ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو"(تبصرو) ليکڪ فقير محمد سنڌي

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2024۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڪتاب : "ٻاراڻي ادب جو تجزيو "(تبصرو) ليکڪ فقير محمد سنڌي...!
    مور مغيري.

    فقير محمد سنڌيءَ جو ڪتاب ”ٻاراڻي ادب جو تجزيو“ بيحد ملهائتو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪن جي 14 ڪتابن جو تنقيدي جائزو ورتل آهي. قلمڪار پبليڪشن لاڙڪاڻي طرفان ڇپرايل، 96 صفحن تي لکيل هن ڪتاب جي قيمت 400 روپيہ آهي. هي ڪتاب ٻاراڻي ادب جو تجزيو، ڪشنچند بيوس، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، پروفيسر مختيار سمي ۽ حاجي انور علي کوکر کي ارپيل آهي. جي ايم رئيساڻي اداري پاران ۾ لکي ٿو ته:
    ”فقير محمد سنڌيءَ جو لکيل هي منفرد ڪتاب ”ٻاراڻي ادب جو تجزيو“ (ٻاراڻي ادب تي لکيل تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو) سنڌي ادب ۾ پنھنجي نوعيت جو پھريون ڪتاب آهي، جيڪو ٻارن جي ادب کي هٿي ڏيندو. فقير محمد سنڌيءَ کي اهڙو ڪتاب پيش ڪرڻ تي مبارڪون.“
    هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هيٺين نامور ليکڪن جي ڪتابن جو جائزو ورتل آهي: "مٺڙا ٻار" (زخمي چانڊيو)، "ننڍڙا فرشتا" ، "پياريون پريون" ، "چنڊ بہ منھنجو رانديڪو" ،" منھنجو ننڍپڻ" ، "منھنجو گڏڙو منھنجي گڏڙي" ۽ "پنھنجي دنيا ڌار" (ڊاڪٽر ذوالفقار سيال)، "حق سڃاڻ اي ٻار" (آزاد بخاري)، "گيت گلڙن لاءِ" (استاد گل دايو)،" بابا مونکي ڪر نه ڌنار" (مور مغيري)، "قرآني قائدو" (حافظ قاري عبدالستار ڪوريجو)،" گيتن جو گلدستو" (محمد جواڻ جانب سومرو)، "ٽم ٽم تارا" (عيسيٰ ميمڻ)، "شاگردن لاءِ تقريرون" (عبدالحليم سومرو) ۽" گلن جهڙي شاعري" (مختيار سمون) شامل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل سڀني ليکڪن جا ڪتاب الڳ الڳ موضوعن تي لکيل ٻاراڻي ادب ۾ سٺي اهميت رکندڙ ۽ ٻارن لاءِ بيحد دلچسپي وندر ۽ ورونھ جو باعث آهن. فقير محمد سنڌي وري سڀني شاهڪار ڪتابن جو جائزو وٺي انهن کي سهيڙي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ آڻي ٻاراڻي ادب ۽ ٻارن لاءِ لاجواب ۽ بهترين خدمت ڪري پنهنجو نالو ٻاراڻي ادب جي دنيا ۾ نيارو ڪيو آهي. ڪتاب جي مھاڳ ۾ مختيار سمون لکي ٿو ته:
    "فقير محمد سنڌي پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ بي لوث ۽ اڻڌريو رويو رکندڙ اهڙو سخي ليکڪ آهي جنهن نه رڳو ٻاراڻن ڪتابن تي تبصرا لکيا آهن پر ٻين ڪيترن ئي ڪتابن تي پڻ سٺا تجزياتي ليک لکڻ سان گڏ اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي سالگرھ واري موقعي تي انهن جي علمي، ادبي ڪم ۽ شخصيت تي خاڪا به لکيا آهن.فقير محمد سنڌي علم، ادب، ٻولي، سرت ۽ ساڃاھ جو خاموش خدمتگذار آهي.سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ جيترا به ڪتاب موجود آهن. انهن ۾ زيرِ نظر ڪتاب ”ٻاراڻي ادب جو تجزيو“ هڪ منفرد حيثيت جو حامل آهي.“
    سنڌي ادب جي خدمتگارن جي مالها شاندار ۽ جهجهي آهي. فقير محمد سنڌي به انهيءَ لڙھ جو هڪڙو خوبصورت موتي آهي، جنهن جي رنگت ادبي دنيا ۾ الڳ حيثيت رکندڙ آهي. فقير محمد جو قلم مسلسل لکندو رهي ٿو جنھن ساهي کڻڻ جي سُتي پيتي ئي ناهي. ڪڏهن ڪتابن جا جائزا ۽ ڪڏهن وري نامور شاعرن ۽ اديبن جي فن، فڪر ۽ زندگيءَ تي خاڪا لکي اخبارن ۽ سوشل ميڊيا ذريعي پنھنجي ادبي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ سندس خاص مشغلو رهيو آهي. فقير محمد سنڌي سيبتو نقاد آهي جنھن پنھنجي نقاد واري نظر سان لاتعداد ڪتابن ۽ ادبي شخصيتن جي زندگيءَ جي جائزي سان، ادبي اُفق تي شاهڪار چٽسالي چِٽي آهي. ڪتاب جي پوئين پاٺي تي نامور اديب، محقق ۽ لغت نويس ڊاڪٽر بدر ڌامراهو لکي ٿو ته:
    ”سنڌي ادب ۾ تنقيد جي تمام گهڻي اُڻاٺ رهي آهي پر تنھن هوندي به حقيقي تنقيد لکجي پئي ۽ ڪن نقادن هن سلسلي ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. موجوده دور ۾ جن نقادن تنقيد جي آبياري ڪئي آهي انھن منجهان فقير محمد سنڌي به هڪ آهي. هو وقت بوقت ادب جي مختلف ڪتابن تي تنقيدون لکندو رهيو آهي ۽ ڳچ ساريون تنقيدون سهيڙي هڪ جاءِ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي رهيو آهي. زير طبع ڪتاب اهڙين تنقيدن جو ڳٽڪو آهي. مواد توڙي مقصديت جي لحاظ کان منجهس تمام بھترين تنقيدون شامل آهن سندس لکيل تجربا حقيقت ۾ نهايت دلچسپ ۽ اهم آهن.“
    فقير محمد سنڌيءَ جي زندگي ۽ ادبي خدمتن جو مختصر تعارف هيٺين ريت آهي. فقير محمد ولد دين محمد 7 جنوري 1983ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم شاھ محمد سنڌي اسڪول، مئٽرڪ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ انٽر ۽ بي اي سچل سرمست اورينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪري، مولوي، عالم، فاضل ۽ درسِ نظامي جون سَنَدون جامعه عربيه جيلاني لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين ۽ ايم اي (سنڌي ادب) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پرايائين. فقير محمد سنڌي شاعر، ڪالم نويس، خاڪانويس، صحافت ۽ ريڊيو ڪمپيئر طور سرگرمين ۾ مصروف زندگي گذاري رهيو آهي. ڇپيل ڪتابن ۾ 1. "وچن وفا جا" (شاعري) 2. "جاني جيون جوڙ" (شاعري) 3. "قلمڪار ڪوي" (گڏيل شاعري) 4. "عظيم هستين جا عظيم قول" (شخصيات) 5." سنڌ جي تاريخ" (سهيڙيل تاريخ وار) 6. "گڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو" (حفيظ کوهارو جي فن ۽ شخصيت) 7." سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق *(ترتيب) 8." سونهن سمبارا" (ريڊيو اسڪرپٽ) 9. "تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر" ۽ 10 "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" ان کان علاوه سندس 9 ڪتاب ڇپائيءَ جي اوسيئڙي ۾ پڻ موجود آهن.
    فقير محمد سنڌيءَ جي ادبي سڃاڻپ شاعر، تاريخ نويس، خاڪانگار ۽ صحافي طورمشهور آهي. سنڌي ادب جي هن محنتي ۽ کاهوڙي خدمتگار جون ادبي خدمتون، شاعري، تاريخ، خاڪانويسي ۽ صحافت جي صنفن طور ملن ٿيون. فقير محمد نھايت ملنسار، محبتي، محنتي ۽ جاکوڙي ماڻھو آھي سندس زندگي جون سموريون ساعتون علمي، ادبي، سماجي ۽ ماحولياتي جاکوڙ ڪندي گذريون آهن. سندس ادبي پورهيي جي باغ ۾ ڪيترائي ئي رنگ برنگي ۽ خوشبودار ٻوٽا آهن پر انھن سڀني کان زير نظر ڪتاب ”ٻاراڻي ادب جو تجزيو“ بيحد وزنائتو ۽ شانائتو آهي. ٻاراڻو ادب سِرجڻ ڏکيو ڪم شمار ٿئي ٿو. جس هجي فقير محمد سنڌيءَ کي جنھن ٻاراڻي ادب جي 14 ڪتابن جي تنقيدي جائزي تي مشتمل ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيو آهي. سندس هن ڪتاب ۾ شامل جائزن جو مطالعو ڪرڻ بعد بغير وڌاءَ جي چوڻو پوي ٿو ته پاڻ وڏي محنت ۽ محبت سان، ڪتابن جي ادبي جاچ ۽ پرک ڪيائين. جيڪا بوريت، وڌاءَ کان آجي ۽ جامع انداز ۾ ٿيل آهي. جنھن ۾ ادبي رَس، رنگيني ۽ روانيءَ جي خوبصورتيءَ سان گڏ، معيار جي به ڀرپور سڳنڌ شامل آهي. ليکڪ طرفان لکيل مقدمي ته، ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن . فقير محمد سنڌيءَ جو هي مقدمو سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ تي ڀرپور روشني وجهي ٿو. جنھن ۾ 1853ع کان وٺي 2024ع تائين، سنڌي ٻاراڻي ادب تي لکيل ڪتابن ۽ ليکڪن جي نالن ۽ سال جي وضاحت شامل آهي. هي ڪتاب پڙهڻ وَٽان آهي تنهن ڪري سنڌي ادب جي شوقينن کي ڪتاب پڙهڻ گهرجي. فقير محمد کي هن ڪارگر ڪتاب لکڻ تي ڪروڙين مبارڪون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو