ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (49)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (49)

    سائين عزيز الرحمان لغاري صاحب
    اڳوڻو استاد ۽ انچارج هيڊ ماستر گورنمينٽ ايس ايم هاء اسڪول ٽنڊوالهيار ۽ هاڻ استاد نوول راء هيرانند هاء اسڪول حيدرآباد
    ترتيب : عبدالله جروار
    سائين عزيز الرحمان لغاري صاحب محنتي جفاڪش بهترين استاد آهن. سائين منهنجي گذارش تي پاڻ پروفائيل لکي موڪليو اٿن. ان موجب ئي سلسلي ۾ شامل ڪجي ٿو. سائين جي زندگي مسلسل جدوجهد ۾ گذري آهي. هاڻ سائين جن ٽنڊي الهيار کان حيدرآباد شفٽ ٿي ويا آهن. محنت واري استاد کي هر هنڌ عزت ملي ٿي. ان جو مثال سائين عزيز الرحمان لغاري صاحب جن آهن.

    سائين منھنجو جنم 11 مئي 1966ع تي تعلقي سنڌڙي جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ رستم خان لغاري ۾ ٿيو جتي مون ٻالڪپڻ جا 3 سال گذاريا٠ پوء بابا سائين نوڪري جي سلسلي ۾ تلھار شفٽ ٿيو جتان وري 1971 ع ۾ الھيار جي ٽنڊي جي پريم نگر پاڙي ۾ رھائش اختيار ڪئي ـ منھنجو پھريون استاد سائين مولوي محمد عيسا خاراني ھو جنھن وٽ مون قرآن پاڪ پڙھڻ شروع ڪيو جنھن کان پوء سائين مولوي نور محمد بروھي قرآن پاڪ مڪمل ڪرايو ان وقت منھنجي ڄمار 7 سال ھئي.
    پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاء بابا مرحوم پريم نگر جي لياقت پرائمري اسڪول وٺي ويو پر ھيڊ ماستر اھو چئي مون کي داخلا نـ ڏني تـ ھي سنڌي ٻار آھي ۽ اسان جو اسڪول اردو ميڊيم جو آھي
    جنھن کان پوء بابا مون کي مين سنڌي پرائمري اسڪول مارڪيٽ واري ۾ داخلا وٺي ڏني ـ جتي منھنجو پھريون استاد مرحوم سائين محمد عمر سومرو ھو ـ سائين عمر پنج سال منھنجو ڪلاس ٽيچر رھيو ـ سائين عمر جي صورتخطي نھايت عاليشان ھئي ـ پاڻ سڀني شاگردن جا ھڏ ڏوکي ھئا غريب شاگردن کي سليٽ _ڪاپي پين وٺي ڏيندا ھئا ڪنھن شاگرد کي بک لڳندي ھئي تـ شئي گھراء کارائيندا ھئا.
    اسڪول جي پھرئين ڏينھن رسيس واري گھنٽي کي آئون موڪل جي گھنٽي سمجھي گھر اچي ويس ـ اڻواقف ھئس پر صبح جو جنھن گھٽين مان بابا وٺي آيو ھو آئون انھن مان ڦرندو گھر اچي ويس ـ ڏينھن جا ٻـ يا اڍائي ٿيا ھئا تـ گھر جو دروازو وڳو مون ڊوڙي وڃي دروازو کوليو تـ سامھون سائين عمر بيٺو ھو ـ ڪاوڙ ما چيائين تـ حاجي صاحب کي سڏـ ڪر پوء جو احوال سمجھي ويا ھوندا تـ مون سان ڇا وھيو واپريو ھوندو ـ بھر حال منھنجو شفيق استاد منھنجو رھبر شل رب کيس جنت الفردوس ۾ بلند مقام عطا ڪري ـآمين
    پرائمري تعليم 1977ع ۾ مڪمل ڪري سنڌ ماڊل ھاء اسڪول ۾ داخلا لاء پھتس تـ ھيڊ ماستر سائين قادر بخش عرف سائين موٽر ھو جنھن مونکي داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ـ ڪافي مذاڪرات کان پوء ان شرط تي داخلا ملي تـ ويھڻ جي لاء آئون پنھنجي ڪرسي کڻي ايندس ـ شام جو بابا مون کي ڪرسي وٺي ڏني ۽ صبح جو آئون قلم -ڪاپي ۽ ڪتاب ٿيلھي ۾ وجھي ڪرسي مٿي تي کڻي ايس ايم اسڪول پھتس ـ جتي ڇھين ڪلاس ۾ منھنجو ڪلاس ٽيچر سائين لعل خان چانڊيو ھو جيڪو محنتي ۽ شفيق استاد ھو ـ سائين جن ھڪ سال پڙھايو ۽ پوء شايد لاڙڪاڻو ھليو ويو.

    ايس ايم اسڪول ۾ سڀئي استاد موتي داڻن مثل ھئا انھن نصابي ۽ غير نصابي سر گرمين ۾ منھنجي رھنمائي ۽ تربيت ڪئي جنھن ۾ خاص طور سائين عنايت ، سائين ناظم ۽ سائين محسن شاھ قابل ذڪر آھن ـ ٻين استادن ۾ سائين اسرار آرائين ، سائين غلام محمد، سائين ماڻڪ رام ، سائين عبداللہ، سائين علي نواز کوسو ، سائين عثمان بوزدار ـ سائين مولوي عبدالحق ـ سائين مولوي محمد خان، سائين مير لياقت ٽالپر وغيرہ پنھنجي پنھنجي مضمونن جا ڏات ڌڻي ھئا.
    ھڪ ڳالھ جيڪا ياد اچي وئي تـ مون قرآن پاڪ جي ناظرا تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوء فارسي جي تعليم بـ حاصل ڪئي ـ منھنجو فارسي جو استاد بـ سائين مولوي نور محمد بروھي ھو ـ فارسي جا ڪتاب گلستان بوستان گرامر سان پڙھيا ـ پر فارسي جو رواج ختم ٿي چڪو ھو ۽ ٻولي ڳالھائڻ جو رواج نـ ھجڻ جي ڪري فارسي زبان وسري وئي.
    خيرن سان ايس ايم اسڪول مان 1982 ع ۾ مئٽرڪ B گريڊ ۾ پاس ڪري سنڌ ماڊل ڪاليج ۾ داخلا ورتي جتي بـ بھترين استاد مليا جنھن ۾ سائين اميد علي شاھ بخاري ، سائين پٿومل ، سائين انور صاحب جي وساريان تہ بہ نٿا وسرن ـ انٽر C گريڊ ۾ پاس ڪئي ڇو تـ پڙھائي بدران ڪرڪيٽ ۽ سياست مون تي حاوي ٿي ويا ـ بھرحال شاھ لطيف ڪاليج ميرپرخاص ۾ BSC ۾ داخلا ورتي ۽ اتان وري 1987ع ۾ گريجوءشن حاصل ڪئي ـ
    مون کي 1987ع ۾ JST جو آرڊر مڊل اسڪول کمبڙي لڳ ميرواھ مليو جتي آئون ٻہ سال رھيس پوء چو چوان ڪرائي بدلي ڪرائي حيدرآباد نور محمد ھاء اسڪول ۾ پھتس ـ ھن اسڪول ۾ آئون ٽي مھينا رھيس ـ ان کان پوء آئون HST سائنس ٽيچر جي حيٽيت سان ايس ايم اسڪول ۾ پنھنجن قابل احترام استادن سان گڏ استاد ٿي ويس ـ مون کي ان وقت بـ پنھنجن استادن کان خوف ٿيندو ھو ـاھو خوف سندن عزت ۽ احترام وارو خوف ھو
