• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : ڌرتيءَ پنھنجي ڌوڙ سڃاتي آئون تہ اھڙو ناھيان (استاد بخاري)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڌرتيءَ پنھنجي ڌوڙ سڃاتي آئون تہ اھڙو ناھيان
ڀائر، ڀينر، ڀانئن ڀاتِي، آئون تہ اھڙو ناھيان!

آئون آوارو نئين جو پاڻي، منڇر سان گڏ سنڌوءَ سياڻي
ڀال ڀلائي ڀاڪِي پاتي، آئون تہ اھڙو ناھيان.

مظھر پنھنجو ماڳ ملھايو، کارايو پارايو ڍايو
جڏڙي ھِي جِندڙِي سنڌڙيءَ تاتِي، آئون تہ اھڙو ناھيان

ماڙا ماڙا مُڙس مري ويا، ڳاڙھا ڳاڙھا ماس ڳري ويا،
مونکي ھي بخشي ڀونءِ حياتي، آئون تہ اھڙو ناھيان.

پڳ پڳ پکڙيل منھنجيون وايون، ڳاڙھن ڳڀرن ڳولهي ڳايون،
سوچون سوليون، ٻولِي ھِي ٻاتي، آئون تہ اھڙو ناھيان.

ٻول: استاد بخاري
آوا: سائين بخش رِند

 
Back
Top