قائم الدين ڪنڀار باني پاڪ ڪنڀار جماعت جنم: 01.03.1941 وفات: 11.04.2016 تحرير: نجم الدين ڪنڀار جنم ٿر دنيا جو اهو خوشنصيب خطو آهي جنهن جي هڪ هڪ شئي قيمتي انمول ۽ منفرد حيثيت رکندڙ آهي. هتي جو ڪوئلو هجي يا باقي معدنيات، تهذيب و ثقافت هجي يا مٺڙا مارو، ڀلاري ڀٽن جي ڀون ۾ ڪيئي ڪونڌر جنميا. جن تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجو اڻ وسرندڙ نانُ سونهري اکرن ۾ لکرائي ڇڏيو. اهڙا جاکوڙي جوڌاقومن جو قيمتي سرمايو هوندا آهن. جيڪي تاريخ جو رُخ موڙيايندڙ نسل کي هڪ اهڙي گس تي گامزن ڪري ڇڏيندا آهن، جتي ترقي جون راهون سندس منتظر هونديون آهن.جڏهن نيت ۾ خلوص، ڪم ۾ سچائي، جذبن ۾ نواڻ، خدمت خلق جو جذبو، انساني ڀلائي جو اونو، دل ۾ پيدا ٿي پوي ٿو ته راهه جون رنڊڪون ۽ رڪاوٽون نه رڳو ميسارجي پون ٿيون، بلڪه ڪائنات جو ذرو ذرو قدرت پاران مهربان بنجي سندس مددگار بنجي پوي ٿو. ڪنڀار قبيلي جي مسڪين محمد معروف جي گهر ۾ پهرين مارچ 1941تي ٿرپارڪر ضلعي جي ڇاڇري تعلقي ۾ بارڊر لڪير تي ڳوٺ وائوڙي طيب ڪوٽڙيو ۾ جنم وٺندڙ ” قائم الدين“ نالي ٻالڪ بابت ڪنهن ٿي سوچيو ته ڪنڀار برادري جي قسمت جو ستارو سندس هتان ئي چمڪندو. ۽ ڪنڀار قبيلي جي تاريخ سهيڙي سموهي، ڪتابي شڪل ۾ آڻيندو. ۽ ڪنڀار برادري جي ٽڙيل پکڙيل سٻاجهن، ساڃهه وندن، باشعور ۽ بيباڪ جوانن کي محبت جي تسبيح ۾ حڪمت ۽ ڏاهپ سان پروئي هيرن موتين جي مالها جوڙي، سنڌ جي هن سادگي پسند ۽ درويش صفت قبيلي کي غربت، پسماندگي، لاشعوري جي آڙهه مان ڪڍيقومي ترقي جي ڌارا ۾ آڻي بيهاريندو. اڄ اوهان کي جيڪي مختلف نالن سان ڪنڀار برادري جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جڙيل تنظيمن جا نالا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، سي انهي پوکيل ٻوٽي جي ٻج مان ڦٽندڙ گل آهن. تعليم قائم الدين ڪنڀار اڃان اٺ ڏهه سالن جي ٻاراڻي عمر ۾ مس پير پاتائون ته والد جي شفقت کان محروم ٿي ويا. امڙ مٿي تي دانگيون کڻي پاڙي ۾ وڪڻي پٽ کي پڙهائڻ لڳي. پرائمري تعليم جا ابتدائي درجا ڳوٺ وائوڙي ۾ پاس ڪيا، سندس ڏاڏا محترم ونهيل فقير ڪنڀار نيڪ، پرهيز گار ۽ تهجد گذار درويش صفت انسان هو. ڪنڀار جتي به آباد آهن انهن ڳوٺن جي مسجدن ۽ مدرسن جي سنڀالي، معاونت ۽ پيش امامت۾ پيش پيش هوندا پئي رهيا آهن.هن ڳوٺ ۾ مسجد ۽ مدرسو به شروع کان قائم هو.معاونت ۽ سڀنالي ۾ ڏاڏا محترم جو نالو شامل هو.ڏاڏا سائين محمد معروف ڪنڀار قرآن مجيد جي تلاوت سان گڏ شاهه عبدالطيف جي رسالي جو مطالعو بلاناغه ڪندو هو. اسُرويل ذڪر الٰهي لطيف جون وايون ۽ مداحون مٺڙي دلسوز آواز سان جهونگارڻ سان ماحول معطر بنجي ويندو هو. داناءُ ۽ وقت شناس سنجيدهه طبع جو مالڪ هو. ڪنڀار ڪو هنر جو بهترين ڪاريگر هو. خاص ڪري ڍاڪون، تباخ، رڪيبي، سڦالڙو، تسڙي، تيلاٽي، ڪوپ ساسر، پيالو، گاگهر، گگهي، موريو، ڪونئرو، حقو، ٽوپي، ۽ چلم ٺاهڻ ۾ مهارت هوس ڳوٺ جون وڏڙيون سندس ٺاهيل ڪي ٿانو وقت کان سنڀاليو اچن. لڏپلاڻ ورهاڱي ٿيڻ کان پوءِ 1948 ڌاري ڏاڏا سائين ونهيل فقير وارن جو اتان لڏي ميرپورخاص کان اتر طرف 5 ميل جي فاصلي تي ڳوٺ ميرو مري ۾ رهڻ ٿيو.جتي ڏڪارن وقت وڏڙا ايندا هئا. بابا جن 1950 ميرو مري اسڪول ۾ پهريون درجو پهرين نمبر سان پاس ڪيو. 1953 ۾ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي. 1957 ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو. 1961 ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ انهي سال ماستري جو آرڊر مليو.1966 ۾ بي اي، 1968 ۾ ايم اي، ۽ 1969 ۾ بي ايڊ ڪئي. پاڪ ڪنڀار جماعت جو قيام بچپن کان ئي برادري جي ڀلائي ۽ سڄاڳي جو اونو هوندو هئس. انڪري اڪثر برادري جي خوشي غمي جي ميڙاڪن ۾ ننڍي ٽهي ۾ ئي سڄاڳي ۽ ايڪي جي پرچار ڪرڻ شروع ڪئي. برادري جي بزرگن ۽ نوجوانن پاران مانائتي موٽ ملڻ بعد اتساهه وڌيو. پهرين مارچ 1960ء ڌاري ٿرپارڪر ضلعي (موجوده ميرپورخاص ڊويزن) ۾ ڪنڀار تنظيم جو بنياد وڌو ويو. ڪنڀار تنظيم جا بنيادي مقصد هي هئا. (1) اولاد کي پڙهائڻ (2) پاڻت ۾ ٻڌي ڪرڻ (3) اوکي مهل هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ (4) ٻئي جي ستائڻ وقت ڀاءُ جو ساٿ ڏيڻ (5) هنر کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ (6) نوان هنر مند پيدا ڪرڻ. تاريخ 10 آگسٽ 1963 تي محترم ٻيڙو فقير جي جاءِ ڪاري موري ضلع حيدرآباد ۾ ڪنڀار برادري جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪهي آيل 200 کن ڀائرن شرڪت ڪئي. جيئن ته جاڳرتائي پرچار جو سلسلو ضلع ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ ۾ پهرين شروع ٿي چڪو هو. تنهن ڪري اتي جي ڀائرن ۾ اهڙن ڪمن ۾ حصو وٺڻ جي دلچسپي پيدا ٿيل هئي، تنهن ڪري هن عام اجلاس ۾ آيل ڀائرن ۾ گهڻائي ڄاڻايل ضلعن جي ڀائرن جي هئي. هن گڏجاڻي ۾ ”پاڪ ڪنڀار جماعت“ جو بنياد رکيو ويو. جنهن جو صدر ٻيڙو فقير ڪنڀار ۽ جنرل سيڪريٽري استاد قائم الدين ڪنڀار چونڊيا ويا. انهي جماعت جو دائرو بعد ۾ سنڌ کا وڌائي پنجاب ۽ بلوچستان تائين پهچايو ويو. علم ۽ ادب 1957 ۾ بابا جن قلمي ڪاوشن جي شرعات ڪئي. اسڪول جي تعليم دوران تعليمي ۽ عام سرگرمين جون خبرون ۽ رپورٽون اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون. جنهن وقت سنڌ جي ناليواري علمي ادبي شخصيت پير علي محمد راشدي جو مشهور ڪالم ”رند ۽ پنڌ“ عبرت اخبار ۾ شايع ٿيندو هو. ان ئي ڪالم ۾ سندس پهريون مضمون 10 مارچ 1960 تي عبرت اخبار ۾ شايع ٿيو. مضمونن جو اهو سلسلو ويجهڙ ماضي تائين جاري رهيو. هن وقت تائين مختلف موضوعن تي سندس سوين مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ 25 قسطن تي مشتمل ”سنڌ جي تاريخي سفر جو داستان “ جهڙو جامع ۽ تحقيقي مقالوپڻ شامل آهي.جيڪو روازني هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيو. خدمت خلق سندس سموري زندگي برادري ۾ سڄاڳي پيدا ڪرڻ، تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ پتوڙڻ، غريبن مسڪينن ۽ ضرورتمندن جي سهائتا ڪرڻ ، بيروزگارن کي سرڪاري روزگار سان لڳائڻ، علائقي ۾ اسڪول کولرائڻ، روڊ رستا منظور ڪرائڻ، سميت ٻيا ڪيترائين ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ عمر جي آخري گهڙي تائين جاکوڙيندو رهيو. ميرپورخاص حيدرآباد ريلوي لائين تي رتن آباد ريلوي اسٽيشن کولرائڻ، ميرپورخاص نوابشاهه ريلوي لائين تي علي محمد مهر اسٽيشن منظور ڪرائڻ، کاڻ نازڪ آباد وچ ۾ جمڙائو تي ڦڙدي وٽ پل ٺهرائڻ، کاڻ ۾ پهرين مڊل اسڪول، پوءِ هاءِ اسڪول منظور ڪرائڻ، ويجهڙ ۾ انهي هاءِ اسڪول کي هائير سيڪنڊري جو درجو ڏيارڻ جهڙا تاريخي ڪم ڪرايا. مڊل اسڪول کاڻ ۾ ان وقت شاگردن کان ماهوار سرڪاري في ورتي ويندي هئي، غريب ۽ مسڪين شاگرن جي في پنهنجي کيسي مان ادا ڪرڻ، کاڻ ۾ نياڻين لاءِ پهرين پرائمري پوءِ مڊل اسڪول کولرائڻ بعد ۾ انهي کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏيارڻ 1988 ۾ گورمنيٽ بوائز هاءِ اسڪول کاڻ جي افتتاح جي موقعي تي استاد قائم الدين ڪنڀار ۽ پير آفتاب شاه جيلاني 1988 ۾ گورمنيٽ بوائز هاءِ اسڪول کاڻ جي افتتاح جي موقعي تي استاد قائم الدين ڪنڀار تقرير ڪندي ڳوٺ محمد حسن مري ۾ مڊل اسڪول منظور ڪرائڻ، ڀٽارو ۾ پوسٽ آفيس جي برانچ منظور ڪرائڻ ، جهڙا ڪم شامل آهن. علائقي جي ڪافي ڳوٺن لاءِ اسڪول، روڊ، تلاءُ وغيره جهڙين بنيادي ضرورتون ڏيارڻ لاءِ وقت بوقت قلمي ڪاوشون جاري رهيون. علائقي جي ترقياتي ڪمن جون درخواستون فائيل ۾ کڻي صبح جو ناشتو ڪري گهر ( کاڻ ) کان روانو ٿيندا هئا ، ڪڏهن ڊي اِي او ايجوڪيشن آفيس ته ڪڏهن ڊي ايڇ او آفيس، ڪڏهن روينيو آفيس، ته ڪڏهن ورڪس اينڊ سروسز آفيس، مطلب ته اهو ڏينهن خالي ڪونهي جنهن ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن آفيس ۾ سماجي ڀلائي جي ڪم سان نظر نه ايندا هجن. سچ پچ ته ميرپورخاص جو مسڪين جهان خان چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. قلمي ڪاوشون ڪنڀار برادري جي ڀلائي ۽ ايڪي لاءِ ڪيل عملي ۽ قلمي ڪاوشن تي مشتمل ڪتاب ”جاڳرتائي جاکوڙ“ تيار ڪري سندس حياتي ۾ ئي پريس تائين پهچايو ويو هو. سندس تمنا اها هئي ته سندس ننڍي فرزند علي مرتضيٰ جي ايندڙ مهيني رٿيل شادي جي ڪاڄ جي موقعي تي ڪنڀار جماعت جو پنجاهه ساله گولڊن جوبلي جشن ڪوٺائي، ان ۾ ڪتاب جي مهورت ڪئي ويندي. پر زندگي وفا نه ڪئي. ان کان سواءِ جوهر قرآن، قائم ڪٿا، سماجي سڌارو، سنڌ جي پڪار ، ماڻهو موتي داڻا، گهڙيون جن سان گهاريم، ڪنڀارڪو هنر، قائم قلمي ڪاوشون، ڪچهريون قائم، ڪليات قائم، ڪنڀار قبيلو نالي سان ڪتاب تحرير ڪري چڪا آهن. گهڻ رخي شخصيت استاد صاحب جن گهڻ رخي شخصيت جا مالڪ هئا. هڪ پاسي محنتي، فرض شناس، ۽ وقت جا پابند تعليم سان لڳاءُ رکندڙ استاد هئا، ته ٻئي طرف سماج سڌارڪ، غريبن جا هڏڏوکي، مسڪينن جي مهل ڪندڙ، عوامي ڀلائي ۽ خدمت خلق جي جذبي سان سرشار هئا. هڪ پاسي ڪنڀار برادري جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ برادري جي بزرگن ۽ نوجوانن کي پاڪ ڪنڀار جماعت جي پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڪنڀار برادري جو نالو تاريخ ۾ باشعور قبيلن جي لسٽ ۾ شامل ڪرايائون، ته ٻئي طرف ڪنڀارڪي هنر کي ترقي وٺرائڻ لاءِ قلمي توڙي عملي ڪوششون آخري دم تائين جاري رکيائون. حج جي سعادت 2006 ڌاري وزير اعليٰ سنڌ ارباب غلام رحيم جي دور ۾ سندس هڪ مضمون اخبار ۾ شايع ٿيو، جنهن کان ارباب صاحب ڏاڍو متاثر ٿيو. گهڻي ڳولا بعد جڏهن فون تي ساڻس رابطو ٿيو ۽ ڪم ڪار جو پڇياين ته ” ادا قائم ڇا گهرجي؟ اچ مون سان مل، ڪو ڪم ڪار هجي ته ٻڌاءُ .“ بي لوث فرشته صفت انسان جي زبان مان جيڪي لفظ نڪتا سي سچ پچ ته ڪنڀار برادري جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندا. موٽ ۾ چيائين ته ” سائين منهنجي ڪنڀار برادري جي پارت اٿوَ “ جيڪڏهن هتي ڪو رواجي اديب هجي ها ته اهڙي موقعي کي غنيمت سمجهي ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهچي وڃي ها. نيٺ ارباب سندس سادگي ۽ مخلصي کان متاثر ٿيندي سرڪاري خرچ تي حج جي سعادت سان نوازڻ جو فيصلو ڪيو. ۽ انهي سال حج جي سعادت ماڻي. ميرپورخاص جو ٻه سئو ساله جشن انهي سال 2006 ۾ ڊي سي ميرپورخاص سيد ممتاز علي شاهه کي لکيائين ته سائين ميرپورخاص 1806 ۾ قائم ٿيو، هن وقت 2006 ۾ ميرپوخاص جو ٻه سئو ساله جشن سرڪاري سطح تي ملهايو وڃي، ته اها ميرپورخاص جي نئين تاريخ رقم ٿي پوندي. شاهه صاحب سندس راءِ سان متفق ٿيندي ملاقات ڪري پروپوزل ٺاهڻ لاءِ چيائين. پاڻ جشن جو مڪمل خاڪو جوڙي سندس خدمت ۾ پيش ڪيو. جنهن کي شاهه صاحب منظور ڪندي مختلف پروگرام جون ڪميٽيون جوڙيون ويون. اهڙي طرح سندس رٿيل اهو پروگرام ڊسمبر 2006 ۾ سرڪاري سطح تي ملهايو ويو، جنهن ۾ ميڊم صغرا جوڻيجو ناظمه ضلع ميرپورخاص خصوصي دلچسپي ورتي. اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد مظفر علي شاهه مهمان خاص هو. ان موقعي تي پاڻ حج جي سعادت ماڻي رهيا هئا. حُسن اخلاق پاڻ بي باڪ، نهٺا ۽ اصول پسند انسان هئا. ڪڏهن به اصولن تي سودو نه ڪيائون، نه ڪڏهن ڪنهن ۾ لالچ رکيائون. صبر ۽ سهپ جا پيڪر هئا. ڪيڏا به مسئلا يا مشڪلاتون ڏٺائون، پر زبان تي ڪڏهن به ناشڪري يا بي صبري جا لفظ نه نڪتا. ڪڏهن به ڪنهن کي نه ڏکويائون. سدائين ٻين جي ڀلائي جو فڪر هوندو . سندسن ڪوشش اها هوندي هئي ته سندس جي هٿان سڀن کي خصوصا برادري وارن کي ڪا نه ڪا ڀلائي پهچي. پاڻ زندگي جي آخري گهڙي تائين انهي اصول تي قائم رهيا. موڪلاڻي کان هڪ ڏينهن پهرين به لکڻ جو سلسلو جاري هو. اهڙو دانا، سگهڙ ۽ اصول پسند برادري ۾ اڄ تائين ڪو پيدا ناهي ٿيو.بابا جن صوم و صلوٰة جا پابند، سچا موحد هئا. جڏهن ٿر ۾ عموما ۽ اسان جي برادري ۾ خصوصا جهالت ۽ بي ديني جي انتها هئي تڏهن بابا جن علائي توڙي برادري ۾ ديني پرچار ڪرڻ شروع ڪيو. اڄ به ڏسو هي مسڪين ڪنڀار برادري جنهن ڳوٺ ۾ هوندي، مسجد ۽ مدرسي جي ذميداري اڪثر ڪري هن غريب ۽ امن پسند قبيلي کي سونپيل هوندي. وڇوڙو استاد قائم الدين جي موڪلاڻي ڄڻ ته تاريخ جو هڪ باب بند ٿي ويو.استاد قائم الدين ڪنڀار جن جي زندگي جو تفصيلي احوال سندس بابت لکجندڙ ڪتاب ۾ ڏنو ويندو. استاد قائم الدين ڪنڀار 75 سالن جي ڄمار ۾ 11 اپريل 2016 سومر جي ڏينهن اسُر جو 3 وڳي هي فاني جهان ڇڏي پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليا. دعا آهي ته رب العزت سندس مدايون ميٽي، سڻايون سڦل ڪري، درجا بلند فرمائي. آمين. رابطو فيسبوڪ پيج واٽس ايپ چينل