ٽنڊي الهيار جو ناليوارو صحافي محمد يعقوب خاصخيلي مرحوم

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    149
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    (ٽنڊي الهيار جون نامور شخصيتون)
    صحافي ۽ ليکڪ محمد يعقوب خاصخيلي مرحوم ٽنڊو الهيار.
    تحرير : عبدالله جروار

    محمد يعقوب خاصخيلي مرحوم ولد حاجي الھ بچايو خاصخيلي پنهنجي وقت جو بهترين صحافي رهيو آهي. صحافت توڙي سياست جي تربيت شاگرد سياست کان ٿيندي آهي. هي ان زماني جي ڳالھ آھي. جڏھن ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ شاگرد يونين هوندي هئي. اها شاگرد يونين اصل ۾ شاگردن لاء تربيتي اداري جو ڪم ڪندي هئي. ٽنڊي الهيار جي شاگرد سياست ۾ جيڪي وڏا نالا هئا انهن ۾ اڪثريت سياست ۾ وڏو نالو ڪمايو. سندن ڪردار مثبت رهيو. ٽنڊي الهيار جي شاگرد سياست ۾ عبداللطيف مڱريو، رازق ڏنو سونارو، عبدالقادر سونڊائي ، نظير عباسي، عبداللطيف دائود پوٽو ، سائين خليل الرحمان لغاري، ڪامريڊ سومار ارباب، عبدالمالڪ ميمڻ، ڪامريڊ محمد صديق جروار، محمد يعقوب خاصخيلي، صديق ميمڻ، علي شير سولنگي، وغيره اڃا ڪافي نالا آهن جيڪي ياد نه پيا اچن. اهڙي دور ۾ محمد يعقوب خاصخيلي صاحب جي تربيت ٿي. شاگرد يونين تي بندش بعد ان وقت جي نوجوانن پنهنجي پنهنجي پسند جا شعبا اختيار ڪيا. هڪڙا نوجوان مستقل سياست ۾ آيا. ڪي صحافت ۾ ڪي پنهنجي ڪاروبار ۾ لڳا.
    محمد يعقوب خاصخيلي صاحب جي والد صاحب جو مارڪيٽ ايريا ۾ نلڪن جو دڪان هو. چاچا حاجي الھ بچائي مرحوم ٽنڊي الهيار جا عام ماڻهن سان وڏن ماڻهن سان چڱا تعلقات هئا. ان ڪري سندن دڪان ايندڙ ويندڙن جي ڪچهرين جو مرڪز هوندو هو. ڊاسوڙي جا ٿيٻا هجن يا سلطان آباد جا هڪڙا هجن، چمبڙ پاسي جا رند ۽ لغاري هجن پر سڀ سندس محبتن جي رشتي ۾ ڦاٿل هئا. هڪ ته سندن دڪان مارڪيٽ ايريا م هو. ۽ دڪان اڳيان وڏو ميدان خالي هئڻ ڪري گاڏيون بيهارڻ جي به سهولت هوندي هئي. ان زماني پيسي جي اڄوڪي دور واري ريل پيل نه هئي. پاڻي لاء نلڪن لڳائڻ جو به اهو شروعاتي دور هو. تنهن هوندي سندن ڪاروبار چڱو هلندو هو. حاجي صاحب پاڻ جاکوڙي انسان هئڻ سان گڏ نيڪ نمازي پرهيزگار انسان هئا.
    محمد يعقوب خاصخيلي پنهنجي دڪان سنڀالڻ سان صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. جنهن ڪري سندس دڪان پڙهيل لکيل دوستن سان گڏ زماني جي ستايل ماڻهن جي دکن ۽ دانهن کي ورنائڻ جو مرڪز ٿي پيو. عام ماڻهو پنهنجون دانهون مسئلا کڻي اچڻ لڳا هئا. جن کي محمد يعقوب پنهنجي اخبارن م موڪليندو هو. ٻين صحافي دوستن کي آهي خبرون ڏيندو ڏيندو هو. محمد يعقوب خاصخيلي ان زماني ۾ آفتاب اخبار حيدرآباد سان لاڳاپيل هو. جيڪا ناليواري صحافي شيخ علي محمد صاحب لڳ گول بلڊنگ حيدرآباد مان جاري ڪندو هو. هن اخبار ۾ خبرن سان ڳوٺن توڙي عام ماڻهن جي مسئلن کي وڏي اهميت هوندي هئي. محمد يعقوب روزاني جون خبرون ٺاهي لفافي ۾ وجهي اڪثر ڪري ڪنهن نه ڪنهن دوست هٿان هٿوهٿ موڪليندو هو. آفتاب هڪ عوامي ۽ وچولي طبقي جي اخبار هئي. نيوز ڊيسڪ تي اڪثر سائين احمد خان شيخ صاحب، سائين عباس قصر صاحب ۽ سائين لائق سنڌي جن ويٺل هوندا هئا. ان وقت جي صحافت ۾ ڪنهن آفيسر پاران صحافين کي اجرڪون پارائڻ يا پائڻ عيب سمجهيو ويندو هو محمد يعقوب خاصخيلي کي خبرن لکڻ جو وڏو تجربو هوندو هو.
    ان وقت ٽنڊوالھيار پريس ڪلب جو وجود ته هو پر ان جي مرڪزي حيثيت نه هئي. جو نه حڪومتي فنڊ پريس ڪلب لاء مختص هوندا هئا. نه ڪو پيسو عام ٿيو هر ڪنهن جو ڪنو ڌار چڙهيل هوندو هو.
    جڏهن ڪاوش گروپ طرفان شام جي اخبار "خادم وطن" شروع ٿي ته ان جو به رپورٽر رهيو. جنهن ۾ سندن موڪليل خبرن کي ليڊ طور شايع ڪيو ويو هو.
    محمد يعقوب ڪشادي دل جو مالڪ هوندو هو. ڪنهن جي چانهن پيئڻ يا پيارڻ توڙي ماني کائڻ کارائڻ م حجاب نه ڪندو هو. سندس مستقل دوستن چاچو امين لغاري ڪامارو شريف، سائين الهيار جعفري، سائين عزيز پرهياڙ ، محمد عالم ڇٽو نصرپور، سائين مقبول شاھ مٽياري بڪيرا شريف ، سائين قائم خاصخيلي سلطان آباد ، شهر جي دوستن مان چاچا ڪامل سمون، رازق ڏنو سونارو، اڪبر مڱڻهار، اعجاز مڱڻهار، غلام عباس، جاويد خانزادو ، شرافت علي خان وغيره وٽس ايندا هئا. ڪيترائي سياسي ورڪر توڙي، سماجي اڳواڻ پنهنجن تنظيمن جو پريس رليز به روزاني بنيادن تي وٽس پهچائيندا هئا. اهڙا پريس رليز پهچائڻ وارن مان گهڻا بعد ۾ صحافي بڻجي ويا. ٽنڊي الهيار م اهڙا دوست به هئا جي صحافت جي "ص" کان واقف نه هئا. جن کي محمد يعقوب صحافت ۾ آڻي وڻ بڻايو.
    محمد يعقوب خاصخيلي رڳو صحافي نه بلڪه سٺو ليکڪ به هو. سندس ئي ڪوشش سان ڪافي رسالا شايع ٿيا. پاڻ خاصخيلي برادري کي متحد ۽ منظم ڪرڻ م ڀرپور ڪوششون ورتائين. خاصخيلي جماعت ۾ چڱي عهدي تي به رهيو. سندس ڪوششن سان جيڪي رسالا شايع ٿيا. جن ۾ "سجاڳ، قربان ۽ پيغام" شامل آهن.
    ڪو شڪ ناهي محمد يعقوب خاصخيلي پنهنجي دور جو وڏو صحافي هو. جنهن قلمي جدوجهد ڪري پاڻ مڃايو. پريس ڪلب ٽنڊي الهيار جي دوستن کي گهرجي. فوت ٿي ويل صحافين جي پونئيرن جي سار لهن ۽ انهن جي ياد ۾ ساليانو هڪ اڌ پروگرام کين ضرور ياد ڪن.
    #personalitiesOfTandoallahyar
    #PressClubTandoAllahyar
    #yaqoobkhaskhelijournalist
    #TandoAllahyar
    #JarwarAbdullahWriter
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو