ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" جو تعارف...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2024۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    188
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ادب جي خاموش خدمتگار فقير محمد سنڌي جي لکيل ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" جو تعارف .

    تعارف : استاد گل دايو

    ٻار مستقبل جامعمار , ٻار من جا ٺار ۽ ٻار آئيندي جا مھندار ٿيندا آھن . ڪنھن به ملڪ ۽ قوم جو ڪل سرمايو ٻار ئي ھجن ٿا انھيء لاء ضروري آھي ته ,اسان ٻارن جي جسماني نشو ونما سان گڏ سندن ذھني , اخلاقي ۽ سماجي تربيت به بھتر کان بھتر طريقي سان ڪريون . انھيء لاء گهڻي قدر اسان ليکڪن جو فرض بڻجي ٿو ته ٻارن لاء اسان مثبت ۽ سگهارو ادب لکي ,انھن تائين پھچايون.
    اسان جڏھن ٻاراڻي ادب تي نظر ٿا ڦيرايون ته اسان کي کوڙ اھڙ نالا ملن ٿا جن ٻاراڻو ادب لکي ان ۾ پنھنجو حصو ڳنڍيو آھي پر ٻولي ۽ ادب جا چند اھڙا به خاموش خدمتگار آھن ,جن پنھنجي ھڙان وڙان ڏيئي ,ادب جي واڌ ويجھ لاء ڪم ڪيو آھي . اھڙن خاموش خدمتگارن ۾ کلڻي ۽ ملڻي ماڻهوء *فقير محمد سنڌي* جو نالو به اچي ٿو . فقير محمد سنڌيء سنڌي ٻولي , ادب ۽ خاص طور تي ٻاراڻي ادب جي ڪتابن تي جيڪي تبصرا ,تاثر , تجزيا ۽ تعارف لکيا آھن , اھي سڀ جو سڀ ادب جو قيمتي سرمايو آھن . ھاڻي وري ھن پنھنجي ان سرمائي کي ڪتابي شڪل ۾ آڻي , ٻاراڻي ادب جي خدمت ۾ ھڪ وک اڳتي وڌائي آھي.
    منھن تي ھروقت مرڪ سجائيندڙ فقير محمد سنڌي پنھنجي ھن نئين ڪتاب " ٻاراڻي ادب جو تجزيو" ۾ جيڪي به مضمون شامل ڪيا آھن , اھي پنھنجا ئي لکيل اٿس .ڪتاب ۾ ٻاراڻي ادب جي ڪل چوڏھن ڪتابن جو ذڪر ملي ٿو ,جيڪي نظم ۽ نثر تي آڌاريل آھن . جيڪڏھن انھن تجزياتي مضمونن ۾ ڪنھن ٻاراڻي ڪھاڻين جي ڪتاب کي به شامل ڪجي ھا ته ھوند, سون تي سھاڳو ٿي پوي ھا . بھر- حال ذڪر ھيٺ آيل ڪتاب ۾ جن چوڏھن ڪتابن تي لکيل تجزياتي , تعارفي ۽ اڀياسي مضمونن کي شامل ڪيو ويو آھي , انھن ۾ :
    مٺڙا ٻار ( زخمي چانڊيو ) , ننڍڙا فرشتا پياريون پريون ( ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ), ) حق سڃاڻ اي ٻار( آزاد بخاري ) , گيت گلڙن لاء ( استاد گل دايو ) راقم, چنڊ به منھنجو رانديڪو ( ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ) , منھنجو ننڍپڻ ( ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ) , منھنجو گڏڙو منھنجي گڏڙي ( ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ) بابا مونکي ڪر نه ڌ نار ( مور مغيري) , قرآني قاعدو ( حافظ عبدالستار ڪوريجو ) , گيتن جو گلدستو ( محمد جواڻ " جانب" ) , ٽم ٽم تارا ( عيسي! ميمڻ ) , پنھنجي دنيا ڌار ( ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ) , شاگردن لاء تقريرون ( عبدلحليم سومرو ) ۽ گلن جھڙي شاعري پوپٽ جھڙا ٻا ( مختيار سمون ) قابل , ذڪر آھن .
    ڪتاب جي مھاڳ ۾ ناليواري شاعر ,اديب ۽ تعليم دان مختيار سمون لکيو آھي ته " سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ جيترا به ڪتاب موجود آھن انھن ۾ ھي ڪتاب " ٻاراڻي ادب جو تجزيو" ھڪ منفرد حيثيت جو حامل آھي ڇاڪاڻ ته ھي ڪتاب نه شاعريء تي آڌاريل آھي نه ئي فڪشن تي جنھن ڏانھن ڪو ٻار گهڻو مائل ٿي سگهي پر ھي ڪتاب گهڻو تڻو وڏن جي دلچسپي ء جو موضوع آھي ." ھو وڌيڪ لکي ٿو ته " ھن ڪتاب جو گهڻو مقصد ٻاراڻي ادب جي ڪجھ ڪتابن جو تعارفي ,تنقيدي ۽ اڀياسي جائزو پيش ڪرڻ آھي."
    محترم مختيار سمون مھاڳ ۾ ھڪ ٻئي ھنڌ لکيو آھي ته :" ھي ڪتاب
    "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" فقير محمد سنڌيء جو ٻاراڻي ادب سان عشق ۽ عرق ريزيء جو نتيجو آھي ."
    قلمڪار پبليڪشن لاڙڪاڻي ,جنھن ھي ڪتاب شايع ڪيو آھي ,انھيء جي روح روان *جي- ايم رئيساڻي* " اداري پاران نوٽ" ۾ لکي ٿو ته " ھي ڪتاب سنڌي ادب ۾ پنھنجي نوعيت جو پھريون ڪتاب آھي جيڪو ٻارن جي ادب کي ھٿي ڏيندو . فقير محمد سنڌيء کي اھڙي ڪتاب آڻڻ تي مبارڪون ھجن ."
    پنھنجن گفتن ۾ ھر وقت ڪا نه ڪا مزاح شامل ڪري اداس دلين کي خوشيون ارپيندڙ " فقير محمد سنڌي " پنھنجي ڪتاب جي "مقدمي " ۾ لکي ٿو ته " ٻاروتڻ جي عظيم درسگاھ ماء جي ھنج آھي جنھن ۾ ٻار ماء جي لولي ۽ ٻولي ٻڌي سکي ٿو. اھڙي منظر کي ڪنھن به دور ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي . جڏھن کان انساني ماء جي ھنج جو تصور آھي تڏھن کا ادب ,ٻولي , قصا ۽ گيت سرجيا آھن ,اھڙين حقيقتن کي آڏو رکندي دنيا جي اندر ٻارن لاء ادب تخليق ٿيو . " ھو اڳتي لکي ٿو ته " پاڻ جڏھن سنڌي ادب تي نظر وجهنداسين ته , انگريزن جي دور ۾ جڏھن سنڌي لپي تيار ٿي ته, سنڌ جي ليکڪن آکاڻين ,درسي ڪتابن ۽ ترجمن جي لکڻ جي شروعات ڪئي . 1853 ع کان 1920ع تائين جي دور کي تعميري ۽ جدت وارو دور چئي سگهون ٿا ."
    فقير محمد سنڌي پنھنجي ھن ڪتاب " ٻاراڻي ادب جو تجزيو" ۾ 1853ع ۾ " منشي اڌا رام ٿانور داس " جي درسي ڪتاب ۽ 1854ع ۾ ننديرام ميراڻيء پاران ,ڪتاب " ايسپ جي آکاڻين " جي ڪيل ترجمي واري ذڪر کان پوء سال 2024ع تائين مختيار احمد ملاح جي ڪتاب " ٻاراڻي ادب جي تاريخ" تائين جي اڪثر ٻاراڻي ادب جي ڪتابن ,رسالن۽ مختلف اخبارن پاران شايع ٿيندڙ ٻارن لاء ادبي صفحن جو به باريڪ بينيء سان ذڪر ڪيو آھي ,جيڪو ھڪ پر مغز ۽ ڏکيو تحقيقي ڪم آھي . انھيء ڪم کي فقير محمد سنڌيء خوش اسلوبيء سان نڀايو آھي . ڪتاب جو ليکڪ انھيء محنت طلب ڪم بابت مقدمي ۾ ھڪ ھنڌ پاڻ ئي لکيو آھي ته " منزل تي پھچڻ آسان ڪونھي پر ارادي جو اٽل ھئڻ ضروري آھي. " ليکڪ جي ھيء ڳالھ به سوء سيڪڙو درست آھي .
    ڀاء فقير محمد سنڌي پنھنجي ھن ڪتاب جي ارپنا سنڌي ٻاراڻي ادب جي سگهارين شخصيتن : ڪشنچند " بيوس" , ڊاڪٽر ذوالفقار سيال , پروفيسر مختيار سمون ۽ ٻارن جي ايڌھي حاجي انور علي کوکر جي نانء ڪئي آھي . فقير محمد سنڌي پنھنجي ھن ڪتاب ۾ مددي ڪتابن ۽ رسالن جو به ذڪر ڪيو آھي ۽ انھن شخصيتن جو به ذڪر ڪيو آھي جن, ھن ڪم ۾ سندس مدد ڪئي آھي . انھن نالن ۾ : ڊاڪٽر بدر ڌامراھو , سعيد چانڊيو ,مختيار سمون ۽ حسن مجتبي! شامل آھن .
    مددي ڪتابن ۽ شخصيتن جو ذڪر ڪري ,فقير محمد سنڌي ء ايمانداري ۽ نيڪ نيتيء جو مظاھرو ڪيو آھي . ھن ڪتاب جي ٽائيٽل تي ھڪ ڪتب خاني جي عڪس سان گڏ , ھڪ ٻار جي خوبصورت تصوير به ڏنل آھي ,جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته " ٻار جو ڪتابن ۽ ڪتب خانن سان ائين ئي ويجهو رشتو ھجي ,جيئين ڏيکاريو ويو آھي ."
    ھن ڪتاب " ٻاراڻي ادب جو تجزيو" جي بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جي تصوير سان گڏ نامياري تاريخدان,محقق ۽ اديب *ڊاڪٽر بدر ڌامراھو* جو ڪتاب بابت تاثر به لکيل آھي . پنھنجي تاثر ۾ ڊاڪٽر صاحب ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته :" سنڌي ادب ۾ حقيقي تنقيد جي تمام گهڻي اڻاٺ رھي آھي پر تنھن ھوندي به , حقيقي تنقيد لکجي پيئي .".....ھي ڪتاب اھڙين تنقيدن جو ڳٽڪو آھي . مواد توڙي مقصديت جي لحاظ کان منجهس بھترين تنقيدون شامل آھن .ھي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ جي تنقيد واري باب ۾ , اھم جاء والاريندو ."
    منھنجو ذاتي خيال آھي ته, ھن ڪتاب ۾ جيڪي به مضمون ڏنل آھن ,اھي تجزياتي , اڀياسي ۽ تعارفي مضمون آھن . انھن مضمونن ۾ ھڪ به مضمون "تنقيدي" ڪونھي .ڇاڪاڻ ته تنقيدي مضمون لکڻ لاء , لکڻيء جي خوبين ۽ خامين وارن ٻنھي پاسن کي ظاھر ڪيو ويندو آھي ۽ ان جي بھتريء لاء پنھنجي راء به رکبي آھي پر ڪتاب ۾ شامل سڀئي مضمون فقط تعريف , تعارف ۽ تجزيي تي آڌاريل آھن . جيڪڏھن مان غلط آھيان ته منھنجي رھنمائي ڪئي وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو