چشما- جهلم لنڪ ڪئنال جي چوديواري ۾ قيد “سنڌ”..........!

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ حفظ الله ڪاڪا طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    چشما- جهلم لنڪ ڪئنال جي چوديواري ۾ قيد “سنڌ”..........!
    گلگت بلتستان جي حسناڪين کي جڏهن هنزا ندي جي ابهام جي نظر لڳي ته اتان جا رهواسي پنهنجي اباڻن اجهن کي الوداع ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا ۽ ڪک ڇڏي پرديس جي پناهه گاهن ڏانهن راهِه سفر ٿيا. پناهگاهن ۾ پهچي سندن نيڻن ۾ اٽڪيل ۽ اڀاميل ڳوڙن سندن چهرن ۽ نگاهن کي آبدار ڪري ڇڏيو هو. هنزا ندي سندن پکن کي ٻوڙڻ لاءِ بيتاب ۽ رهواسين جون نگاهون انهن کان بچڻ لاءِ نگهبان هيون. آخر واڳ ڌڻي متاثرن جي هر ممڪن سهائتا لاءِ ان چوراهي جي چوڪيداري ڪئي، جنهن کي ندي جي نازن ڀوائتا منظر ڏيکاري اجها کسڻ تي مجبور ڪيو.
    اهو عمل واقعي ساراهه جوڳو تسليم ڪرڻ کان ڪير نه ڪيٻائيندو ته ٻڌندڙ ديس واسين کي ڪنارن تائين پهچائڻ لاءِ سهارو مليو، پر ان واڳ ڌڻين کان سنڌ جا بدين، ٺٽي سميت سامونڊي پٽين وارا شهر ڇو وسري ويا آهن جتي پاڻي جي کوٽ انساني حياتي تان مذاق اڏائڻ لڳي آهي، جتي پاڻي جي پوڄا ڪرڻ لاءِ شهرين کي ڦڙو به پلئه نه ٿو پوي، جتي پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ ٿڌڪار جو سوڀ نٿي ٿئي، جيڪي پٿرن جا اڙانگها اوسا اويلي به پاڻي چڪي جي جاچ ۾ چوگرد چڪر ڪاٽين ٿا تنهن هوندي هو سهڪ جي سوڪ ختم ڪرڻ ۾ هڙان ناڪام ٿين ٿا. اهڙن ڀوائتن منظرن کان نگاهون اوجهل ڪري وفاق پاڻي جي ونڊ لاءِ پنجاب جي پيروي ڪري سنڌ جي ساهن کي سنڀاليندڙ سنڌو جا سمورا ڪنارا بند ڪري ڇڏيا. سنڌو جي ساهه مٿان ڌاڙو هڻي پنجاب سرڪار پنهنجي هيڪاندي هٺ ڌرمي جا منظر ڏيکاريا.
    شفقت مسعود جي اعزازي چيئرمين جو انتخاب ڪري وفاق ۽ پنجاب جي اڳواڻڻ انجام جي انگار ۾ ڪِرڻ جو اعتراف ڪرڻ کانپوءِ وزير اعظم کي ڪراچي اماڻي سنڌين جي پرچاءَ لاءِ پيغام ڏياري ڪراچي اماڻيو. ڪراچي ۾ سنڌ ڪابينا وزير اعظم اڳيان ان سموري پروڙيل داستان کي نکيريو جيڪو کين سنڌ جي گهٽين ۾ لهڻ سان عوامي رد عمل کانپوءِ پوءِ محسوس ٿيو.
    اعظم پروقار ان گهڙي ان بحث کي اڻ مڪمل قرار ڏئي ٻنهي صوبن جي وڏن وزيرن ۽ پاڻي جي عارضي حڪمرانن کي پنهنجي روبرو ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڪراچي کي الوداع ڪيو، ان بحث دوران ڪيتريون ئي هُلون ٿيون پر ڪو به ثابت نتيجو نه نڪتو. وزير اعظم رڳو ان اعلان تي قائم رهيو ته پاڻي مامري کي به اين ايف سي ايوارڊ جي ساڀيان جيان نچوڙيو ويندو. اهو اين ايف سي ايوارڊ جنهن خلاف سنڌ جي وڏي وزير سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته وفاقي ڪامورن ٺاهه الڳ دستاويزن تي ڪيو ۽ صدر کان صحيح ٻين ناجائز دستاويزن تي ڪرائي سنڌ سان جمهوري دور ۾ ناانصافي ڪرائي آهي. پاڻي مسئلو به جيڪڏهن اهڙي ئي آسري ۾ حل ٿيو ته پوءِ سنڌ جو ڪهڙو حال هوندو......؟ ان سوال جو جواب انهن وٽ موجود آهي، جيڪي قومي مالياتي ايوارڊ جيان دوکو ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جي پاڻي کان محروم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن.
