صاحب، شفيق الرحمان پراچا صاحب، شامل آهن.
    جڏهن بي نشست جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي استاد معروف اديب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب ڪئي مهمان خاص محترمه ڊاڪٽر قمر واحد صاحبه هئي.
    ٻي نشست ۾ مقالا پڙهندڙن م محمد خان مجيدي، حافظ ارشد انڍڙ، محترمه افروز صديقي صاحبه، پروفيسر قلندر لڪياري صاحب، محترم فقير محمد لاشاري صاحب، معمور يوسفاڻي صاحب، سائين مرتضي ا ڏاڏاهي صاحب محمد اسماعیل شيخ صاحب، محمد سومار شيخ صاحب، محمد حسين ڪاشف صاحب، محمد پناہ فرڙو صاحب، اسد جمال پلي صاحب، احمد خان ڪيريو، نور محمد ڪنڀار صاحب ۽ سائين محمد ابراهيم ڀلائي صاحب شامل هئا.
    رات جو ثقافتي محفل مچائي وئي جنهنجو خاص مهمان حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر جناب علي محمد شيخ صاحب هو. سيد علي نواز شاه رضوي استقبالي تقرير ڪئي، ڪميٽي جا مقصد ٻڌايا ويا. جنهن م وتائي فقير جي فڪر ۽ فلسفي کي نئين سر عام ڪرڻ، فقير جي مزار تي چوڪنڊي جوڙائڻ، مزار ڏانهن ويندڙ رستو پڪو ڪرائڻ، وتائي فقير جي نالي لائبريري قائم ڪرڻ، ۽ وتائي فقير تي تحقيقي ڪتاب ڇپائن لاء اپاء وٺڻ شامل ڪيا ويا. محفل موسيقي سجائي وئي جنهن م ناميارن فنڪارن انور حسين وسطري، سيد سليمان شاھ، انجم آرا، ٽينا حيدري، قمر سومرو، موهن ڀڳت، ٻين فنڪارن حصو ورتو. آخر ۾ وتايو فقير سيمينار منعقد ڪرڻ تي سنڌ جي ان وقت جي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه صاجو موڪليل پيغام پڙهي ٻڌايو ويو.

    مقصد هن سموري جاکوڙ جو سهرو ان وقت جي قابل احترام اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالقادر منگي ڏانهن وڃي ٿو. آخري ڏينهن ساڻن فون تي رابطو رهندو پئي آيو. ٽنڊي الهيار جي علمي ادبي سرگرمين بابت حال احوال وٺندا رهندا هئا. هن سموري مضمون جو نوجوانن کي گذريل وقتن جي علمي ادبي پورهئي کان آگاهي ڏيڻ آهي.
    الله پاڪ سائين عبدالقادر منگي صاحب جن جا درجات بلند فرمائي آمين.
    [​IMG]

    Hanif Laghari
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو