• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (48)

عبدﷲ جروار

سينيئر رڪن
" ٻري جن ٻاري"
ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (48)

منهنجو استاد سائين محمد رمضان لاشاري المعروف سائين رمنو
مسلم اسڪول ميمڻ محلہ ٽنڊوالھيار
(اديءَ وارو اسڪول)
تحرير : حميد ميمڻ

سائين محمد رمضان (سائين رمنو) ذات لاشاري اصل رهندڙ ڳوٺ غلام حسين لنڊ پاڻ سنڌي پرائمري اسڪول ميمڻ پاڙو ٽنڊو الهيار جنهن کي ادي وارو اسڪول به ڪوٺيو ويندو آهي ان ۾ پڙهائيندا هئا ۔ پاڻ غير شادي شده رهيا۔سندس سڄي زندگي ميمڻ پاڙي ۾ گذري ۽ پاڻ ڳوٺ غلام حسين لنڊ ۾ دفن ٿيل آھن ۔

سائين رمنو ڊگهو قد ۽ مناسب جسامت رکندڙ هڪ با رعب ۽ سخت ايڊمنسٽريشن قائم ڪرڻ وارا شخص هئا ۔
مجال آھي جو سائين رمنو ڪلاس ۾ ھجي يا ٻاهر اڱڻ واري ايريا ۾ ھجي اسڪول ۾ ڪو گوڙ ٿئي اهيو تصور به ڪون ڪري سگهبو هو۔
سائين اسڪول تي تمام گهڻي توجھ ڪندا هئا ۽ پنهنجي خرچ تي دفترين تي اکر ڪٽائي ڪري اسڪول جي ڀتين تي ڪوڪن سان لڳائيندا هئا ۔

شام جو ڪلاس کانپوء سڀني ٻارن کي ٻاهر اڱڻ ۾ ھڪ ٻئي جي سامهون لائين ۾ بيهاري کوڙا ياد ڪرائيندا هئا ۔
(ايڪ ڏون ڏون ، ۔ ٻه ڏون چار، ۔ ٽي ڏون ڇھ ، چار ڏون اٺ ) سائين کوڙن جي ٽائيم تي ٻارن جي حاضري کي لازمي قرار ڏيندا هئا۔
سائين کي ٻڪرين پالڻ جو به تمام گهڻو شوق هوندو هو پاڻ اوسيتائين ماني نه کائيندا هئا جيستائين ٻڪريون گاه پاڻي کائي نه وٺن ۔
جئين ته هن اسڪول کي ادي وارو اسڪول به سڏيو ويندو آهي۔
ادي فاطمه المعروف ادي ڦاپل سندس والد جو نالو قاضي حسين هو هن اسڪول جي پاسي ۾ هڪ وڏي جڳھ ۾ ادي کٿاب هلائيندي هئي جنهن ۾ خاص ڪري ٻھراڙين جا ماڻھو پنهنجا ٻار قران جي تعليم لاء ڇڏي ويندا هئا، ان خٿاب ۾ اسان سميت ٻيا ٻار به قران شريف پڙھندا هئا ۽ پو ء ٻنپهرن جو مخصوص گهرن مان فقر وٺي ايندا هئاسين۔

جئين ته هن خٿاب ۾ ڳوٺ غلام حسين لنڊ جا گهڻا ٻار رهندا ۽ پڙھندا هئا ۽ سائين رمنو به غلام حسين لنڊ ڳوٺ سان تعلق رکندڙ هو اڪيلي هئڻ ڪري سائين جي ماني ادي جي گهران ايندي هئي ۽ سائين هن کٿاب کي جنهن ۾ قراني تعليم ڏني ويندي هئي ان گهر کي مقدس سمجهي ان جي سار سنڀال ۽ حفاظت ڪندو هو۔

سائين رٽائر ٿيڻ کانپوء اسڪول ۾ ئي رهيو۽ سندس نظر وقت سان گڏ گهٽجي گهٽجي ختم ٿي چڪي هئي ۔
آخري زندگي جا ڪافي سال ڊاڪٽر عبدالقادر ميمڻ طرفان ڏنل ڪمري ۾ گذاري۔
جس هجي ڊاڪٽر عبدالقادر جي فئملي کي جن زندگي جي آخري ڏينهن تائين سائين رمني جي خدمت ۽ نگھداشت ڪئي۔

هڪ ناقابل فراموش ۽ نا قابل يقين حقيقت!!!! ____________________________________________
جڏهن مونکي خبر پئي ته سائين رمنو بيمار ٿي پيو آھي ۽ پاڻ ڊاڪٽر قادر پاران ڏنل ڪمري ۾ رهي ٿو ۔
ان تي مون حاجي شوڪت حسين ميمڻ سان ان جو تذڪرو ڪيو ان جو تعلق سائين رمني سان هلندڙ ھو،
مون کيس خواھش ڏيکاري ته مونکي سائين رمني سان ملڻو آھي ٻي ڏينهن 12 لڳي سائين رمني سان ملڻ روانا ٿياسين۔

رستي ۾ عجيب خيال ايندا رهيا ته هي ملاقات تقريبن 40 سال کانپوء ٿي رهي آھي اهو تجسس وڌندو رهيو ته سائين مونکي سڃاڻي سگهندو به يا نه؟ ننڍ پڻ ۾ سائين رمنو بازار جا ننڍا ننڍا ڪم مونکان ڪرائيندو هو ۽ پڙھڻ ۾ به آئون ڪجھ بهتر هوندو هئس ان کان سواء منھنجي والد جو سائين رمني سان ذاتي تعلق به ھو ان حوالي سان مونکي سائين جي توجھ وڌيڪ ملندي هئي۔

جلدئي ان ڪمري وٽ پهچي وياسين جتي سائين رهيل هو اسان اندر ڪمري ۾ گهڙياسين ته ڏٺوسين سائين هڪ ڊگهي کٽ تي ڀت واري پاسي منهن ڪري ستو پيو هو سياري جي ڪري سوڙ ۾ ويڙھيل هو۔
کٽ جي پاسي ۾ 2 هڪ سيٽر وارا پراڻا صوفه پيل هئا اسين خاموشي سان وڃي انھن تي ويٺاسين جئين ته سائين جو چھرو ڀت طرف هو اسين پٺيرا هئاسين ڪجھ لمحن کانپوء حاجي شوڪت پڇيو ته سائين جاڳو پيا ؟ ته سائين يڪدم چيو ته حاجي شوڪت آھين ؟ جنهن تي حاجي صاحب ها ۾ ورندي ڏني۔

وري خاموشي ڇائنجي وئي 5, 7 منٽن کانپوء مون حاجي شوڪت کي صرف اهو چيو ته وري ٻي دفعي اينداسين ڀلي سائين آرام ڪري منهنجو اهو چوڻ سائين يڪدم چيو ته حاجي شوڪت!! عبدالحميد آيو آھي ڇا؟!!!!

اهي لفظ ٻڌي ڇرڪي پيس مون ته پنهنجو تعارف به نه ڪرايو هو دماغ ڪم ئي نه ڪري ته هي ڇا ٿي رهيو آھي۔
يڪدم اٿي وڃي سائين جا پير پڪڙيم ۽ چيم ته سائين ها آئون عبدالحميد ئي آھيان جنهن تي پاڻ چيائين ته ،عبدالحميد بابا خوش آھين ۔ پوء ڪافي دير تائين سندس سيرانڌي ويھي ڪچھري ڪندو رھيس۔

سندس چھرو ۔سندس شخصيت۔ سندس لھجو۔ سندس چھري جا تاثرات ۽ سندس شفقت جو اظھار ڏسندو رھيس۔
اهيو ڇا هو سمجھ ۾ نه پئي آيو منهنجي ملاقات چار ڏهاڪن کانپوء ٿي رهي هئي سندن چھرو ڀت جي طرف ۽ پاڻ بلڪل نابينا هئا پوء به سندس لا شعور ۾ (sound drum ) ۾ منهنجو آواز محفوظ ٿيل هو اڄ به اهومنظر سوچي خيالن ۾ گم ٿي ويندو آھيان ته ائين به ٿي سگهي ٿو ڪڏهن ته اعتبار ئي نه ايندو آھي پر اها حقيقت آھي جيڪا مونسان ٿي گذري آھي،

سائين سان ڳالھيون ڪندي تصور ۾ ساڳيو اسڪول جنھن ۾ سائين رمنو ٻانھن واري ڪاٺ جي ڪرسي تي ويٺل ۽ اسان ٻار سامھون پيل ڊگھين بئنچن تي ويٺل آھيون ۔

ھٿن۾ ڪاٺ جون پٽيون آھن الف انب۔ ب بلا۔ ٻ۔ٻڪري ۔ت۔تارو زور سان پڙھي رھيا آھيون ته ڪڏھين وا ڙي تارا۔گول تارا۔۽ ڪڏھين ۔ جو کير پيئي سو وير ٿئي جي ورد ۾ لڳا پيا آھيون۔
سائين جي پاسي ورائڻ تي تصور ٽٽو ۔ سائين جي پيرن تي ھٿ رکي کائنس اجازت ورتم۔
اھو ھو منھنجو سائين رمنو۔
#HameedMemon
Tufail Ahmed Memon Msm
#personalitiesoftandoallahyar
#TandoAllahyar
#historyoftandoallahyar
Suhaib Farooq Khan Mehtabi
#memonMuhallaTandoAllahyar
 
Back
Top