    پاڻي مامري کي نبيرڻ لاءِ وفاقي اڳواڻڻ سنڌ ۽ پنجاب جي سربراهن کي پاڻ وٽ طلبي جيڪو فيصلو ڪيو، اهو سنڌ جي حق ۾ لاڀائٿو محسوس ٿي رهيو هو، پر سنڌ جي وڏي وزير جي ميڊيا کي بريف ڪرڻ کان سُتت ئي ارسان جو نئين سري واڳون سنڀاليندڙ سربراهه اعلان ڪيو ته چشما چئين ڏينهن تائين بند نه ٿو ڪري سگهجي، سنڌ ۽ بلوچستان جون صدائون ٻن ڏينهن ۾ پوريون ٿي وينديون. اهڙي ناسور سمتن جو جواب به اسان صرف احتجاج ڪرڻ جي ڌمڪي ۾ ڏئي ڇڏيو، جنهن جو انهن مٿان ڪو به داءُ نه ٿيو.
    سنڌ جون داهون، ڪوڪون ته واقعي ڌوڙ ٿي ويون، ڇاڪاڻ ته ارسا پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي چئن ڏينهن تائين به بند نه ڪيو، وفاق جي اڳواڻڻ سان گڏجاڻي ۾ ڪيل سموريون ڳالهيون ٻيهر ناڪام ٿيون ۽ سنڌو تان پاڻي جي چراند ۾ ڪنهن به قسم جي روڪٿام لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا. پنجاب سرڪار سنڌ جي پاڻي واري ڪيس کي جعلي سندن جي آڙ آڻي هڪ نئون روپ ڏيارڻ ۽ سنڌ واسين جي اڃ تي ڪا به ڪهل نه ڪرڻ جو مڪمل فيصلو ڪري چشما کي وهائي ڇڏيو. حڪومت ته اڃان شفقت مسعود خلاف به ڪارروائي نه ڪئي ته نئين مقرر ڪيل چيف صاحب، شفقت مسعود جي برپا ڪيل سانحي جون ساروڻين کان به بالاتار ٿي روحن کي لڄائي وڌيڪ ڏکارو ثابت ڪري ڏيکاريو. سنڌ جون سموريون صدائون سندن سِرن مان گذري ويون، ڪنهن جي به مٿي تي ڪا جونءِ نه سري. هڪ طرف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميدا مرزا پاڻي کوٽ تي سخت تي احتجاج ڪندي شفقت مسعود کي سنڌ جي سڪڻ وارو احوال ڏيکارڻ جا اعلان ڪيا ته ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري فوزيا وهاب وڏي واڪي چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي پاڻي کوٽ نه آهي، اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي ۽ فصل پڻ بمپر ٿين ٿا. اڳواڻڻ جي اهڙن متضاد بيانن سنڌ واسين لاءِ هيڪاري مونجهه پيدا ڪري ڇڏي آهي. انهن اڳواڻڻ کي جن کي ووٽ ڏئي ايوانن تائين انصاف جي التجا ڪرڻ لاءِ پهچايو، انهن ۾ پاڻ ۾ اتفاق نه رهي ته کين گڏجي هلڻ لاءِ اسان ڪهڙي مفاهمت جو درس ڏيون.
    پنهنجي شهيد اڳواڻڻ جي صوبي کي سڪندو ڏسي اڳواڻڻ اهڙيون دعوائون ڪن ته پاڻي جي ڪابه کوٽ نه آهي، جتي ڊائون اسٽريم وٽان پاڻي ڦڙي جي انتظار ۾ ويٺل مهاڻا روزي نه ملڻ ڪري بک بدحالي ۽ بي راهه روي واري زندگي گذارڻ تي مجبور هجن، بدين جا رهواسي اڃ اجهائڻ لاءِ ڊوڙندا هجن يا پوري سنڌ پاڻي جي حصول لاءِ سراپا احتجاج هجي، اتي اهڙا ٻول ٻولڻ سندين جي ساهه مٿان انصاف جي تلوار جو ٽنگيل هجڻ برابر ئي آهي.
    پاڻي سنڌو جي ڪنارن کي ڪڏهن ڇهندو، اڃايلن جون اڃون ڪڏهن ختم ٿينديون، تڙپندڙن تي ڪير ڪهل ڪندو، هنن سمورن سوالن جا جواب سنڌ واسين وٽ نه آهن........!!
    حفظ الله ڪاڪا
    ڪلفٽن ڪراچي
    0333-2945417
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: چشما- جهلم لنڪ ڪئنال جي چوديواري ۾ قيد “سنڌ”..........!

    سائين چشما جهلم لنڪ سان گڏ هاڻي ٿل ڪئنال ۾ به پاڻي جاري ٿي ويو آهي۔۔ خبر ته هاڻي پئي آهي پر جاري ته ڪڏوڪو ٿيل آهي، ان سان پنجاب جي بنجر زمينن کي آباد ڪيو ويندو۔۔ باقي سنڌ جي آباد ٿيل زمينن جو هاڻي الله واهي آهي،
    نوٽۡ: توھان کي گذارش آهي ته اڳتي اهڙا موضوع حالات حاضره سيڪشن ۾ پوسٽ ڪيا وڃن،
     
  3. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    جواب: چشما- جهلم لنڪ ڪئنال جي چوديواري ۾ قيد “سنڌ”..........!

    ادا مست
    اوهان جي همٿائڻ جي مهرباني، اوهان دوستن جو ساٿ رهيو ته آواز کي اٿاريندا رهنداسين۔
     
  4. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: چشما- جهلم لنڪ ڪئنال جي چوديواري ۾ قيد “سنڌ”..........!

    ادا اوهان جي ڳاله بجا آهي پر عرض آهي ته موضوع مطابق ليکن کي پنهنجي سوهندڙ جا تي پوسٽ ڪندو ته بهتر لڳندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سدائين گڏ
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: چشما- جهلم لنڪ ڪئنال جي چوديواري ۾ قيد “سنڌ”..........!

    مبارڪ هجي! حفظ الله ڪاڪا کي جنهن اڄ قوم ۽ عوام جي ٻولي ڳالهائي آهي، عزيز دوست ڪاڪا، شروع شروع ۾ ڪجهه معلوماتي پر هڪ طرفا ليک موڪليا هئا جنهن مان تصوير ڪجهه ڌنڌلي هئي پر اڄ جي هن ليک مان ادي ڪاڪا جي شخصيت اسان آڏو حق ۽ سچ ڳالهائين واري صحافي جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۔۔۔ بيشڪ ظلم ظلم آهي ۽ ان خلاف آواز اٿارڻ اسانجو قومي اخلاقي ۽ ديني فرض پڻ ٿئي ٿو ۔۔۔
    واڪا ڪندو رهجي ۔۔۔ متان ظالم اهو نه سمجهي ويهي ته مري ويا مور سارا ۔۔۔
    مهرباني سائين ڪاڪا صاحب،
    رب اوهانجي قلم کي سچ ۽ حق جي ڳالهه لکڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  6. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: چشما- جهلم لنڪ ڪئنال جي چوديواري ۾ قيد “سنڌ”..........!

    سنڌ جا قومپرست اڳواڻ خامِو ڇو خاموش آهن
     
  7. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    جواب: چشما- جهلم لنڪ ڪئنال جي چوديواري ۾ قيد “سنڌ”..........!

    اڪبر سائين۔۔۔
    سنڌ جا قو مپرست خاموش‌ ڇو آهن۔۔۔۔۔؟
    ان سوال جو جواب منهجي ڪنهن به سوچ جي سنوڻ ۾ موجود نه آهي، تمام گهڻي ڳولا ڪئي پر ڪو به نتيجو اخذ نه ٿي سگهيو۔۔۔۔
     
  8. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: چشما- جهلم لنڪ ڪئنال جي چوديواري ۾ قيد “سنڌ”..........!

    ادا حفظ الله جيستائين ڪو عملي ڪم نه ٿيندو تيستائين سنڌ جي مٿان اهڙيون کوڙ ساتريون مصيبتون اينديون۔۔۔۔ ان جو واحد حل اهو آهي ته پنهنجي پاڻ ۾ يڪجهتي هجي ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي پوري قوت.... هي سنڌو تي ڪئنال ٿا ٺاهن ته اسان کي هنن جي گئس يا وري روڊ رستا بند ڪرڻ کپن يا وري انهن سان اهڙو ڪم ڪرڻ کپي جنهن سان هنن کي اهڙو موچڙو لڳي جيئن اهڙين ڪُڌين حرڪتن کان باز اچن۔۔۔۔۔

    وڌيڪ اوهان پاڻ قلمڪار آهيو۔۔۔ اسان ته اُڙيا ٿڙيا ٿا جواب ويٺا ڏيون
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: چشما- جهلم لنڪ ڪئنال جي چوديواري ۾ قيد “سنڌ”..........!

    ادا سنڌ جا اصل قومپرست اڳواڻ خاموش نه آهن پر سندن جدوجهد گڏيل نه آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو