ٽنڊي الهيار جي سوغات، قصو اي ڊي مٺائي واري جو

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    149
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    (وکريل يادون)
    ٽنڊي الهيار جي سوغات
    قصو اي ڊي مٺائي واري
    جو
    تحرير : عبدالله جروار

    70 ۽ 80 جي ڏهاڪي ۾ ٽنڊوالهيار جي بند بازار جي آخر ۾ کتري پاڙي جي شروعات ۾ هڪ ننڍڙو مٺائي جو دڪان هوندو هو. جنهن ۾ صبح کان مٺائي ٺاهڻ جي تياري هوندي هئي. ٻنپهرن ڌاري تازي مٺائي ٺهندي هئي. جنهن مٺائي ۾ جليبيون ۽ برفي هوندي هئي جيڪا رات تائين ختم ٿي ويندي هئي. شام جو پاڙي وارا وڏا توڙي ننڍڙا ٻار شوق سان مٺائي خريد ڪري کائيندا هئا. اها مٺائي گهڻو ڪري جليبيون ۽ برفي هوندي هئي. ان دڪان جو مالڪ ڀائي علاؤالدِّين هو جيڪو پاڻ به مٺائي ٺاهيندو هو پر مددگار طور ڪجهه نوجوان ڇوڪرا به ساڻس ڪم ڪندا هئا. شادي مرادي، عيد براد سندس ڌنڌو تمام گهڻو ٿيندو هو. بند بازار ۾ رهڻ ڪري ساڻن دعا سلام هوندي هئي . ڪڏهن مٺائي خريد ڪري کائبي هئي.
    الله جنهن تي مهربان ٿئي پاڙي ۾ بند بازار ۾ قائم ننڍڙي دڪان تي وڪرو ٿيندڙ مٺائي، نئين انداز سان بند بازار کان موج دريا روڊ چمبڙ ناڪي تي نئون دڪان کولي نئين انداز سان مٺائي جو ڪاروبار شروع ڪيو ويو. ڀائي الھ دين جي نالي کي" اي ڊي" جو مخفف ڏنو ويو. جيڪا هاڻ "اي ڊي سوئيٽ ۽ بيڪرس " جي نالي سان مشهور آهي. علاؤالدين ڀائي جي پونئيرن ڪاروبار سنڀالي جديد انداز سان ڪاروبار وڌائي رهيا آهن. مٺائي توڙي بيڪري جو هڪ دڪان نصرپور ناڪي تي وڏي عرصي کان قائم آهي. جنهن تي هر وقت وڏي رش هوندي آهي. "نالي چڙهيو واپاري کٽيو کائي " جي پهاڪي مثل نالي مان خوب ڪمايو آهي. سندن مٺائي توڙي سموسا مشهور آهن. پر گهڻا مهانگا آهن. جڏهن گهيه توڙي کنڊ جا اگھ گهٽ ٿيا آهن. تنهن هوندي به مٺائي جو اگھ روز بروز وڌي رهيو آهي. اي ڊي سوئيٽ کي ويجهو هڪ ٻيو دڪان به " شهاب شيرين " جي نالي سان کليو آهي.. جڏهن انهن ٻنهي دڪانن جي سامهون "اي بي سوئيٽس" جي نالي سان به وڏو دڪان قائم ٿيو آهي. منهنجي خيال ۾ ٽنڊي الهيار ۾ نصرپور ناڪو بس اسٽاپ وڏو ڪاروباري مرڪز بڻجي ويو آهي. اي ڊي سوئيٽ وارن جو موج دريا روڊ ٽنڊو الهيار وچ شهر ۾ برياني، فاسٽ فوڊ جو دڪان پڻ آهي.
    مٺائي جو ذائقہ منفرد هئڻ ڪري مٺائي جي خريدارن جو وڏو انگ هر وقت سندن دڪانن تي موجود هوندو آهي. سچائي سان محنت جو هي اکين ڏٺو مثال آهي. ٽنڊوالهيار جي هي سوغات کائڻ ۾ بهترين آهي دوستن عزيزن تحفي ۾ ڏيڻ جهڙي به آهي.
    هنن کي اگھ گهٽ ضرور ڪرڻ گهرجي. جيئن عام ماڻهو به خريد ڪري سگهي.
    #myTandoallahyar
    #ADsweetstandoAllahyar
    #ABsweetstandoallahyar
    #shahabsheerenSweetstandoallahyar
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو