ڪتاب "صدين جي اُڃ"(ڪهاڻيون) ليکڪہ ارشاد سومرو...! تبصرو - فقير محمد سنڌي. جڏهن روح جُڙيوم، لنءُ تڏهن کان لاڳي، آلاپي الحمد، سوره ورجائي ساڳي، لفظ سنڌ سڀاڳي، لکيم لوح قلم تي. ميڊم ارشاد سومري جي جنم ڀومي رتوديرو آهي. رتوديرو به سنڌ جي ٻين شهرن وانگر پنھنجي تاريخي حيثيت رکي ٿو. صحافت، سياست، ادب، تاريخي جڳھون ۽ لوڪ ادب ۾ هن شهر جو بهترين تعارف به موجود آهي. "ڏسي رتيءَ جون ماڙيون، واھ واھ رتوديرو." ڏيھان ڏيھ مشھور آھي. ڪتاب "صدين جي اڃ" ۾ ديس واسين جي درد ڪٿا جا منظر 14 ڪھاڻين جي صورت ۾ پڙهڻ جهڙيون آهن. معاشري ۾ اڌ رنگ ورتل سوچ کي ڪهاڻيڪاره لفظ جو روپ ڏئي امرتا بخشي آهي. پيڪاڪ پبلشر، ڪراچي سنڌ جو اپريل 2021ع جو 198ڪتاب جي ارپنا، ڪھاڻيڪاره ادب جي جاکوڙي ۽ شعور وندن جي نالي ڪئي آهي جنهن ۾، محترم حميد سنڌي، گلبدن جاويد مرزا ۽ مجيب ناريجي جي نانءُ ٿيل آهي. ڪتاب "صدين جي اڄ" جي پهرين ڪهاڻي "سوال" آهي جيڪا ضمير جي سجاڳيءَ سان گڏ ضمير کي جنجهوڙي سجاڳ به ڪري ٿي. ڪھاڻيءَ جو آخري حصو پڙهندڙن لاءِ جنھن ۾ بختاور کي معاشري تي ويساھ محسوس ٿئي ٿو. " امان بختاور! اوهان جو جذبو ساراھ جوڳو آهي پر يتيمن جي خدمت کان به وڌيڪ پيري ۾ ماءُ پيءُ جي خدمت ڪرڻ وڏي عبادت آهي. مان توکي گذارش ڪندس ته، اوهان گلڻ سان گڏ گهر وڃو. گلڻ کي هن وقت اولاد جي سھاري جي ضرورت آهي. ڪمالو نه ته پوءِ بختاور ئي سھي." تڏهن ته، مير سردار چنڙ لکيو آهي ته :" ارشاد سومرو جي ڪھاڻيءَ ۾ سادگي سڌي سھڻي ٻولي آهي. ڪھاڻين ۾ اڪثر چوڻيون پھاڪا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. " يوسف شاهين جي وائي جو ڪجھ حصو آهي ته:" ڳلي ڳلي ڳائي، ڏيان ڏس هزار، ماندا ٿيو نہ ماڻهئا، ايندي مند ملار، ايندي مند ملار. ڪھاڻي "صدين جي اڄ" ۾ فقير هڪ ديدار کي مند بهار سمجهي ٿو يا قلبي سڪون لاءِ آرام جو سبب. ڪھاڻيءَ جو ڪجھ حصو :" ڪٽورو پاڻيءَ جو پيار تہ، صدين جي اڃ اوجهائي واپس وڃان" سانوڻ فقير جي صدا تي حويليءَ جي نوڪرياڻي مائي سوني، پاڻيءَ جو ڪٽورو کڻي حويليءَ مان حاضر ٿي پر سانوڻ فقير ڪٽورو وٺڻ کان ئي نابري واري ڇڏي هن پنھنجا جملا وري ورجايا. هيءُ ڪٽورو واپس کڻي وڃ ۽ سهڻي کي هٿ ٻڌي التجا ڪجهه ته هن فقير تي ترس ڪري پنھنجي ھڪ جهلڪ ڏيکاري ته، منگتو موٽي ماڳ ويندو. " عشق تڪليف جو سبب بڻجي ٿو، ديدار فرحت جو باحث آهي. اصغر گگو لکي ٿو ته :" ارشاد سومرو وٽ ڌرتيءَ سان ۽ ان جي ماڻھن سان جيڪو محبت جو رشتو آهي سو روح وارو آهي." انساني جسم ۾ سڀ کان محنتي حصو دماغ آهي جنھن ۾ جهاتي پائڻ سان حال جو احوال ميڊم ارشاد سومرو جي ڪھاڻين ۾ هر پهلو نج کير جيئان صاف آهي. شبنم گل سڀني ڪھاڻين کي پڙهي پنھنجي راءِ هن ريت بيان ٿي ڪري. شبنم گل لکي ٿي ته :" ارشاد جا موضوع سماج جي مسئلن ۽ منفي روين بابت آهن. سماجي حقيقت نگاري تي ٻڌل اهي موضوع، سماج جي چهرن تي پيل ڪيترن نقابن کي وائکو ڪن ٿا." جيئن "باغي" ڪهاڻي ۾ سڪينا جو فيصلو هڪ طرفو آهي پوءِ بہ ڌرتي کي بچائڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار طارق قريشي لکيو آهي. ڪتاب ۾ موجود ڪھاڻين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سمجهاڻي طور ڪافي حوالا پيش ڪيا آهن. صحفي 19هين جو ڪجھ حصو" هيءَ هڪ عجيب ڪھاڻي آهي جنھن ۾ سهڻي آهي پر هن جو مڙس ڏم جهڙو ڪونھي. وري سانوڻ فقير، ميھار وانگر درياھ جي ٻئي پار ڪونه ٿو ويٺو رهي، بلڪہ سمنڊ جھاڳي، سهڻيءَ وٽ پاڻ ٿو ڪھي اچي ۽ سهڻي به ته سهڻي ڪونھي ڇو تہ هن کي وقت جي ميھار (سانوڻ) سان ڪو سروڪار ئي ناهي. هن عجيب ڪھاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر بلاول ڪنھن راءِ ڏياج جهڙو سخي ٿو لڳي جو پنھنجي هستيءَ جو ڪنڌ، سانوڻ فقير جي محبت جي ڪٽار تي پاڻ ئي رکي ٿو. " منھنجي خيال مطابق سڳھ بہ معاشرو ڏيندو آهي ۽ ڪمزوريءَ جا پل به معاشرو ئي ارپيندو آهي. ڌرتيءَ جي سار ۽ انھن جي جذبن جي سار ڪنھن غنيمت کان گهٽ ڪونھن . اهڙيون ڪھاڻيون " صدين جي اڃ " ڪتاب ۾ موجود آهن جيڪا اڃ ڪٿي پوري ٿيئڻي ڪونھي. ڪتاب" صدين جي اڃ" جو بيڪ ٽائيٽل گلبدن جاويد مرزا لکيو آهي، لکي ٿي تہ:"ارشاد سومرو جي لکڻين ۾ زندگيءَ سان لاڳاپيل انساني اهنجن، سماجي اڻبرابرين ۽ ڌرتيءَ سان ويساھ گهاتي ڪندڙن لاءِ مزاحمت آهن." ارشاد سومرو سنڌي ڪهاڻي جو اهو خوبصورت تعارف آهي جنهن جي ڪهاڻين ۾ هر دور جي سوچ کي واضع نموني سان پيش ٿيل آهي . ارشاد سومري جي ڪهاڻيءَ جو هر منظر پڙهندڙن سان ڳالھائي ٿو.