(يادن جي دري مان جهاتي) ٽنڊي الهيار شهر جا اخبار فروش تحرير : عبدالله جروار هن موضوع تي هڪ اڌ مختصر تحرير پهرين به لکي چڪو آهيان. دل چاهيو پئي ته وري ڪجھ يادگيريون لکجن. گذريل زندگي جا ورق ورائجن. اخبارون ڪتاب توڙي ريڊيو شعور جا دروازا آهن. جيڪي انسان جي ذهني اوسر سان گڏ جاڳرتا ۽ شعور به عطا ڪن ٿا. اخبار فروشن کان پهرين ذڪر اخبارن جي ايجنسي وارن جو ڪنداسين. ٽنڊو الهيار شهر هاڻ ته گهونان گهون شهر بڻجي ويو آهي. پر ڪجھ وقت اڳ ميرپورخاص کان ايندڙ حيدرآباد ويندڙ بس اسٽاپ تي وڏي رش هوندي. هڪ طرف حيدرآباد ويندڙ بسون ٻئي طرف حيدرآباد کان ميرپورخاص ويندڙ بسن جو اسٽاپ ٽنڊي الهيار ۾ هوندو هو اهو دور جڏهن اقبال ٽرانسپورٽ ڪمپني، حڪيم ٽرانسپورٽ ڪمپني جو بسون هلنديون هيون. انهن ئي بسن تي شاگردن کان اڌ ڀاڙو ورتو ويندو هو. ان وقت ٽنڊي الهيار مين اسٽاپ تي ميرپورخاص کان حيدرآباد ويندڙ ۽ ايندڙ بسون. ٽنڊي آدم ۽ چمبڙ ٽنڊو غلام علي تائين ويندڙ بسن جو اسٽاپ اتي ئي هو. ان وقت هتي ٻه بوڪ اسٽال جيڪي اخبارن جا ايجنٽ پڻ هئا. اسحاق ڀائي بوڪ اسٽال : هڪ اسحاق ڀائي جو اسٽال هو. اسحاق ڀائي پاجامو پائيندو هو. جنگ، هلال پاڪستان، اخبار جهان، عبرت اخبار، جاسوسي ڊائجسٽ، ٻيا کوڙ سارا ڊائجسٽ رسالا وٽس ايندا هئا. ٿڌي مزاج جو ماڻهو هو. صبح سويري بسن ۾ ايندڙ اخبارون لاهڻ ، انهن کي ڇانٽي ڪرڻ، تعقي ٽنڊي الهيار جي مختلف علائقن ۾ موڪلڻ توڙي مقامي ايجنٽن کي اخبارون ڏيڻ جهڙو مشقت طلب ڪم اڪيلي سر ڪندو هو. ان وقت سياسي گهما گهمي هئي. اخبارن جو وڪرو عروج تي هوندو هو. زبير ۽ مبارڪ ڀائي زبير ۽ مبارڪ ڀائي جن جو بوڪ اسٽال ٽنڊي الهيار شهر جي مين بس اسٽاپ تي ٽنڊي آدم ويندڙ بسن جي اسٽاپ تي هو. هنن جي خبر ناهي ته پاڻ ۾ عزيز هئا يا دوست يا ڀائيوار اها خبر ناهي. پر پاڻ گهڻي محبت هوندي هئڻ. آفتاب اخبار توڙي ٻين اخبارن جي ايجنسي وٽن هئي. ڪافي سنڌي اردو ادبي ڪتاب به وڪري لاء رکندا هئا. صبح سويري بسن ۾ پهتل اخبارن کي لاهي ڇانٽي ڪري. مقامي ايجنٽن کي اخبارون ڏيئي اس پاس جي ننڍن شهرن ڏانهن اخبارون موڪلي. جڏهن مهيني وار گراهڪن کي پاڻ اخبارون پهچائيندا هئا. اسان به اڪثر اخبارون ڪتاب وٽانئن وٺندا هئاسين. سٺا سادا ماڻهو هئا. اهي اخبارن توڙي سياست جي حوالي سان سرگرم دور هو. خبرن جا ذريعا ريڊيو ۽ اخبارون هئا. ريڊيو تي هونئن ئي اهم خبرون هونديون هيون. جن ۾ بي بي سي اردو سروس صبح ۽ رات جو اٺين وڳي خبرون هلنديون هيون. ڪجهه عرصو بي بي سي اردو سروس منجهند هڪ يا ڏيڍ وڳي ڌاري شارٽ ويو تي هلندي هئي. ال انڊيا ريڊيو، بعد م وائيس آف آمريڪا وغيره شروع ٿيون. جڏهن اخبارن پيرائتيون ملڪي خير ملڪي توڙي مقامي خبرون پڙهبيون هيون. اخبارن ڪجهه شوقين صبح سوير اسٽال تي اخبارون وٺڻ لاء پهچندا هئاسين. جن م لوڪ فنڪار محمد قاسم اوٺو به شامل هوندو هو. قاسم اوٺو مرحوم ان وقت ٽنڊي الهيار شهر م رهندا هئا. پاڻ جسارت اخبار وٺندا هئا. سيد اميد علي شاھ رضوي جو ڊرائيور به سويرو اخبارون کڻڻ شهر ايندو هو. صبح جو اخباري اسٽال جي چڱو چلتو هوندو هو. شهر م اخبارون وڪڻڻ وارن م هڪ نوجوان جنهن جو نالو ياد ڪونهي ڪافي اخبارون سائيڪل تي کڻي ماهانه گراهڪن کي گهرن ۽ اسين آفيسن تي پهچائيندو هو. ٻه وڏي عمر جا پيرسن اخبار فروش هوندا هئا. هڪ سائيڪل تي اخبارون کڻي روزانو وارن گراهڪن کي پهچائي بعد ۾ مارڪيٽ واري مسجد جيڪا گوشت مارڪيٽ سامهون آهي ان ڀرسان هڪ ننڍڙي دڪان ۾ گهيه وارن ڌٻن جا ڍڪ ٺاهي وڪرو ڪرڻ جو ڪم ڪندو هو. منهنجو دوست نوجوان اخبار فروش الهڏنو مڱڻهار مرحوم هو. الهڏنو مرحوم منهنجو ننڍپڻ جو دوست هو. جو ٽنڊي الهيار جي مٺن شاھ جي پاڙي جا مڱڻهارن جي اڪثريت اسان جي ڳوٺ ويجهو مشهور تاريخي ڳوٺ حمزو ٽالپر جا آهن. جنهنجو انگريزن جي دور ۾ عروج هو. اتي جا رهواسي هئا. جن الهڏني مرحوم جو والد صاحب چاچو مريد مڱڻهار، سندس ڀاء محمد عثمان جيڪي مولود پڙهندا هئا. اڪثر اسان جي ڳوٺ ايندا هئا. ڳوٺ همزي ٽالپر وارن مڱڻهارن جي آخري نشاني چاچا محمد حسين مڱڻهار آهي. جنهن جون ڪنهن حادثي ۾ تنگون ڀڄي پيون هيون. هاڻ ٽن ڦيٿن واري الٽريشن ڪيل موٽر سائيڪل تي هلندو آهي. اسان جي ڳوٺ به ڪڏهن ڪڏهن ايندو آهي. الهڏني مڱڻهار مرحوم محنتي ۽ ايماندار اخباري هاڪر طور وڏو نالو ڪمايو. آئون ۽الهڏنو مڱڻهار نائين ۽ ڏهين ڪلاس ۾ گڏ پڙهيا هئاسين. غربت ڪري الهڏنو وڌيڪ تعليم جاري نه رکي سگهيو. اخبارون وڪڻي گذر ڪرڻ لڳو هو. جڏهن ڪاوش اخبار شايع ٿيڻ لڳي ته ان جو ۽ شام واري اخبار خادم وطن جي ايجنسي الهڏني مڱڻهار مرحوم کنئي. جنهن سان سندس مڱڻهار برادري جي ڪيترن ئي نوجوانن کي اخباري هاڪر طور اڳيان اني روزگار سان لڳايائين. الهڏني جي ايجنسي کڻڻ ڪري ڪاوش اخبار اعجاز مڱڻهار کي ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو نمائندو پڻ مقرر ڪيو. الهڏني، اڪبر ۽ اعجاز مڱڻهار اخبار جي ايجنسي سان گڏ بس اسٽاپ تي مارئي ڪتاب گهر به قائم ڪيو هو. جنهن تي سٺا تاريخي ڪتاب رکيا ويا هئا پر اهو وڌيڪ عرصو نه هلي سگهيو. الهڏنو مڱڻهار مرحوم جواني ۾ ئي وفات ڪري ويو. مون کي ياد آهي ته الهڏني مرحوم وفات تي ٽنڊي الهيار جي ناليواري ڊاڪٽر پرڌان صاحب هڪ آرٽيڪل لکيو جيڪو شايد ڪاوش اخبار ۾ ڇپيو هو. پر هن وقت مون وٽ موجود ڪونهي. پراڻن اخباري هاڪرن مان هڪ پيرسن بس اسٽاپ تي اخبارون کپائيندي نظر ايندو آهي. جنهن جو نالو مون کي ياد نه پيو اچي. پورهيو ڪري پڙهايل سندس هڪ فرزند هينئر تازو استاد طور ڀرتي ٿيو آهي. منهنجي هن جهوني سان ايندي ويندي دعا سلام ٿيندي آهي. جڏهن الهڏني مڱڻهار مرحوم جي جوڙ جو اخباري هاڪر عبدالواحد سمون پڻ آهي. جنهن جو اسٽال پراڻي مرتضي ا هوٽل مين لطيف گيٽ وٽ آهي. يار ويس انسان هئڻ ڪري هر ڪنهن سان سندس سٺي دعا سلام آهي. وٽس اخبارن جو چڱو تعداد وڪري لاء هوندو آهي. ڪافي رسالا ۽ ڪتاب به هوندا اٿس. جيئن ته اليڪٽرانڪ ميڊيا، سوشل ميڊيا جي اچڻ ڪري ٻي طرف اخبارون مهانگيون ٿيڻ ڪري اخبارن جي وڪري تي وڏو اثر پيو آهي. تنهن هوندي به اخبارون چڱي تعداد م وڪرو ٿيڻ ٿيون. قلم تازو هن مضمون م هڪ شخصيت جو ذڪر ڪرڻ وسري ويو آهي. اهو آهي چاچو فتح محمد قائم خاني صاحب جيڪو رٽائرڊ پوسٽ ماسٽر آهي. نوڪري تان رٽائرڊ ٿيڻ کان ٽنڊي الهيار شهر م مختلف پڙهيل لکيل دوستن کي ڪتاب، رسالا سنڌي توڙي اردو ٻولي پهچائي رهيو آهي. جن م مهراڻ ، گل ڦل، توڙي ٻيا ڪافي ڪتاب شامل آهن. کيس جو ڪو دوست مطلوبہ ڪتاب گهرائڻ لاء چوندو آهي. ان کي اهو ڪتاب ڪجھ ڏينھن گهرائي گهر ويٺي پهچائيندو آهي. جنهن سان چئن روپين جي آمدني سان گڏ سندس وندر به آهي. Dars Ghulamrasool #pressclubtandoallahyar #memoryOfTandoallahyar Sabir Qaimkhani Suhaib Farooq Khan Mehtabi