    ايس ايم اسڪول ۾ منھنجا ھيڊ ماستر صاحبان قاضي محمد خان - سائين قادر بخش گراڻو - سائين حاجي عبداللہ دائوداڻي - سائين محمود علي آرائين - سائين نصير قائم خاني - سائين عنايت ميمڻ رھيا ـ استادن ۾ مون کي پڙھائيندڙ استادن سان گڏ نوان چھرا بـ ھئا جن ۾ سائين حاجي غلام رسول پرھياڙ - سائين عبدالغفور دائوداڻي ـ سائين غلام نبي دائوداڻي شامل آھن - مون کان پوء سائين لطيف دائوداڻي ـ ضھمير سمون ـ ليلا رام ـ نندلال ـ ڪيول راجپوت ـ ڪيول سوٽھڙ ـ نجيب احمد قمبراڻي ـ ميھار خاصخيلي ـ احسان خاصخيلي دلدار دائود پوٽو ـ ڦلو مل ـ مولوي عبدالجبار ـ جاويد شاھ ڏاڏاھي ـ حنيف جروارـ آصف ابرار ـ جمشيد پاٽولي ـ گل حسن جويو ۽ ٻيا بـ ڪيترائي استاد ايس ايم اسڪول جي سٿ ۾ سمائجي ويا ـ سڀني سان محبت ۽ ڀائچاري جي مالھا جڙي وئي.
    مون حساب ۽ عربي کان سواء ھر مضمون پڙھايو ـ سائين اسرار جي حڪم تي مون ڪيمسٽري پڙھائي ـ ھن سبجيڪٽ ۾ آئون موڳو ھئس پر سائين اسرار جو چوڻ ھو تـ جيڪو سبجيڪٽ نـ اچي اھو پڙھائڻ گھرجي ـ جيڪو ٽاپڪ مون کي ڪلاس ۾ پڙھائڻو ھوندو ھو اھو آئون گھران پڙھي ايندو ھوس وري اسڪول ۾ سائين اسرار مون کان اھو ٽاپڪ پڇندو ھو ۽ سوال جواب ڪندو ھو ۽ ڪنھن بـ مشڪل جي وضا حت ڪري سمجھائيندو ھو ـ پوء آئون ڪلاس ۾ وڃي اھو ٽاپڪ بھترين طريقي سان پڙھائي ايندو ھوس ـ ڪڏھن ڪڏھن سائين ڪلاس جي ٻاھران لڪي لڪي ڏسندو ھو تـ آئون ڪھڙي طريقي سان پڙھايان پيو ـ ان وقت اسڪول ۾ مئٽرڪ ڪلاس جا شاگرد بھترين ۽ ھوشيار ھئا پر سائين اسرار جي سمجھاڻي جي ڪري مون کي ڪا بـ مشڪلات نـ ٿي ـ مون ٽي سال ڪيمسٽري پڙھائي.
    وري مون کي سائين اسرار حڪم ڏنو تـ ھاڻ آئون فزڪس پڙھايان ـ مون سائين کي عرض ڪيو تـ مون کي ڪيمسٽري ۾ ڪمانڊ حاصل ٿي وئي آھي فزڪس ۾ وري محنت ڪرڻي پوندي تـ سائين چيو تـ ھي وقت آھي تون محنت ڪر اھڙي طرح فزڪس پڙھائڻ شرو ع ڪئي ـ ٿيوري ۾ سائين اسرار وري بـ ساڳئي طريقي سان منھنجي رھنمائي ڪئي ـ فزڪس جا پرابلم سائين غلام نبي دائوداڻي جي مدد ۽ سمجھاڻي سان حل ڪندو ھوس ـ وري جڏهن انگلش سبجيڪٽ مليو تـ سائين عنايت ۽ سائين ناظم منهنجي رھنمائي ڪندا ھئا ـ اھو سلسلو ھلندو رھيو ـ نصاب سان گڏ غير نصابي سرگرمين ۾ بـ اسڪول جو نالو روشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ٠راندين جي مقابلن ۾ اسڪول جي شاگردن کي اھليت جي بنياد تي چونڊ ڪري ٽيمون ٺاھيم ٠ 1992ع ۾ اسڪول جي شاگردن پھريون دفعو ڪرڪيٽ ـ والي بال ۽ بيڊمنٽن جا مقابلا کٽيا ٠ فٽبال جي بـ ٽيم ٺاھيم ـ ٻھراڙي جا ٻار فٽبال جي فائنل ۾ پڄي ويا ـ جتي انھن جو مقابلو دارالعلوم اسڪول سان ھو جنهن جي ٽيم ۾ بلوچ شاگرد رانديگر ھوندا ھئاـ جنهن جي قومي راند فٽبال ھئي ـ استادن مون کي منع ڪيو تـ فٽبال ۾ اسان جي ٽيم گھٽ ۾ گھٽ 50 گولن تان ھارائيندي ـ مون بہ توڪل ڪري ٽيم موڪلي ـ مئچ شروع ٿيو ، اسان جي ٽيم پھرين ھاف ۾ بلوچن کي ڪو بـ گول ڪرڻ نـ ڏنو ـ سڀ حيران ھئا ـ راند جي ٻي حصي ۾ اسان جا شاگرد ٿڪجي پيا پر زبردست مقابلي کان پوء ٽن گولن تان شڪست ملي ـ جيڪا اصل ۾ منهنجي اڻتجربيڪار شاگردن جي فتح ھئي
    اسڪول ۾ الوداعي پارٽي منعقد ٿيندي ھئي پر محدود پئماني تي ڪلاس روم ۾ ـ سائين غفور دائوداڻي ۽ مون گڏجي ٻين استادن جي سھڪار سان الوداعي پارٽي کي اسڪول جي اڱڻ تي منعقد ڪيو ـ اسڪول جي شاگردن ڀرپور حصو ورتو ـ پارٽي ۾ خاڪا ۽ خبرون آئون لکندو ھوس ـ ٽيبلو ۽ گيتن جي چونڊ سائين غفور ڪندو ھو ـ
    ھڪ دفعو آئون منھنجي مھربان چاچا ڊاڪٽر پرڌان جي اسپتال مان نڪري رھيو ھوس تـ اسپتال جي دروازي وٽ فقير محمد ڍول مليو ـ دعا سلام کان پوء چيائين تـ دوست کي سرڪاري ھاء اسڪولن جي لاء ڪجھ لائبريريون مليل آھن ـ پنھنجي شھر جو بـ ڪو اسڪول ٻڌايو ـ مون پڇيو مانس تـ تو مئٽرڪ ڪٿان پاس ڪئي آھي ـ چيائين تـ ايس ايم اسڪول مان ـ مون چيو مانس تـ پٺيان ڪنڌ وراء ڏس انھي کان وڌيڪ ڪو اسڪول آھي ـ اھڙي طرح فقير محمد ڍول ۽ پروفيسر اسحاق سميجي صاحب جي تعاون سا ن ھڪ بھترين لائيبريري اسڪول کي ملي ـ جتي اسان ٻارن لاء ھفتي ۾ ھڪ دفعو لائبريري جو پيرڊ بـ رکيو ـ وڌيڪ اخبارون ۽ رسالا بـ گھراءڻ شروع ڪيا ـ
    مون کي اسڪول جي رڪارڊ مان ھڪ رسالو جيڪو 1956ع ۾ ڇپيو ھو ۽ ھڪ اخبار مخزن جي نالي سان ھٿ آئي ـ ڪجھ پراڻيون تصويرون بـ مليون ـ مون سوچيو تـ اسڪول جو رسالو شايع ڪجي ـ آئون منھنجي قابل احترام چاچا سائين مرتضا ڏاڏاھي وٽ پھتس ـ بس سائين چيو تـ اھو رسالو ضرور شايع ٿيندو ـ لڳي ويس ڪم کي ـ مون سا گڏ منھنجا دوست سائين جاويد شاھ ـ فقير محمد ڍول ـ حنيف جروار ـ عبداخالق دائود پوٽو ـ سائين عنايت ميمڻ ـ چاچا پرڌان سائين مرتضا ڏاڏاھي شامل ھئا ـ ڪٿان ھاڪار تـ ڪٿان مايوسي ـ ڪڏھن ڪڏھن تـ صفا ھمت ھاري ويھندو ھوس پر سائين مرتضا چوندو ھو تـ ڀلي ڪير ڪجھ بـ چوي رسالو تـ شايع ٿيندو ـ رسالي ۾ 80 سيڪڙو مواد مون پاڻ لکيو پر ان کي شايع ٻين استادن جي نالن سان ڪيم ڪافي دوستن مالي مدد بـ ڪئي ـ اھڙي طرح ھڪ ڏينھن منھنجي خواب کي تعبير ملي پر ھڪ ڏک ٻيو بـ ٿيم تـ حاجي نورمحمد ٿيٻو جيڪو اسڪول جو پھريون شاگرد ھو اھو ھي ڪتاب ڏسي نـ سگھيو پر حاجي صاحب پروف چيڪ ڪرڻ لاء آيل ڪاپي ضرور ڏٺي ھئي
    31 ڊسمبر 2011 ع تي سائين عنايت ميمڻ رٽائر ٿيو ـ مون کي سڏ ڪري چيائين تـ سڀني سينئر استادن جي صلاح سان آئون اسڪول جي چارج اوھان جي حوالي ڪري رھيو آھيان ـ اھڙي طرح پھرين جنوري 2012ع کان اسڪول جو انچارج ھيڊ ماستر ٿيس ـ منهنجي خوشنصيبي اھا ھئي تـ جنهن اسڪول ۾ آئون پڙھيس انھي جو سربراھ ٿيس ـ دوستن جو تعاون گھڻو مليو ـ ڪجھ تبديليون ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم پر ناڪام رھيس ـ قرآن شريف جو پيرڊ رکيم تـ ٻھراڙي جا ٻار قران شريف پڙھن ـ حسابن مان جاميٽري کي الڳ ڪيم ـ انگلش مان جاميٽري کي الڳ ڪيم ـ انگلش ۽ سنڌي صورتخطي جو پيرڊ بـ رکيم تـ جيئن ٻارن جا اکر سٺا ٿين پر ٠٠٠٠٠٠٠٠

    2014ع ۾ سائين الھ ڏنو لغاري ھيڊ ماستر مقرر ٿي آيو ـ چارج سائين جي حوالي ڪيم ۽ ڪجھ وقت
    [​IMG]
    کانپوء ڪجھ مجبورين جي ڪري الھيار جي ٽنڊي کي نـ چاھيندي دوستن کي ڇڏي حيدرآباد لڏو کڻي اچي وسايم ـ دل ۾ ٽنڊي جي دوستن جون ۽ منهنجي زندگي جون انمول ۽ اڻ کٽ يادون ڪڏھن ڪڏھن نير جي صورت ۾ نڪري نروار ٿينديون آھن ـ حيدرآباد ۾ نول راء ھيرآنند ھاء اسڪول ۾ جي ـ آر انچارج آھيان، ھتي بـ سٺا دوست مليا آھن ـ 10 مئي 2026ع ۾ رٽائر ٿيندس ـ خبر نـ آھي تـ آئون اڳ ۾ رٽائر ٿيندس يا زندگي اڳ ۾ مون مان ھٿ ڪڍندي ـ

    Aziz Laghari
    #personalitiesoftandoallahyar
    #TandoAllahyar
    #SMhighSchoolTandoallahyar
    #historyoftandoallahyar
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو