محترم جهانگير عباسيءَ جي وال تان...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2024۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    188
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    محترم جهانگير عباسيءَ جي وال تان

    فقير محمد سنڌي ادبي دنيا ۾ پنھنجي سنجيدگي ۽ مستقل مزاجي سان پوين ٽن ڏھاڪن کان ڪم ڪندو پيو اچي ۽ مختلف موضوعن تي تخليق، ترتيب ۽سھيڙ واري ڪوششن سان نوعدد ادبي ڪتاب پڙھندڙن جي ھٿن تائين پھچائي ۽مڃتا ماڻي اٿس ۔
    فقير محمد ھڪ ئي وقت شاعري۔ تحقيق۔تنقيد ۔تاريخ وارن شعبن ۾ به ڪم ڪري پيو۽ ريڊيو جي وسيع جھان ۾ رھندي صحافت جي ميدان ۾ به مختلف اخبارن م ايڊيٽر طور ڪم ڪندو ٿو رھي۔پنھنجي مزاج ۽سڀاءَ ۾ به ھي يار فقيري مزاج رکندڙ واقعي فقرائي فقير انسان آھي ۔
    ٻاراڻي ادب متعلق فقير محمد سنڌي جو نڪور ڪتاب" ٻاراڻي دب جو تجزيو" سندس مرتب طور ڏھون ادبي ڪتاب آھي جنھن ۾ ھن پروفيسر مختيار سمون۔ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۔حافظ عبدالستار ڪوريجو ۔زخمي چانڊيو۔ آزاد بخاري۔ استاد گل دايو ۔عيسي ميمڻ ۔مور مغيري۔ عبدالحليم سومرو ۔محمد جواڻ جانب سومرو ۽ ٻين پاران ٻاراڻي ڪتابن تي لکيل مضون ترتيب ڏنا آھن
    96 صفحن تي مشتمل ھي ڪتاب قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران شايع ڪيو ويو آھي. جيڪو ھڪ اھم ڪتاب پڻ آھي ۔جنھن جو بھترين تعارفي بيڪ پيج ڊاڪٽر بدر ڌامراهي صاحب لکيو آھي۔
    وڏا وڙ پياري فقير محمد سنڌي جا اڄ 24۔مٸي 2024 تي منھنجي بي ۔اين۔بي ڪاليج قرب جا قدم ڀري آيو ۽ ڪتاب ۔ٻاراڻي ادب جو تجزيو جي سوکڙي سان نوازيائين۔ساڻس وڏي وٿي بعد ملي جتي سرھائي ٿي اتي بھترين ڪچھري به ٿي ۔قرب پيارا.
    اهڙين يادگار گهڙين کي ڪيئميرا جي اک ۾محفوظ ڪرڻ ۾ پياري پروفيسر غلام عباس مغيريءَ جي پڻ مھرباني.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو