ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (47)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    " ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (47)

    سائين مولا بخش خاصخيلي
    ڳوٺ مٺو خاصخيلي ديھ ستياري
    يونين ڪائونسل ڄارڪي تعلقه چنبڙ ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : اڪبر علي جروار

    سائين مولابخش ولد الهه بچايو خاصخيلي سندن جنم 24 آگسٽ 1953ع تي ڳوٺ مٺو خاصخيلي ۾ ٿيو شروعاتي تعليم پرائمري ٽِي ڪلاس ڳوٺ محمد علي پرهياڙ ۾ نالي واري استاد سائين جمن پرهياڙ وٽ پڙهيا جنهن کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ٿيا جتان پرائمري پنج ڪلاس پاس ڪيائون سندن پرائمري جي استادن ۾ سائين جمن پرهياڙ ، سندن ڀاءُ سائين ڌڻي بخش خاصخيلي ، سائين عبدالرحيم ۽ سائين محمد وهنيل درس شامل آهن، اڳتي مڊل اسڪول پاڪسنگهار مان اٺ ڪلاس پاس ڪيائون. اڳتي مئٽرڪ سائنس فرسٽ ڊويزن ۾ ايس ايم هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار مان سال 1972ع ۾ ڪيائون ، انٽر ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالهيار مان سال 1975 ع ۾، بي اي سال 1980ع ۾ ڪيائون . تعليمي قابليت هئڻ ڪري کين سرڪاري استاد طور نوڪري 16 آگسٽ سال 1973 ع تي ملي ،پي ٽي سي جي ٽريننگ سال 1976ع ۾ ڪيائون، سندن پهرين مقرري برانچ اسڪول سائينداد ڊيشڪ ۾ ٿي، انکانپوءِ پرائمري اسڪول حاجي عالم کوکر ،برانچ مڊل اسڪول صاحب خان جروار ، پرائمري اسڪول چوڌري برڪت علي ، گورنمينٽ پرائمري اسڪول بهادر دائيداڻو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول همزه ٽالپر ، گورنمينٽ پرائمري اسڪول بختاور پتافي ، گورنمينٽ پرائمري اسڪول صاحب خان جروار، گورنمينٽ پرائمري اسڪول الهه بخش جروار، گورنمينٽ پرائمري اسڪول بڪيرا شريف ، گورنمينٽ پرائمري اسڪول بچل بڪيرو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول مٺو خاصخيلي سميت مختلف اسڪولن ۾ تدريس جون خدمتون سرانجام ڏيڻ کانپوءِ 23 آگسٽ سال 2013 ع تي رٽائر ٿيا. پنهنجي وقت جا بهترين استاد رهيا آهن. ڪجھ عرصو مڊل اسڪول صاحب خان جروار ۾ پڙهايائون.
    [​IMG]
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سائين توھان بھترين سلسلو شروع ڪيو آھي.
    جاري رکو.. ڪم جون ڳالھيون ونڊڻ جون مھربانيون.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ھڪ تمام بھترين سلسلو
    اوھان کي جس ھجي سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو